Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 19:4 - Sindhi Bible

4 ۽ اهي چوويهہ بزرگ، ۽ چار جاندار، پيرين پئي خدا کي، جو تخت تي ويٺو هو، سجدو ڪرڻ لڳا، ۽ چوڻ لڳا، تہ آمين! هاليلوياهہ!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 تنهن تي اهي چوويهہ مهاتما ۽ چارئي ساهوارا منهن ڀر ڪري تخت تي ويٺل ايشور آڏو سيس نوائيندي چوڻ لڳا تہ ”آمين، شل پرڀو پرميشور جي مهما هجي!“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 تنهن تي اهي چوويهہ بزرگ ۽ چارئي ساهوارا منهن ڀر ڪري تخت تي ويٺل خدا کي سجدو ڪندي چوڻ لڳا تہ ”آمين، شل خداوند خدا جي واکاڻ هجي!“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 پوءِ انھن چوويھن بزرگن ۽ چئني ساھوارن منھن ڀر ڪري خدا کي سجدو ڪيو، جيڪو تخت تي ويٺو ھو ۽ چوڻ لڳا تہ ”آمين، خداوند خدا جي تعريف.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 19:4
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند اسرائيل جو خدا اصل کان وٺي ابد تائين مبارڪ آهي: ۽ سڀني ماڻهن چيو آمين، ۽ خداوند جي تعريف ڪيائون.


۽ مون پنهنجي جهول بہ ڇنڊي چيو، تہ شل خداوند هن طرح سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي گهر کان، ۽ پنهنجي ڪمائيءَ کان ڇنڊي اُڇلائي ڇڏي، جو هن انجام موجب هلت نہ ڪري؛ شل اهو هن طرح ڇنڊجي خالي ٿي وڃي. ۽ سڄيءَ جماعت چيو تہ آمين، ۽ خداوند جي تعريف ڪيائون. پوءِ ماڻهن انهيءَ انجام موجب هلت ڪئي.


۽ عزرا، خداوند، عظيم خدا کي مبارڪ چيو، ۽ سڀني ماڻهن ورندي ڏيئي، پنهنجا هٿ مٿي کڻي چيو تہ آمين: پوءِ ڪنڌ جهڪائي زمين تي منهن رکي خداوند کي سجدو ڪيائون.


شل گنهگار زمين تان فنا ٿي وڃن، ۽ بدڪار باقي نہ رهن. اي منهنجي جان خداوند کي مبارڪ چئُہ. خداوند جي تعريف ڪريو.


خداوند اسرائيل جو خدا، ازل کان وٺي ابد تائين مبارڪ هجي، ۽ سڄي اُمت چوي، آمين. اوهين خدا جي تعريف ڪريو.


شل خداوند اسرائيل جو خدا، ازل کان وٺي ابد تائين مبارڪ هجي. آمين. آمين.


هن جو جلال وارو نالو هميشہ تائين مبارڪ هجي؛ شل سارو جهان هن جي جلال سان ڀرپور ٿئي. آمين ۽ آمين.


شل خداوند سدائين مبارڪ هجي. آمين آمين.


آمين، يعني يرمياہ نبي چيو، تہ شل خداوند ائين ڪري: جي ڳالهيون نبوت ڪري تو ڪيون آهن، سي شل خداوند پوريون ڪري، ۽ خداوند جي گهر جا ٿانوَ ۽ سڀ قيدي بابل مان موٽي هن هنڌ اچن.


۽ هنن کي تعليم ڏيو تہ جن ڳالهين جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن سڀني تي هلن، ۽ ڏسو، آئون هميشہ، بلڪ دنيا جي پڇاڙيءَ تائين، اوهان سان آهيان.


۽ اسان کي آزمائش ۾ نہ آڻ پر بڇڙائيءَ کان بچاءِ، (ڇالاءِ جو بادشاهي، ۽ قدرت، ۽ وڏائي هميشہ تائين تنهنجي ئي آهي، آمين.)


نہ تہ جي تون فقط روح سان دعا ڪندين تہ جيڪو ناواقف آهي سو تنهنجي شڪرگذاريءَ ڪرڻ تي ڪيئن آمين چوندو، جڏهن جيڪي تون چوين ٿو سو هو نٿو سمجهي؟


۽ انهن چئن جاندارن مان هڪڙي انهن ستن ملائڪن کي ست سونا پيالا، ابدي زندہ خدا جي قهر سان ڀريل ڏنا.


انهن ڳالهين کانپوءِ مون آسمان تي ڄڻ تہ هڪڙي ميڙاڪي جو وڏو آواز ٻُڌو، جنهن چيو تہ هاليلوياهہ، نجات، ۽ جلال، ۽ قدرت اسان جي خدا جي آهي:


۽ هنن وري ٻيو ڀيرو پڪاري چيو تہ هاليلوياهہ. ۽ انهي جي سڙڻ جو دونهون هميشہ تائين پيو اُٿندو.


۽ مون هڪڙيءَ وڏيءَ جماعت جهڙو آواز ٻُڌو، جو زور سان وهندڙ پاڻيءَ جهڙو آواز هو، ۽ وڏين گجگوڙين جهڙو آواز هو، جنهن چيو تہ هاليلوياهہ؛ ڇالاءِ جو اسان جو خدا قادر مطلق، بادشاهي ٿو ڪري.


۽ انهن چئني جاندارن چيو، آمين. پوءِ اُهي بزرگ پيرين پئي سجدو ڪرڻ لڳا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ