مڪاشفو 19:20 - Sindhi Bible20 ۽ اهو حيوان پڪڙيو ويو ۽ ساڻس گڏ اهو ڪوڙو نبي، جنهن سندس اڳيان اهڙا تہ نشان ڏيکاريا هئا، جن سان هن انهن کي گمراهہ ڪيو هو جن تي انهي حيوان جي ڇاپ هئي، ۽ جن هن جي بُت جي پرستش ڪئي هئي، اهي ٻئي گندرف سان ٻرندڙ باهہ جي ڍنڍ ۾ جيئرا اُڇلايا ويا: အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible20 تڏهن انهيءَ پهرئين حيوان کي پڪڙيو ويو ۽ ڪوڙو سنديش ڏيندڙ انهيءَ ٻئي حيوان کي بہ ساڻس گڏ پڪڙيو ويو، جنهن پهرئين حيوان جي سامهون ماڻهن کي چمتڪار ڏيکاري ڀَٽڪائي ڇڏيو هو، تہ جيئن اهي پهرئين حيوان جو نشان هڻائين ۽ سندس بت جي پوجا ڪن. اهي ٻيئي حيوان گندرف سان ڀڙڪندڙ باهہ جي ڍنڍ ۾ جيوت ئي اڇلايا ويا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible20 تڏهن انهيءَ پهرئين حيوان کي پڪڙيو ويو ۽ ڪوڙو پيغام ڏيندڙ انهيءَ ٻئي حيوان کي بہ ساڻس گڏ پڪڙيو ويو، جنهن پهرئين حيوان جي سامهون ماڻهن کي معجزا ڏيکاري گمراهہ ڪري ڇڏيو هو، تہ جيئن اهي پهرئين حيوان جو نشان هڻائين ۽ سندس بت جي پوڄا ڪن. اهي ٻيئي حيوان گندرف سان ڀڙڪندڙ باهہ جي ڍنڍ ۾ جيئرا ئي اڇلايا ويا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament20 انھيءَ پھرين حيوان ۽ ساڻس گڏ ڪوڙو پيغام ڏيندڙ انھيءَ ٻئي حيوان کي بہ پڪڙيو ويو، جنھن حيوان جي سامھون معجزا ڏيکاريا ھئا. انھن معجزن سان ھن حيوان جو نشان ھڻائڻ وارن ۽ سندس بت جي پوڄا ڪرڻ وارن کي گمراھہ ڪيو ھو. اُھي ٻئي گندرف سان ٻرندڙ باھہ جي ڍنڍ ۾ جيئرا اڇلايا ويا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |