Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 19:18 - Sindhi Bible

18 تہ اوهين بادشاهن، ۽ جنگي سردارن، ۽ جنگي ماڻهن جو، ۽ گهوڙن ۽ انهن جي سوارن جو، ۽ سڀني آزاد توڙي غلامن، ننڍن توڙي وڏن ماڻهن جو گوشت کائو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 راجائن، سپهہ‌سالارن، سپاهين، گھوڙن ۽ انهن جي سوارن جو ماس کائو. پوءِ اهي آزاد هجن توڙي غلام، ننڍا هجن توڙي وڏا، تن سڀني جو ماس کائو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 بادشاهن، سپهہ‌سالارن، سپاهين، گھوڙن ۽ انهن جي سوارن جو ماس کائو. پوءِ اهي آزاد هجن توڙي غلام، ننڍا هجن توڙي وڏا، تن سڀني جو ماس کائو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 تہ جيئن اوھين بادشاھن، سپھہ⁠سالارن، سپاھين، گھوڙن ۽ انھن جي سوارن ۽ سڀني ماڻھن، آزادن توڙي غلامن، ننڍن توڙي وڏن جو گوشت کائو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 19:18
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ هو خوفناڪ موت مرندا، هنن تي رئڻ پٽڻ وارو ڪوبہ ڪونہ هوندو، ۽ نہ هنن کي ڪو دفن ڪندو، ۽ هو زمين جي مٿان ڇيڻي وانگي پيا رهندا: ۽ هو ترار ۽ ڏڪار سان ماري کپايا ويندا؛ ۽ هنن جا مڙهہ آسمان جي پکين ۽ زمين جي مرن جو قوت ٿيندا.


۽ آءٌ هن هنڌ يهوداہ ۽ يروشلم جي صلاح مصلحت باطل ڪندس؛ ۽ آءٌ هنن کي سندن دشمنن جي اڳيان ترار سان ۽ جيڪي سندن ساهہ جا ڳولائو آهن تن جي هٿان مارائي وجهندس: ۽ هنن جا مڙهہ آءٌ هوا جي پکين ۽ زمين جي جانورن جو قوت ڪري ڇڏيندس.


اُنهن کي آءٌ سندن دشمنن، ۽ سندن جان جي ڳوليندڙن جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيندس: ۽ انهن جا مڙهہ هوا جي پکين ۽ زمين جي جانورن جي قوت ٿيندا.


۽ انهي قوم جا مڙهہ، هوا جي پکين ۽ زمين جي جانورن جو قوت ٿيندا؛ ۽ ڪوبہ انهن کي هڪالي نہ ڪڍندو.


۽ آءٌ توکي ۽ تنهنجين ندين جي سڀني مڇين کي بيابان ۾ اُڇلائي ڇڏيندس: تون کليل ميدان تي نڪرندين، تون آڻي سوڙهو نہ ڪيو ويندين ۽ نہ گڏ ڪيو ويندين: آءٌ توکي کاڌو ڪري زمين جي جانورن ۽ هوا جي پکين کي ڏيندس.


اي آدمزاد، خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ هر ڪنهن قسم جي پکين ۽ جهنگ جي سڀني جانورن کي چئُہ تہ اوهين گڏ ٿي اچو؛ اوهين انهي قربانيءَ لاءِ سڀ ڪنهن پاسي کان گڏ ٿيو جا آءٌ اوهان جي لاءِ قربان ٿو ڪريان، بلڪ اسرائيل جي جبلن تي وڏي قرباني ٿو ڪريان تہ اوهين گوشت کائو ۽ رت پيئو.


جتي ڍونڍ هوندو، ڳِجهون بہ اُتي ئي گڏ ٿينديون.


۽ اُنهن جواب ڏيئي چيس، تہ اي خداوند، ڪٿي؟ هن چين تہ جتي ڍونڍ هوندو، ڳجهيون بہ اُتي ئي اچي مڙنديون.


تنهنجو لاشو آسمان جي پکين، ۽ زمين جي مرن جو کاڄ ٿيندو، ۽ ڪو انهن کي هڪالڻ وارو بہ ڪونہ هوندو.


۽ قومن کي ڪاوڙ لڳي، ۽ تنهنجو غضب نازل ٿيو، ۽ اُهو وقت اچي پهتو آهي جڏهن مُئلن جي عدالت ٿيندي، ۽ تنهنجن بندن يعني نبين کي، ۽ پاڪ ٿيلن کي، ۽ جيڪي ننڍا توڙي وڏا تنهنجي نالي کان ڊڄن ٿا، تن کي سندن اجر ڏنو ويندو؛ ۽ جيڪي زمين کي برباد ٿا ڪن، سي برباد ڪيا ويندا.


۽ هن سڀني ننڍن ۽ وڏن، دولتمندن ۽ غريبن، آزادن ۽ غلامن کي سندس ساڄي هٿ يا پيشانيءَ تي هڪڙي ڇاپ هڻائي ڇڏي؛


۽ جي ڏهہ سڱ تو ڏٺا سي، ۽ اهو جانور، انهيءَ ڪسبياڻيءَ کي ڌڪاريندا ۽ کيس برباد ۽ اُگهاڙو ڪندا، ۽ سندس گوشت کائي ويندا، ۽ کيس پوريءَ طرح باهہ ۾ ساڙي ڇڏيندا.


۽ تخت مان هڪڙو آواز آيو، جنهن چيو تہ اي خدا جا بندا، ننڍا توڙي وڏا، جي کانئس ڊڄو ٿا، سي سڀ سندس تعريف ڪريو.


۽ زمين جا بادشاهہ، ۽ حاڪم، ۽ وڏا سردار، ۽ دولتمند، ۽ پهلوان، ۽ سڀيئي ٻانها ۽ آزاد ماڻهو، غارن ۽ جبلن جي ڇپن ۾ وڃي لڪي ويٺا؛


۽ فلستيءَ دائود کي چيو تہ مون وٽ اچ تہ آءٌ تنهنجو گوشت پکين کي، ۽ جهنگ جي مِرن کي ڏيان.


اڄوڪي ڏينهن خداوند توکي منهنجي حوالي ڪندو؛ ۽ آءٌ توکي ماري، تنهنجي سسي ڌڙ کان ڌار ڪندس؛ ۽ اڄوڪي ڏينهن آءٌ فلستين جي لشڪر جا لاشا هوا جي پکين کي، ۽ زمين جي جهنگلي جانورن کي ڏيندس؛ انهي لاءِ تہ جهان کي خبر پوي تہ اسرائيل ۾ هڪڙو خدا آهي:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ