Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 21:12 - Sindhi Bible

12 هن جي ڀت وڏي ۽ مٿانهين هئي؛ ۽ ٻارهن در هئس، جن تي ٻارهن ملائڪ هئا؛ ۽ انهن تي بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جا نالا لکيل هئا:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 شهر جي وڏي ۽ مٿاهين ڪوٽ کي ٻارهن دروازا هئا، جن تي ٻارهن دوت بيٺا هئا. دروازن تي بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جا نالا لکيل هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 شهر جي وڏي ۽ مٿاهين ڪوٽ کي ٻارهن دروازا هئا، جن تي ٻارهن ملائڪ بيٺا هئا. دروازن تي بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جا نالا لکيل هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 اُن جي ڀت وڏي ۽ مٿاھين ھئي، کيس ٻارھن دروازا ھئا، جن تي ٻارھن ملائڪ بيٺا ھئا. دروازن تي بني اسرائيل جي ٻارھن قبيلن جا نالا لکيل ھئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 21:12
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اُنهن ڇهن ڏاڪن تي هڪڙي پاسي بہ ۽ ٻئي پاسي بہ ٻارهن شينهن بيٺل هئا: انهيءَ جهڙو ڪنهن بہ بادشاهت ۾ ٻيو ڪونہ هو.


ڇالاءِ جو اسين غلام آهيون؛ انهيءَ هوندي بہ اسان جي خدا اسان کي غلاميءَ ۾ بہ ڇڏي نہ ڏنو آهي، پر فارس جي بادشاهن جي نظر ۾ اسان کي رحم عطا ڪيو اٿس، جو اسان کي تازو ڪيو اٿس، تہ پنهنجي خدا جو گهر کڙو ڪريون، ۽ ان جي ڀڳل ڀريل حصن جي مرمت ڪريون، ۽ اسان کي يهوداہ ۽ يروشلم ۾ ڀت ڏني اٿس.


۽ يروشلم جي ڀت جي وقف ڪرڻ وقت سڀني جاين تان لاوين کي ڳوليائون، انهيءَ لاءِ تہ انهن کي وٺي يروشلم ۾ آڻين، تہ اها وقف ڪرڻ جي رسم خوشيءَ سان، ۽ شڪرگذاري ڪرڻ سان، ۽ جهانجهن، سنطورن، ۽ بربطن تي ڳائڻ سان بجا آڻين.


تنهنجن ڀتين جي اندر سلامتي هجي، ۽ تنهنجن محلاتن ۾ آسودگي هجي.


پنهنجي مهربانيءَ ڪري صيون سان ڀلائي ڪر؛ ۽ يروشلم جون ڀتيون اڏ.


اهي پهڻ اسرائيل جي پٽن جي نالن موافق ۽ سندن نالن جي شمار موجب ٻارهن هجن. اهي ٻارهن قبيلن جي لاءِ هجن، يعني جيئن منڊي اُڪربي آهي، تيئن هرهڪ تي هڪڙي قبيلي جو نالو اُڪريل هجي.


آءٌ تنهنجا منارا لعلن جا، ۽ تنهنجا دروازا ياقوت جا، ۽ تنهنجون سڀ ديوارون عمدن پٿرن ۽ جواهرن جون جوڙيندس.


تنهنجي ملڪ ۾ وري ظلم زبردستي ٻڌڻ ۾ نہ ايندي، نڪي تنهنجين سرحدن ۾ ويراني ۽ بربادي ٻڌڻ ۾ ايندي؛ پر تون پنهنجين ڀتين کي نجات، ۽ پنهنجن دروازن کي تعريف سڏيندينءَ.


ڏسو متان هن ننڍڙن مان ڪنهن کي حقير ڪري ڄاڻو.


ساڳيءَ ريت آئون اوهان کي چوان ٿو تہ هڪڙو گنهگار جو توبهہ ٿو ڪري، تنهن لاءِ خدا جي ملائڪن ۾ خوشي ٿي ٿئي.


۽ هيئن ٿيو جو اُهو فقير مري ويو، ۽ ملائڪن کڻي وڃي ابراهيم جي هنج ۾ رکيس؛ ۽ شاهوڪار بہ مري ويو، ۽ وڃي دفن ڪيائونس.


۽ انهي واعدي جي پوري ٿيڻ جي اُميد تي اسان جا ٻارهن ئي قبيلا ڏاڍي دل سان رات ڏينهن خدا جي عبادت پيا ڪن. انهيءَ ئي اميد جي ڪري، بادشاهہ سائين، يهودين مون تي هيءَ تهمت رکي آهي.


هو سڀ خدمت ڪندڙ روح نہ آهن ڇا، جي اُنهن جي خدمت ڪرڻ واسطي موڪليا ٿا وڃن، جن کي نجات جو ورثو مليو آهي؟


ٽي در اُڀرندي ڏانهن هئا، ٽي در اُتر ڏانهن؛ ٽي در ڏکڻ ڏانهن، ۽ ٽي در اُلهندي ڏانهن هئا.


۽ جنهن مون سان ڳالهايو ٿي تنهن وٽ، شهر ۽ انهي جي دروازن ۽ سندس ڀت ماپڻ لاءِ هڪڙي سوني لٺ هئي.


۽ سندس در ڏينهن جو ڪنهن بہ طرح بند نہ ٿيندا (۽ اُتي رات ٿيندي ئي ڪانہ.)


مبارڪ آهن اُهي، جي پنهنجا ڪپڙا ڌوئي صاف ٿا ڪن، اُهي زندگيءَ جي وڻ جا حقدار ٿيندا ۽ انهي شهر ۾ درن مان گهڙندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ