Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 4:11 - Sindhi Bible

11 اي اسان جا خداوند ۽ اسان جا خدا، تون تعظيم ۽ عزت ۽ قدرت جي لائق آهين: ڇالاءِ جو تو سڀ شيون پيدا ڪيون، ۽ تنهنجي مرضيءَ ڪري اُهي پيدا ٿيون ۽ هستيءَ ۾ آيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 ”اي پرڀو، اسان جا ايشور! تون مهما، مان‌سمان ۽ شڪتيءَ جي لائق آهين، ڇاڪاڻ تہ تو ئي سڀ شيون پيدا ڪيون آهن. هائو، تنهنجي ئي مرضيءَ سان هر ڪا شيءِ پيدا ٿي ۽ وجود ۾ آئي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 ”اي خداوند، اسان جا خدا! تون تعظيم، عزت ۽ قدرت جي لائق آهين، ڇاڪاڻ تہ تو ئي سڀ شيون پيدا ڪيون آهن. هائو، تنهنجي ئي مرضيءَ سان هر ڪا شيءِ پيدا ٿي ۽ وجود ۾ آئي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 ”اي اسان جا خداوند ۽ خدا! تون تعظيم، عزت ۽ قدرت جي لائق آھين، ڇالاءِ⁠جو تو ئي سڀ شيون پيدا ڪيون ۽ تنھنجيءَ ئي مرضيءَ سان پيدا ٿيون ۽ وجود ۾ آيون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 4:11
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خدا شروعات ۾ آسمان ۽ زمين کي پيدا ڪيو.


آءٌ خداوند کي سڏيندس، جو تعريف جي لائق آهي: انهيءَ ڪري آءٌ پنهنجن دشمنن کان ڇٽي پوندس.


تنهن کانپوءِ لاوين، يعني يشوع، ۽ قدمي ايل، باني، حسبنياہ، سربياہ، هودياہ، سبنياہ، ۽ فتحياہ چيو تہ اُٿي بيهو، ۽ خداوند پنهنجي خدا کي هميشہ کان وٺي هميشہ تائين مبارڪ چئو: تہ شل تنهنجو سڳورو نالو مبارڪ هجي، جو سڀ حمد ۽ تعريف کان اعليٰ آهي.


آءٌ پنهنجي سياڻپ پري کان آڻيندس، ۽ سچائي پنهنجي خالق جي نالي تي ليکيندس.


آءٌ خداوند کي جو تعريف جي لائق آهي پڪاريندس: ۽ ائين آءٌ پنهنجن دشمنن کان بچي ويندس.


اوهين خدا کي ئي تعظيم ڏيو، هن جي شوڪت اسرائيل ۾ آهي، ۽ سندس قدرت آسمانن ۾ آهي.


ڇالاءِ جو ڇهن ڏينهن ۾ خداوند آسمان ۽ زمين ۽ سمنڊ ۽ ٻيو سڀڪي، جو انهن ۾ آهي، سو جوڙيو ۽ ستين ڏينهن آرام ڪيائين؛ انهيءَ ڪري خداوند سبت جي ڏينهن کي برڪت ڏني ۽ انهيءَ کي پاڪ ٺهرايائين.


خداوند سڀڪا شيءِ پنهنجي مطلب لاءِ جوڙي آهي: هائو، بلڪ شريرن کي برائيءَ جي ڏينهن لاءِ بہ.


پنهنجون اکيون مٿي کڻو ۽ ڏسو تہ هنن سڀني کي ڪنهن خلقيو آهي، ۽ ڪير انهن جي لشڪرن کي شمار ڪري آڻي ٿو: هو انهن سڀني کي نالي سان سڏي ٿو؛ هن جي قدرت جي عظمت ۽ سندس گهڻيءَ طاقت جي ڪري هڪڙو بہ گهٽ نٿو ٿئي.


توکي خبر ناهي ڇا؟ تو ٻڌو ناهي ڇا؟ تہ خداوند، خدا، جو هميشہ قائم آهي، ۽ ساري زمين جو خالق، سو ماندو نٿو ٿئي، نڪي ٿڪجي ٿو؛ هن جي سمجهہ پروڙڻ جي نہ آهي.


اوهين انهن کي هيئن چئو تہ اهڙا معبود جن آسمان ۽ زمين کي پيدا نہ ڪيو آهي سي زمين تان ۽ آسمان جي هيٺان چٽ ٿي ويندا.


اي خداوند خدا، ڏس، تو پنهنجي وڏي قدرت سان ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان آسمان ۽ زمين ٻئي جوڙيا آهن؛ تنهنجي لاءِ ڪوبہ ڪم مشڪل ناهي:


اي صاحبو، اوهين هي ڇا ٿا ڪريو؟ اسين بہ اوهان جا هم جنس انسان آهيون، ۽ اوهان کي خوشخبري ٿا ٻُڌايون، تہ اوهين هنن ڪوڙين شين کان پاسو ڪري، انهي جيئري خدا ڏانهن ڦري اچو، جنهن آسمان ۽ زمين ۽ سمنڊ، ۽ ٻيو جيڪي منجهن آهي سو پيدا ڪيو آهي:


جنهن خدا دنيا ۽ جيڪي شيون منجهس آهن، سي سڀيئي پيدا ڪيون آهن، سو آسمان ۽ زمين جو خدا ٿي ڪري، هٿن جي جوڙيلن مندرن ۾ نٿو رهي؛


ڇالاءِ جو سڀ شيون اُنهي جي طرفان ۽ انهي جي وسيلي ۽ اُنهي جي لاءِ آهن. اُنهي جو هميشہ تائين جلال هجي. آمين.


۽ سڀني ماڻهن تي اها ڳالهہ ظاهر ڪريان، تہ سڀني شين جي خالق ۾ ازل کان جو راز پوشيدو هو، تنهن جو انتظام ڪهڙو آهي؛


اهو ٽڪر آهي، ۽ سندس ڪم ڪامل آهي؛ ڇالاءِ جو هن جا سڀ رستا انصاف وارا آهن: هو سچو ۽ گناهہ کان پاڪ آهي، هو عادل ۽ راستباز آهي.


۽ ”اي خداوند، تو شروع ۾ زمين جو بنياد وڌو؛ ۽ آسمان تنهنجي هٿن جي ڪاريگري آهن:


۽ هاڻي هن زماني جي پڇاڙيءَ ۾ اسان سان فرزند جي معرفت ڪلام ڪيو اٿس، جنهن کي هن سڀني شين جو وارث مقرر ڪيو، ۽ جنهن جي وسيلي هن جهان بہ پيدا ڪيا؛


۽ اسان کي هڪڙي بادشاهت بنايو، ۽ پنهنجي خدا يعني پيءُ لاءِ ڪاهن ڪيو؛ انهي جي وڏائي ۽ بادشاهي شل هميشہ تائين قائم هجي، آمين.


۽ جيڪو هميشہ جيئرو آهي، ۽ جنهن آسمان ۽ جيڪي منجهس آهي، ۽ زمين ۽ جيڪي منجهس آهي، ۽ سمنڊ ۽ جيڪي منجهس آهي سو پيدا ڪيو، تنهن جو قسم کڻي چيائين تہ، وڌيڪ دير نہ ٿيندي!


۽ هن وڏي آواز سان چيو تہ خدا کان ڊڄو ۽ سندس تمجيد ڪريو؛ ڇالاءِ جو عدالت جو وقت اچي پهتو آهي! ۽ جنهن آسمان، ۽ زمين، ۽ سمنڊ، ۽ پاڻيءَ جا چشما پيدا ڪيا، انهي جي بندگي ڪريو.


انهن ڳالهين کانپوءِ مون آسمان تي ڄڻ تہ هڪڙي ميڙاڪي جو وڏو آواز ٻُڌو، جنهن چيو تہ هاليلوياهہ، نجات، ۽ جلال، ۽ قدرت اسان جي خدا جي آهي:


۽ اُنهن وڏي آواز سان پئي چيو تہ جيڪو گهيٽو ڪُٺو ويو آهي سو قدرت، ۽ دولت، ۽ حڪمت، ۽ طاقت، ۽ عزت، ۽ جلال، ۽ تمجيد جي لائق آهي.


۽ مون هڪڙي زور واري ملائڪ کي وڏي آواز سان هيءَ منادي ڪندو ڏٺو، تہ هن ڪتاب جي کولڻ ۽ انهي جي مهر ڀڃڻ جي لائق ڪير آهي؟


۽ هڪڙو نئون راڳ ڳائڻ لڳا، تہ تون انهي ڪتاب وٺڻ ۽ اُنهي جي مهرن کولڻ جي لائق آهين: ڇالاءِ جو تون ڪُٺو ويو هئين، ۽ سڀ ڪنهن قبيلي، ۽ ٻوليءَ، ۽ اُمت، ۽ قوم جي ماڻهن کي پنهنجي رت سان تو ملهہ ورتو آهي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ