Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 21:11 - Sindhi Bible

11 جنهن ۾ خدا جو جلال هو: انهي جو چمڪاٽ تمام قيمتي جواهر جهڙو هو، ڄڻ تہ زبرجد، بلور جهڙو صاف.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 اُن ۾ ايشور جي جوت هئي ۽ اهو تمام قيمتي هيري جواهر وانگر چمڪي رهيو هو، ڄڻ تہ زبرجد ۽ اهڙو صاف هو جهڙو بلور.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 اُن ۾ خدا جو جلوو هو ۽ اهو تمام قيمتي هيري جواهر وانگر چمڪي رهيو هو، ڄڻ تہ زبرجد ۽ اهڙو صاف هو جهڙو بلور.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 اُن ۾ خدا جو جلوو ھو ۽ تمام قيمتي ھيري جواھر وانگر چمڪي رھيو ھو، ڄڻ تہ زبرجد ۽ اھڙو صاف جھڙو بلور.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 21:11
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

نہ سون نہ شيشو ان جي برابري ڪري سگهن ٿا: نڪي اُچي سون جا زيور انهيءَ جي بدلي ۾ ٿيندا.


۽ خداوند صيون جبل جي سڀ ڪنهن مڪان تي، ۽ ان جي جماعتن تي، ڏينهن جو ڪڪر ۽ دونهون، ۽ رات جو شعلي وانگر باهہ جو سوجهرو پيدا ڪندو: ڇالاءِ جو انهيءَ ساري جلال تي هڪڙي ڇٽي پکيڙي ويندي.


۽ ساهہ وارن جي مٿي جي مٿان گنبذ وانگر هڪڙو آسمان هو؛ جنهن جو رنگ خوفناڪ بلور جهڙو هو، جو انهن جي مٿن جي مٿان پکڙيل هو.


۽ جيڪو آسمان انهن جي مٿن جي مٿان هو، تنهن جي مٿان تخت جهڙي هڪڙي شيءِ هئي، جا نيلم پهڻ جهڙي ڏسڻ ۾ ٿي آئي: ۽ انهيءَ تخت جهڙي شيءِ جي مٿان هڪڙي ماڻهوءَ جهڙي شڪل ڏسڻ ۾ ٿي آئي.


تنهنجي واپار جي گهڻائي کان هنن تنهنجو وچ ظلم زبردستيءَ سان ڀري ڇڏيو، ۽ تو گناهہ ڪيو آهي: تنهنڪري مون توکي پليت ڄاڻي خدا جي جبل تان اُڇلائي ڇڏيو آهي، ۽ اي ڇانوَ ڏيندڙ ڪروبي، مون توکي باهہ جي پٿرن جي وچ مان ناس ڪري ڇڏيو آهي.


۽ ڏسو، اسرائيل جي خدا جو جلال اُڀرندي پاسي کان آيو: ۽ هن جو آواز گهڻين پاڻين جي آواز جهڙو هو: ۽ زمين هن جي جلال سان چمڪڻ لڳي.


اهو شهر چوڌاري ارڙهن هزار ڪانا ٿيندو: ۽ شهر جو نالو انهي ڏينهن کان پوءِ اهو ٿيندو خداوند اُتي آهي.


۽ اُها پاڪ جاءِ خدا جي جلال ۽ سندس قدرت جي دونهين سان ڀرجي ويئي؛ ۽ جيسين اُنهن ستن ملائڪن جون ست آفتون پوريون نہ ٿيون، تيسين ڪوبہ انهيءَ پاڪ جاءِ ۾ گهڙي نہ سگهيو.


۽ هن مون کي آبِ حيات جي هڪڙي ندي ڏيکاري، جا بلور وانگر پئي چمڪي، ۽ انهي شهر جي سڙڪ جي وچ ۾ خدا ۽ گهيٽي جي تخت مان ٿي نڪتي.


۽ اڳتي وري رات ڪانہ ٿيندي؛ ۽ انهن کي چراغ يا سج جي روشنيءَ جي ضرورت ڪانہ پوندي، ڇالاءِ جو خداوند خدا انهن کي روشنائي ڏيندو؛ ۽ اُهي هميشہ تائين بادشاهي ڪندا.


۽ جيڪو انهي تي ويٺو هو سو زبرجد ۽ عقيق جهڙو هو؛ ۽ تخت جي چوڌاري اڌنڪ هئي، جا ڏسڻ ۾ زمرد جهڙي هئي.


۽ تخت جي اڳيان بلور جهڙو ڄڻ هڪڙو شيشي جو سمنڊ هو؛ ۽ تخت جي وچ ۾ ۽ تخت جي آس پاس، چار جاندار هئا، جن کي اڳيان توڙي پٺيان اکيون ئي اکيون هيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ