Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 22:20 - Sindhi Bible

20 جيڪو هنن ڳالهين جي شاهدي ٿو ڀري، سو چوي ٿو تہ: هائو، آئون جلد ٿو اچان. آمين. اي خداوند يسوع، اچ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 جيڪو هنن ڳالهين جي شاهدي ٿو ڏئي، سو چوي ٿو تہ ”بيشڪ، آءٌ جلد اچڻ وارو آهيان.“ آمين. اي پرڀو يسوع! اچ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 جيڪو هنن ڳالهين جي شاهدي ٿو ڏئي، سو چوي ٿو تہ ”بيشڪ، آءٌ جلد اچڻ وارو آهيان.“ آمين. اي خداوند عيسيٰ! اچ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 جيڪو ھنن ڳالھين جي شاھدي ٿو ڏئي، سو چوي ٿو تہ ”بيشڪ آءٌ جلد اچڻ وارو آھيان.“ آمين. اي خداوند عيسيٰ! اچ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 22:20
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي منهنجا محبوب جلدي ڪر، ۽ هرڻ يا ٻٺڙي جهڙو ٿيءُ، جو مصالحن جي جبلن تي هجي.


۽ انهيءَ ڏينهن چوڻ ۾ ايندو تہ ڏسو، هي اسان جو خدا آهي؛ اسان هن جي لاءِ منتظر رهيا آهيون، ۽ هو اسان کي بچائيندو: هي خداوند آهي؛ اسين هن جي لاءِ منتظر رهيا آهيون، اسين هن جي نجات ڪري خوش ۽ سرها ٿينداسين.


۽ ٻيون بہ گهڻيئي ڳالهيون آهن جي يسوع ڪيون، اُهي جي هڪڙي هڪڙي ڪري ويهي لکجن تہ آئون ڀانيان ٿو تہ ايترا ڪتاب لکجي وڃن جو هوند دنيا ۾ نہ مائجن.


جيڪڏهن ڪو شخص خداوند کي پيار نٿو ڪري، تہ انهي تي شل لعنت هجي. خداوند اچڻ وارو آهي.


هن کان پوءِ منهنجي لاءِ راستبازيءَ جو تاج تيار رکيو آهي، جو عادل منصف يعني خداوند انهي ڏينهن مون کي ڏيندو: ۽ نہ رڳو مون کي پر انهن سڀني کي جي سندس ظهور جا مشتاق آهن.


”ڇالاءِ جو تمام ٿوري مدت باقي آهي جو اچڻ وارو ايندو ۽ دير نہ ڪندو.


تهڙيءَ طرح مسيح بہ هڪڙي ئي ڀيري گهڻن جي گناهن کڻڻ لاءِ قربان ٿي، ٻيو ڀيرو نہ گناهہ جي فيصلي لاءِ پر نجات جي لاءِ، انهن کي ڏيکاري ڏيندو، جي سندس انتظار ۾ آهن.


۽ جيئرو آهيان؛ آئون مُئو هوس، ۽ ڏس، آئون هميشہ تائين جيئرو رهندس، ۽ مون وٽ موت ۽ مُئلن جي عالم جون ڪنجيون آهن.


جنهن خدا جي ڪلام جي گواهي ۽ يسوع مسيح جي شاهدي ڏني، يعني انهن شين جي، جي هن ڏٺيون.


تنهنڪري توبهہ ڪر؛ نہ تہ آئون جلد تو وٽ ايندس، ۽ پنهنجي وات جي ترار سان هنن سان وڙهندس.


۽ هن مون کي چيو تہ هن ڪتاب جي نبوت جي ڳالهين تي مهر نہ هڻ؛ ڇالاءِ جو اهو وقت ويجهو آهي.


ڏس، آئون جلد ٿو اچان؛ ۽ منهنجو اجر مون سان آهي، جو هر ڪنهن کي سندس ڪم موجب ڏيندس.


جيڪو بہ ماڻهو هن ڪتاب جي نبوت جون ڳالهيون ٻُڌي ٿو، تنهن لاءِ آئون شاهدي ٿو ڏيان، تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو اُنهن ۾ ڪي گڏيندو تہ خدا هن ڪتاب ۾ لکيل آفتون مٿس آڻيندو:


۽ ڏس، آئون جلد ٿو اچان. مبارڪ اُهو آهي جو هن ڪتاب جي نبوت جي ڳالهين تي ٿو هلي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ