Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 2:13 - Sindhi Bible

13 مون کي خبر آهي تہ تون ڪٿي ٿو رهين، يعني اُتي جتي شيطان جو تخت آهي: ۽ تون منهنجي نالي تي قائم آهين، ۽ جن ڏينهن ۾ منهنجو ايماندار شاهد انتيپاس اوهان منجهہ قتل ڪيو ويو، جتي شيطان ٿو رهي، تن ڏينهن ۾ بہ اوهان منهنجي ايمان جو انڪار نہ ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 ”آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين ڪٿي ٿا رهو، يعني اتي جتي شيطان جو تخت آهي. اوهين منهنجي نالي تي قائم آهيو ۽ اوهان انهن ڏينهن ۾ بہ مون تي وشواس رکڻ نہ ڇڏيو، جڏهن منهنجو وفادار شاهد انتپاس اوهان جي شهر ۾ ماريو ويو جتي شيطان رهي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 ”آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين ڪٿي ٿا رهو، يعني اتي جتي شيطان جو تخت آهي. اوهين منهنجي نالي تي قائم آهيو ۽ اوهان انهن ڏينهن ۾ بہ مون تي ايمان رکڻ نہ ڇڏيو، جڏهن منهنجو وفادار شاهد انتپاس اوهان جي شهر ۾ ماريو ويو جتي شيطان رهي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 مون کي خبر آھي تہ اوھين ڪٿي ٿا رھو، يعني اتي جتي شيطان جو تخت آھي. اوھين منھنجي نالي تي قائم آھيو ۽ اوھان انھن ڏينھن ۾ بہ مون تي ايمان آڻڻ نہ ڇڏيو، جڏھن اوھان منجھان منھنجو وفادار شاھد انتيپاس ان جاءِ تي ماريو ويو جتي شيطان رھي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 2:13
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جڏهن اوهان کي هڪڙي شهر ۾ ستائين تڏهن ڀڄي ٻئي ۾ وڃجو. ڇالاءِ جو آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اوهين اڃا اسرائيل جي شهرن مان گهمي بس نہ ڪندا تہ ابن آدم ايندو.


انهيءَ وقت هو اوهان کي عذابن ڏيڻ لاءِ ٻين جي حوالي ڪندا، ۽ سڀ قومون منهنجي نالي ڪري اوهان سان عداوت رکنديون.


تڏهن يسوع چيس، تہ اي شيطان، هتان ٽري وڃ، ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ ”تون خداوند پنهنجي خدا کي سجدو ڪر، ۽ رڳو انهي جي ئي عبادت ڪر.“


۽ منهنجي نالي ڪري سڀ ماڻهو اوهان سان نفرت ڪندا.


۽ جڏهن تنهنجي شهيد استيفنس جو رت ٿي وهايائون، تڏهن آئون بہ اُتي بيٺو هوس ۽ انهيءَ ڳالهہ ۾ راضي هوس، ۽ جن کيس ماريو ٿي، تن جي ڪپڙن جي سنڀال پي ڪيم.


۽ هتي بہ سردار ڪاهن کان هن کي اختيار مليو آهي، تہ جيڪي ماڻهو تنهنجو نالو وٺن ٿا، تن سڀني کي گرفتار ڪري.


سڀني ڳالهين کي آزمايو؛ جيڪا چڱي هجي، تنهن تي قائم رهو؛


پر جيڪڏهن ڪو پنهنجن جي لاءِ، خاص ڪري پنهنجي خاندان لاءِ بندوبست نہ ڪندو، تہ ايمان کان انڪاري ٿيو، ۽ اُهو بي ايمان کان بہ بڇڙو آهي.


جيڪي صحيح ڳالهيون تو مون کان ٻُڌيون، تن جو نمونو انهي ايمان ۽ محبت سان دل ۾ رکج، جو مسيح يسوع ۾ آهي.


جيڪڏهن اسين ڏک سهنداسين تہ هن سان گڏ بادشاهي بہ ڪنداسين؛ جيڪڏهن اسين سندس انڪار ڪنداسين تہ هو بہ اسان جو انڪار ڪندو؛


اچو تہ پنهنجيءَ اُميد جي اقرار کي اهڙو سوگهو ڪري جهليون جو انهيءَ کي لوڏو نہ اچي؛ ڇالاءِ جو جنهن واعدو ڪيو آهي سو سچو آهي.


پر مسيح فرزند طور هن جي گهر جو مختيار آهي؛ ۽ سندس گهر اسين آهيون؛ بشرطيڪ پنهنجي همت ۽ اُميد جو فخر توڙ تائين قائم رکندا اچون.


جنهن عزت واري نالي سان اوهين سڏبا آهيو، تنهن جي نسبت ۾ هو ڪفر نٿا بڪن ڇا؟


۽ يسوع مسيح وٽان، جو سچو شاهد، ۽ جيڪي مُئلن مان جيئرا ٿيا تن ۾ پهريتو، ۽ زمين جي بادشاهن تي حڪم هلائيندڙ آهي. جو اسان کي پيار ٿو ڪري، ۽ جنهن پنهنجي رت سان اسان کي گناهن کان آزاد ڪيو؛


۽ آئون پنهنجن ٻن شاهدن کي اختياري ڏيندس، ۽ هو کٿو ڍڪي هڪ هزار ٻہ سؤ سٺ ڏينهن نبوت ڪندا.


۽ هو گهيٽي جي رت جي وسيلي ۽ پنهنجي شاهديءَ جي ڪلام ڪري مٿس غالب پيا، ڇالاءِ جو هنن موت تائين پنهنجو ساهہ پيارو نہ سمجهيو.


۽ جيڪو حيوان مون ڏٺو، سو چيتي جهڙو هو، ۽ پير رڇ جي پيرن جهڙا هئس، ۽ وات شينهن جي وات جهڙو هوس؛ ۽ ازدها کيس پنهنجي طاقت، ۽ پنهنجي بادشاهي، ۽ وڏو اختيار ڏنو.


اهو آهي اُنهن پاڪ ٿيلن جو صبر، جي خدا جي حڪمن تي ٿا هلن، ۽ يسوع تي ايمان ٿا رکن.


اُهي گهيٽي سان جنگ ڪندا، ۽ گهيٽو مٿن غالب پوندو، ڇالاءِ جو هو خداوندن جو خداوند، ۽ بادشاهن جو بادشاهہ آهي؛ ۽ جيڪي سڏيل، ۽ چونڊيل، ۽ ايماندار هن سان آهن سي بہ غالب پوندا.


۽ مون انهي زال کي پاڪ ٿيلن جي رت، ۽ يسوع جي شهيدن جي رت سان مست ڏٺو. ۽ کيس ڏسي آئون ڏاڍو حيران ٿي ويس.


مون کي تنهنجي ڪم ۽ تنهنجي محنت، ۽ صبر جي خبر آهي، ۽ اهو بہ ڄاڻان ٿو تہ تون خراب ماڻهن کي سهي نٿو سگهين؛ ۽ جيڪي پاڻ کي رسول ٿا سڏائين ۽ آهن ڪين، تن کي تو آزمائي ڏٺو تہ ڪوڙا آهن.


آئون جلد اچڻو آهيان: جيڪي تو وٽ آهي سو سنڀالي رک، تہ ڪوبہ تنهنجو تاج ڦري نہ وٺي.


تنهنڪري جيڪي توکي مليو آهي، ۽ جيڪي ٻُڌو اٿيئي، سو ياد رک، ۽ انهي تي قائم رهہ، ۽ توبهہ ڪر. سو جيڪڏهن تون سجاڳ نہ رهندين، تہ آئون چور وانگر ايندس، ۽ توکي خبر ئي ڪانہ پوندي تہ ڪهڙي وقت تنهنجي مٿان اچي پوندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ