Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 4:1 - Sindhi Bible

1 انهن ڳالهين کانپوءِ مون نهاريو ۽ ڏٺو تہ آسمان ۾ هڪڙو کليل دروازو آهي، ۽ پهريون آواز جو مون ٻُڌو، سو تريءَ جهڙو هو، جنهن مون سان ڳالهائي چيو تہ هيڏانهن اچ، تہ آئون توکي اهي ڳالهيون ڏيکاريندس جي هن کانپوءِ ٿيڻ واريون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 انهن ڳالهين کان پوءِ مون آڪاش ڏانهن نهاريو تہ ڇا ڏسان تہ انهيءَ ۾ هڪڙو کُليل دروازو آهي! ان وقت اهو توتاري جهڙو آواز جيڪو مون اڳ ۾ ٻڌو هو، سو وري ٻڌڻ ۾ آيو ۽ چيائين تہ ”هيڏانهن مٿي اچ تہ آءٌ تو کي اهو ڪجھہ ڏيکاريان، جيڪو هن کان پوءِ ٿيڻ وارو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 انهن ڳالهين کان پوءِ مون آسمان ڏانهن نهاريو تہ ڇا ڏسان تہ انهيءَ ۾ هڪڙو کُليل دروازو آهي! ان وقت اهو توتاري جهڙو آواز جيڪو مون اڳ ۾ ٻڌو هو، سو وري ٻڌڻ ۾ آيو ۽ چيائين تہ ”هيڏانهن مٿي اچ تہ آءٌ تو کي اهو ڪجھہ ڏيکاريان، جيڪو هن کان پوءِ ٿيڻ وارو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 انھن ڳالھين کان پوءِ مون نھاريو تہ آسمان ۾ ھڪڙو کليل دروازو ڏٺم، ۽ اھو توتاري جھڙو آواز جيڪو مون اڳ ۾ ٻڌو ھو، سو وري ٻڌڻ ۾ آيو ۽ چيائين تہ ”ھيڏانھن اچ تہ آءٌ تو کي اھي ڳالھيون ڏيکاريان، جيڪي ھن کان پوءِ ٿيڻ واريون آھن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 4:1
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي اسرائيل جا پٽ، جي مصر مان آيا، تن جا نالا هي آهن، سڀ ڪو پنهنجي خاندان سوڌو يعقوب سان گڏجي آيو.


تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو تہ هيٺ لهي وڃي هارون کي پاڻ سان مٿي وٺي اچ؛ پر ڪاهن ۽ ٻيا ماڻهو حدون ڀڃي خداوند وٽ مٿي نہ اچن، متان هو مٿن ڪڙڪي پوي.


پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ تون جبل تي چڙهي مون وٽ اچ، ۽ اتي اچي رهہ؛ ۽ آءٌ توکي پهڻ جون تختيون ڏيندس، ۽ اها شريعت، ۽ اُهي حڪم ڏيندوسان جي مون لکيا آهن، تہ تون هنن کي سيکارين.


بهتر ائين آهي تہ توکي چون تہ اڳيان وڌي اچ، انهيءَ کان تہ جنهن بادشاهہ کي تنهنجن اکين ڏٺو آهي تنهنجي حضور ۾ توکي هيٺ ويهارين.


ٽيهين ورهيہ ۾، چوٿين مهيني جي پنجين تاريخ هيئن ٿيو، تہ جنهن وقت آءٌ ڪبار نديءَ جي ڪناري تي قيدين منجهہ هوس، انهي وقت آسمان کُلي پيو ۽ مون خدا جا رويا ڏٺا.


۽ جڏهن يسوع بپتسما وٺي رهيو، تڏهن يڪدم پاڻيءَ مان نڪري ٻاهر آيو، ۽ ڏسو تہ آسمان سندس لاءِ کُلي پيو، ۽ هن خدا جو روح ڪبوتر وانگر لهندو ۽ پاڻ تي ايندو ڏٺو.


۽ پاڻيءَ مان ٻاهر نڪرڻ شرط، هن آسمان کي کليل ۽ روح کي ڪبوتر وانگر پاڻ تي لهندو ڏٺو:


پوءِ هيئن ٿيو جو جڏهن سڀيئي ماڻهو بپتسما وٺي چڪا، تڏهن يسوع بہ بپتسما وٺي دعا پئي گهُري، تہ آسمان کُلي پيو،


پر جڏهن اهو، يعني سچ جو روح ايندو، تڏهن هو اوهان جو سونهون ٿي اوهان کي سموري سچ ۾ آڻيندو: ڇالاءِ جو هو پاڻو نہ چوندو، پر جيڪي ڳالهيون ٻُڌندو سي ئي چوندو: ۽ جيڪي ڳالهيون ٿيڻ واريون آهن، سي اوهان کي ظاهر ڪري ٻڌائيندو.


۽ ڇا ٿو ڏسي، تہ آسمان کُليو پيو آهي ۽ هڪڙو ٿانءُ وڏيءَ چادر وانگر چئني ڪُنڊن کان لٽڪيل هيٺ زمين تي پيو لهي:


۽ چيائين تہ اِجهو، آئون ڏسان ٿو تہ آسمان کُليو پيو آهي ۽ ابن آدم خدا جي ساڄي پاسي بيٺو آهي.


خداوند جي ڏينهن آئون روح ۾ اچي ويس، ۽ پنهنجي پٺيان تريءَ جهڙو هڪڙو وڏو آواز ٻُڌم.


۽ جنهن آواز مون سان ڳالهايو، تنهن جي ڏسڻ لاءِ جڏهن آئون ڦريس، تڏهن ست سونا شمعدان ڏٺم،


تنهنڪري اهي ڳالهيون جي تو ڏٺيون، ۽ اهي ڳالهيون جي آهن، ۽ اهي ڳالهيون جي هن کانپوءِ جلد ٿيڻيون آهن، سي لک؛


۽ هنن آسمان مان هڪڙو وڏو آواز ٻُڌو، جنهن کين چيو تہ هيڏانهن اچو! ۽ هو ڪڪر تي چڙهي آسمان ۾ ويا؛ ۽ سندن دشمنن کين ڏٺو.


۽ خدا جو هيڪل، جو آسمان ۾ آهي، سو کوليو ويو؛ ۽ سندس عهد جي صندوق هيڪل ۾ ڏسڻ ۾ آئي؛ پوءِ کنوڻيون، ۽ آواز، ۽ گجگوڙيون ٿيڻ لڳيون، ۽ زلزلو ٿيو، ۽ وڏا ڳڙا پيا.


۽ ستين پنهنجو پيالو هوا ۾ اوتيو؛ ۽ هيڪل مان تخت جي پاسي کان هڪڙو وڏو آواز آيو، جنهن چيو تہ پورو ٿيو!


۽ مون ڏٺو تہ آسمان کليل هو، ۽ ڏسو، هڪڙو اڇو گهوڙو نڪتو، جنهن تي هڪڙو سوار هو جنهن جو نالو آهي ايماندار ۽ سچار؛ ۽ اهو راستبازيءَ سان انصاف ۽ جنگ ٿو ڪري.


۽ هن مون کي چيو تہ هي ڳالهيون اعتبار جوڳيون ۽ سچيون آهن: ۽ خداوند، نبين جي روحن جي خدا، پنهنجو ملائڪ انهي لاءِ موڪليو تہ پنهنجن ٻانهن کي اهي ڳالهيون ڏيکاري، جي ضرور جلد ٿيڻ واريون آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ