Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 22:9 - Sindhi Bible

9 ۽ هن مون کي چيو تہ ڏس، ائين نہ ڪر؛ آئون تو سان ۽ تنهنجي ڀائرن نبين سان، ۽ جيڪي هن ڪتاب جي ڳالهين تي هلن ٿا، تن سان گڏ خدمت ڪرڻ وارو آهيان. خدا کي ئي سجدو ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 پر هن چيو تہ ”خبردار، متان ائين ڪرين! رڳو ايشور آڏو ئي سيس نواءِ! آءٌ تہ تو وانگر، ٻين سنديش ڏيندڙن وانگر ۽ هن شاستر جي ڳالهين تي عمل ڪرڻ وارن وانگر سيوا ڪرڻ وارو آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 پر هن چيو تہ ”خبردار، متان ائين ڪرين! رڳو خدا کي ئي سجدو ڪر! آءٌ تہ تو وانگر، ٻين پيغام ڏيندڙن وانگر ۽ هن ڪتاب جي ڳالهين تي عمل ڪرڻ وارن وانگر خدمت ڪرڻ وارو آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 پر ھن چيو تہ ”ڏس، متان ائين ڪرين. آءٌ تو سان، ٻين نبين سان ۽ ھن ڪتاب جي ڳالھين تي عمل ڪرڻ وارن سان گڏ خدمت ڪرڻ وارو آھيان. رڳو خدا کي سجدو ڪر.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 22:9
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جنهن خداوند اوهان کي وڏي قدرت ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان مصر جي زمين مان ڪڍي ٻاهر آندو، تنهن کان اوهين ڊڄجو، ۽ انهيءَ کي اوهين سجدو ڏجو، ۽ انهيءَ لاءِ اوهين قربانيون چاڙهجو:


پوءِ بادشاهہ تنهنجيءَ سونهن تي سڪندو: هو تنهنجو ڌڻي آهي؛ تون کيس سجدو ڪر.


اوهين ڪنهن بہ ٻئي معبود جي عبادت نہ ڪجو، ڇالاءِ جو خداوند، جنهن جو نالو غيور آهي، سو غيرت وارو خدا آهي.


۽ چيائينس، تہ جي تون پيرين پئي مون کي سجدو ڪندين، تہ آئون توکي هي سڀ شيون ڏيندس.


سو جي تون منهنجي اڳيان سجدو ڪرين تہ هيءُ سڀ تنهنجو ٿيندو.


يا جڏهن تون آسمان ڏانهن نهارين، ۽ سج، چنڊ ۽ تارا يعني آسمان جي ساري خلقت کي ڏسي گمراهہ ٿين ۽ انهن کي سجدو ڪرين، ۽ انهن جي عبادت ڪرين، جن کي خداوند تنهنجي خدا زمين جي سڀني قومن لاءِ رکيو آهي.


۽ اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا جو فرزند آيو آهي، ۽ اسان کي سمجهہ ڏني اٿس، تہ جيڪو سچو آهي تنهن کي ڄاڻون؛ ۽ جيڪو سچو آهي تنهن ۾ اسين آهيون، يعني سندس فرزند يسوع مسيح ۾. اهوئي سچو خدا ۽ هميشہ جي زندگي آهي.


يسوع مسيح جو مڪاشفو، جو خدا هن کي انهي لاءِ ڏنو تہ پنهنجن بندن کي اُهي ڳالهيون ڏيکاري، جي ضرور جلد ٿيڻ واريون آهن: ۽ هن پنهنجو ملائڪ موڪلي انهي جي معرفت پنهنجي بندي يوحنا تي اُهي ظاهر ڪيون؛


جنهن چيو تہ جيڪي تون ڏسين ٿو سو ڪتاب ۾ لک، ۽ اُهو ستن ئي ڪليسيائن ڏانهن ڏياري موڪل؛ يعني افسس ڏانهن، ۽ سمرنہ ڏانهن، ۽ پرگمن ڏانهن، ۽ ٿواتيرہ ڏانهن، ۽ سرديس ڏانهن، ۽ فلدلفيہ ڏانهن، ۽ لوديڪيہ ڏانهن.


۽ هن وڏي آواز سان چيو تہ خدا کان ڊڄو ۽ سندس تمجيد ڪريو؛ ڇالاءِ جو عدالت جو وقت اچي پهتو آهي! ۽ جنهن آسمان، ۽ زمين، ۽ سمنڊ، ۽ پاڻيءَ جا چشما پيدا ڪيا، انهي جي بندگي ڪريو.


اي خداوند، ڪير توکان نہ ڊڄندو ۽ تنهنجي نالي جي وڏائي نہ ڳائيندو؟ ڇالاءِ جو تون ئي اڪيلو پاڪ آهين؛ ۽ سڀيئي قومون تنهنجي اڳيان سجدو ڪنديون، جو تنهنجي انصاف جا ڪم پڌرا ٿيا آهن.


۽ آئون کيس سجدي ڪرڻ لاءِ سندس پيرن تي ڪِري پيس. ۽ هن مون کي چيو تہ ڏس، متان ائين ڪرين: آئون تو سان ۽ جيڪي تنهنجا ڀائر يسوع جي شاهديءَ تي قائم آهن، تن سان گڏ خدمت ڪرڻ وارو آهيان؛ خدا کي سجدو ڪر: ڇالاءِ جو يسوع جي شاهدي نبوت جو روح آهي.


۽ هن مون کي چيو تہ هن ڪتاب جي نبوت جي ڳالهين تي مهر نہ هڻ؛ ڇالاءِ جو اهو وقت ويجهو آهي.


جيڪو بہ ماڻهو هن ڪتاب جي نبوت جون ڳالهيون ٻُڌي ٿو، تنهن لاءِ آئون شاهدي ٿو ڏيان، تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو اُنهن ۾ ڪي گڏيندو تہ خدا هن ڪتاب ۾ لکيل آفتون مٿس آڻيندو:


۽ ڏس، آئون جلد ٿو اچان. مبارڪ اُهو آهي جو هن ڪتاب جي نبوت جي ڳالهين تي ٿو هلي.


تڏهن جيڪو تخت تي ويٺو آهي، تنهن جي اڳيان اهي چوويهہ بزرگ سجدو ٿا ڪن، ۽ جو سدائين جيئرو آهي، تنهن کي سجدو ڪري، ۽ تخت جي اڳيان پنهنجا تاج رکي ٿا چون تہ


۽ باقي ماڻهو جي انهن آفتن جي ڪري نہ مُئا، تن پنهنجي هٿن جي ڪمن کان توبهہ نہ ڪئي، ۽ نہ انهيءَ کان، تہ بدروحن جي، ۽ سون، ۽ چاندي، ۽ پتل، ۽ پهڻ، ۽ ڪاٺ جي بُتن جي عبادت نہ ڪن؛ جي نہ ڏسن، نہ ٻُڌن ٿا، نڪي هلي ٿا سگهن:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ