Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 21:9 - Sindhi Bible

9 پوءِ اُهي ست ملائڪ جن وٽ ست پيالا هئا ۽ اُنهن پوين ستن آفتن سان ڀريل هئا، تن مان هڪڙي نڪري اچي مون سان ڳالهايو؛ ۽ چيائين تہ هيڏانهن اچ تہ آئون توکي ڪنوار ڏيکاريان، يعني گهيٽي جي زال.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 پوءِ اهي ست دوت جن جي ستن پيالن مان آخري ست آفتون نڪتيون هيون، تن مان هڪڙي اچي مون کي چيو تہ ”هيڏانهن اچ تہ آءٌ تو کي ڪنوار ڏيکاريان، جيڪا گھيٽڙي جي پتني آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 پوءِ اهي ست ملائڪ جن جي ستن پيالن مان آخري ست آفتون نڪتيون هيون، تن مان هڪڙي اچي مون کي چيو تہ ”هيڏانهن اچ تہ آءٌ تو کي ڪنوار ڏيکاريان، جيڪا گھيٽڙي جي زال آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 پوءِ اُھي ست ملائڪ جن وٽ ست پيالا ھئا ۽ پوئين ستن آفتن سان ڀريل ھئا، تن مان ھڪڙي اچي مون سان ڳالھايو ۽ چيائين تہ ”ھيڏانھن اچ تہ آءٌ تو کي ڪنوار ڏيکاريان، يعني گھيٽي جي زال.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 21:9
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع مسيح جو مڪاشفو، جو خدا هن کي انهي لاءِ ڏنو تہ پنهنجن بندن کي اُهي ڳالهيون ڏيکاري، جي ضرور جلد ٿيڻ واريون آهن: ۽ هن پنهنجو ملائڪ موڪلي انهي جي معرفت پنهنجي بندي يوحنا تي اُهي ظاهر ڪيون؛


۽ جن ستن ملائڪن وٽ ست پيالا هئا، تن مان هڪڙي اچي مون سان ڳالهايو ۽ چوڻ لڳو تہ هيڏانهن اچ تہ جيڪا وڏي ڪسبياڻي گهڻن پاڻين تي ويٺي آهي، تنهن جي سزا توکي ڏيکاريان؛


اچو تہ خوشي ڪريون ۽ ڏاڍا سرها ٿيون، ۽ کيس سجدو ڪريون، ڇالاءِ جو گهيٽي جي شاديءَ جو ڏينهن اچي پهتو آهي، ۽ سندس ڪنوار پاڻ کي تيار ڪيو آهي.


۽ هن سندس ڀت ماپي تہ ماڻهوءَ جي، يعني ملائڪ جي ماپ موجب، هڪ سؤ چوئيتاليهہ هٿ ٿي.


۽ مون پاڪ شهر يعني نئون يروشلم خدا وٽان آسمان مان لهندو ڏٺو، جو انهيءَ ڪنوار وانگر تيار ڪيو ويو هو، جا پنهنجي گهوٽ لاءِ سينگاربي آهي.


۽ هن مون کي آبِ حيات جي هڪڙي ندي ڏيکاري، جا بلور وانگر پئي چمڪي، ۽ انهي شهر جي سڙڪ جي وچ ۾ خدا ۽ گهيٽي جي تخت مان ٿي نڪتي.


۽ روح ۽ ڪنوار ٻئي چون ٿا تہ اچ. ۽ ٻُڌڻ وارو بہ ڀلي چوي تہ اچ. ۽ جيڪو اُڃايل آهي سو ڀلي اچي؛ ۽ جنهن جي مرضي هجي سو زندگيءَ جو پاڻي مفت پيئي.


۽ هن مون کي چيو تہ هي ڳالهيون اعتبار جوڳيون ۽ سچيون آهن: ۽ خداوند، نبين جي روحن جي خدا، پنهنجو ملائڪ انهي لاءِ موڪليو تہ پنهنجن ٻانهن کي اهي ڳالهيون ڏيکاري، جي ضرور جلد ٿيڻ واريون آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ