Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 19:1 - Sindhi Bible

1 انهن ڳالهين کانپوءِ مون آسمان تي ڄڻ تہ هڪڙي ميڙاڪي جو وڏو آواز ٻُڌو، جنهن چيو تہ هاليلوياهہ، نجات، ۽ جلال، ۽ قدرت اسان جي خدا جي آهي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 انهن ڳالهين کان پوءِ مون آڪاش ۾ ڄڻ تہ هڪ وڏي ميڙ کي وڏي واڪي هي چوندي ٻڌو تہ ”پرڀو پرميشور جي مهما هجي! مڪتي، تيج ۽ شڪتي اسان جي ايشور جي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 انهن ڳالهين کان پوءِ مون آسمان ۾ ڄڻ تہ هڪ وڏي ميڙ کي وڏي واڪي هي چوندي ٻڌو تہ ”خداوند خدا جي واکاڻ هجي! ڇوٽڪارو، جلال ۽ قدرت اسان جي خدا جي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 انھن ڳالھين کان پوءِ مون آسمان ۾ ھڪ وڏي ميڙ جھڙو وڏو آواز ٻڌو، جنھن چيو تہ ”خداوند خدا جي تعريف. ڇوٽڪارو، جلال ۽ قدرت اسان جي خدا جي آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 19:1
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند، عظمت، ۽ قدرت، ۽ جلال، ۽ فتح ۽ حشمت تنهنجي آهي: ڇالاءِ جو جيڪي ڪجهہ آسمان ۽ زمين ۾ آهي سو تنهنجو آهي. اي خداوند، بادشاهي تنهنجي آهي، ۽ تون ئي سڀني جي مٿان بلند آهين.


شل گنهگار زمين تان فنا ٿي وڃن، ۽ بدڪار باقي نہ رهن. اي منهنجي جان خداوند کي مبارڪ چئُہ. خداوند جي تعريف ڪريو.


خداوند جي تعريف ڪريو، خداوند جا ٿورا مڃيو؛ ڇو جو هو نيڪ آهي: ۽ هن جو رحم هميشہ تائين آهي.


اوهين خداوند جي تعريف ڪريو، آءٌ سچارن جي مجلس ۾ ۽ جماعت جي وچ ۾ پنهنجي ساريءَ دل سان خداوند جي شڪر گذاري ڪندس.


پر اسين هن وقت کان وٺي هميشہ تائين خداوند کي مبارڪ چونداسين. خداوند جي تعريف ڪريو.


اوهين خداوند جي تعريف ڪريو. اي منهنجي جان خداوند جي تعريف ڪر.


اوهين خداوند جي تعريف ڪريو، آسمانن مان خداوند جي تعريف ڪريو: مٿانهين جاين تان سندس تعريف ڪريو.


اوهين خداوند جي تعريف ڪريو، خداوند جي حضور ۾ نئون گيت ڳايو، ۽ مقدسن جي جماعت ۾ سندس تعريف ڳايو.


اوهين خداوند جي تعريف ڪريو، خدا جي پاڪ مڪان ۾ سندس تعريف ڪريو، هن جي قدرت جي آسمان ۾ سندس تعريف ڪريو.


نجات خداوند وٽان آهي؛ شل تنهنجي برڪت تنهنجي اُمت تي هجي.


خدا هڪ وار فرمايو آهي، ۽ مون ٻہ ڀيرا هي ٻڌو آهي، تہ قدرت خدا جي اختيار آهي.


تڏهن آسمان ۽ زمين، ۽ جيڪي انهن ۾ آهي، سڀ بابل تي خوشيءَ مان راڳ ڳائيندا، ڇالاءِ جو خداوند فرمائي ٿو، تہ ڦرلٽ ڪرڻ وارا اُتر کان اُن وٽ ايندا.


پر آءٌ شڪرگذاريءَ جي آواز سان تنهنجي اڳيان قرباني چاڙهيندس؛ جيڪا مڃتا مون مڃي آهي، سا آءٌ پوري ڪندس. نجات خداوند وٽان آهي.


۽ اسان کي آزمائش ۾ نہ آڻ پر بڇڙائيءَ کان بچاءِ، (ڇالاءِ جو بادشاهي، ۽ قدرت، ۽ وڏائي هميشہ تائين تنهنجي ئي آهي، آمين.)


۽ ستين ملائڪ تري وڄائي، تہ آسمان ۾ وڏا آواز ٿيڻ لڳا، ۽ انهن چيو تہ دنيا جي بادشاهت اسان جي خداوند ۽ سندس مسيح جي ٿي ويئي آهي: ۽ اُهو هميشہ تائين بادشاهي ڪندو رهندو.


۽ مون آسمان ۾ هڪڙو وڏو آواز ٻُڌو، جنهن چيو تہ هاڻي اسان جي خدا جي نجات، ۽ قدرت، ۽ بادشاهت، ۽ سندس مسيح جي اختياري آئي آهي: ڇالاءِ جو اسان جي ڀائرن تي الزام آڻڻ وارو، جو رات ڏينهن اسان جي خدا جي اڳيان مٿن الزام پيو آڻي، سو هيٺ اُڇلايو ويو آهي.


۽ مون هڪڙيءَ وڏيءَ جماعت جهڙو آواز ٻُڌو، جو زور سان وهندڙ پاڻيءَ جهڙو آواز هو، ۽ وڏين گجگوڙين جهڙو آواز هو، جنهن چيو تہ هاليلوياهہ؛ ڇالاءِ جو اسان جو خدا قادر مطلق، بادشاهي ٿو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ