Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 20:8 - Sindhi Bible

8 ۽ ٻاهر وڃي جيڪي قومون زمين جي چئن ئي ڪنڊن ۾ آهن، تن کي يعني ياجوج ۽ ماجوج کي ٺڳيندو، ۽ جنگ جي لاءِ گڏ ڪندو: انهن جو تعداد سمنڊ جي واريءَ جيترو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 هو ٻاهر نڪري ڌرتيءَ جي چئني ڪنڊن جي قومن، يعني جوج ۽ ماجوج کي ڀڙڪائيندو ۽ کين جنگ جي لاءِ گڏ ڪندو. انهن جو تعداد سمنڊ جي واريءَ جي ذرڙن جيترو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 هو ٻاهر نڪري ڌرتيءَ جي چئني ڪنڊن جي قومن، يعني ياجوج ۽ ماجوج کي ڀڙڪائيندو ۽ کين جنگ جي لاءِ گڏ ڪندو. انهن جو تعداد سمنڊ جي واريءَ جي ذرڙن جيترو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 ھو ٻاھر وڃي زمين جي چئني ڪنڊن جي قومن، يعني ياجوج ۽ ماجوج کي ٺڳيندو ۽ کين جنگ جي لاءِ گڏ ڪندو. انھن جو تعداد سمنڊ جي واريءَ جيترو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 20:8
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يهوداہ ۽ اسرائيل جي قوم ايتري گهڻي هئي جيتري سمنڊ جي ڪناري جي واري، ۽ اُهي ماڻهو کائيندا پيئندا ۽ مزا ماڻيندا ٿي وتيا.


۽ هن چيو تہ آءٌ نڪري ويندس ۽ هن جي سڀني نبين جي وات ۾ ڪوڙ ڳالهائيندڙ روح ٿيندس. ۽ هن چيو تہ تون هن کي ڌتاريندين، ۽ هن تي غالب بہ پوندين: وڃ، وڃي ائين ڪر.


ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ تنهنجي قوم اسرائيل سمنڊ جي واريءَ جيتري هوندي تہ بہ انهن مان ڪي ٿورا موٽندا: پوريءَ سچائي سان بربادي ٺهرائي ويئي آهي.


جيئن آسمان جو لشڪر شمار ڪري سگهڻ جو ناهي، نڪي سمنڊ جي واري ماپي سگهڻ جي آهي؛ تيئن آءٌ پنهنجي ٻانهي دائود جي اولاد کي، ۽ پنهنجن خدمتگارن لاوين کي وڌائيندس.


۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ


اي آدمزاد، تون پنهنجو رخ جوج ڏانهن ڪر، جو ماجوج جي زمين ۾ آهي، ۽ روش، مسڪ ۽ توبل جو بادشاهہ آهي، ۽ انهي جي برخلاف نبوت ڪر،


اي آدمزاد، جوج جي برخلاف نبوت ڪر ۽ چئُہ، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس اي جوج، روش، مشڪ ۽ توبل جا بادشاهہ، آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان:


۽ آءٌ ماجوج تي، ۽ جيڪي ماڻهو ٻيٽن ۾ سلامتيءَ سان رهن ٿا تن تي، باهہ نازل ڪندس؛ ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.


اي آدمزاد، خداوند خدا اسرائيل جي ملڪ کي ٿو فرمائي تہ پڇاڙي، يعني ملڪ جي چئني ڪُنڊن تي پڇاڙي آئي آهي.


۽ انهي ڪري هڪڙو شخص جو تمام پيرسن هو، تنهن مان آسمان جي تارن جيترا، ۽ سمنڊ جي ڪناري جي واريءَ جيترا، بيشمار ماڻهو پيدا ٿيا.


۽ اهو وڏو ازدها يعني اهو قديم نانگ، جو ابليس ۽ شيطان سڏبو آهي، ۽ ساري جهان کي گمراهہ ڪندو آهي، سو زمين تي اُڇلايو ويو، ۽ سندس ملائڪ بہ ساڻس گڏ هيٺ اُڇلايا ويا.


ڇالاءِ جو اهي ڀوتن جا روح آهن، جي نشان ٿا ڏيکارين؛ اهي ساريءَ زمين جي بادشاهن وٽ وڃن ٿا، تان تہ قادر مطلق خدا جي عظيم ڏينهن جي جنگ لاءِ کين گڏ ڪن.


۽ شيطان جنهن کين گمراهہ ڪيو هو، سو باهہ ۽ گندرف جي ڍنڍ ۾ اُڇلايو ويندو، جتي اهو حيوان ۽ ڪوڙو نبي بہ آهي؛ ۽ اهي رات ڏينهن اتي هميشہ تائين عذاب پيا سهندا.


۽ اُنهيءَ اوڙاهہ ۾ اُڇلائي اتي بند ڪري ڇڏيائينس، ۽ مٿس مهر هڻي ڇڏيائين، تہ هزار ورهين جي پوري ٿيڻ تائين وري قومن کي گمراهہ نہ ڪري؛ انهي کانپوءِ ٿوري وقت تائين کيس ڇوڙيو ويندو.


انهي کانپوءِ زمين جي چئني ڪنڊن تي چار ملائڪ بيٺل هئا، جي زمين جي چئني هوائن کي جهليو بيٺا هئا، تہ زمين تي، يا سمنڊ تي يا ڪنهن بہ وڻ تي هوا اصل ئي نہ لڳي.


۽ مدياني ۽ عماليقي، ۽ سڀ اُڀرندي وارا ماڻهو واديءَ ۾ مڪڙن وانگر ميڙ ڪيو لٿا پيا هئا؛ ۽ هنن جا اُٺ اهڙا بيشمار هئا جهڙي واري، جا سمنڊ جي ڪناري تي هوندي آهي.


۽ فلستي بہ اسرائيل سان وڙهڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا، ٽيهہ هزار جنگي گاڏيون، ۽ ڇهہ هزار گهوڙي سوار، ۽ ايترا بيشمار ماڻهو، جهڙي واري جا سمنڊ جي ڪناري تي آهي: ۽ هو ڪاهي آيا، ۽ اچي مڪماس ۾، بيت آون جي اُڀرندي ڏانهن تنبو هنيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ