Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 18:6 - Sindhi Bible

6 جيئن هن ڪيو، تيئن اوهين بہ ساڻس ڪيو. ۽ سندس ڪمن جو ٻيڻو بدلو ڏيوس. جيڪو پيالو هن ڀريو، تنهن ۾ سندس لاءِ ٻيڻو ڀريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 اي بدلو وٺڻ وارؤ! جهڙو سلوڪ بابل ٻين سان ڪيو، تهڙو اوهين بہ هن سان ڪريو. جيڪا بڇڙائي هن ڪئي آهي، تنهن جو کيس ٻيڻو بدلو ڏيو. هائو، جيڪو پيالو هن ٻين لاءِ تيار ڪيو آهي، تنهن پيالي کي ٻيڻو گھاٽو ڪري کيس ڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 اي بدلو وٺڻ وارؤ! جهڙو سلوڪ بابل ٻين سان ڪيو، تهڙو اوهين بہ هن سان ڪريو. جيڪا بڇڙائي هن ڪئي آهي، تنهن جو کيس ٻيڻو بدلو ڏيو. هائو، جيڪو پيالو هن ٻين لاءِ تيار ڪيو آهي، تنهن پيالي کي ٻيڻو گھاٽو ڪري کيس ڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 جيئن بابل ڪيو، تيئن اوھين بہ ھن سان ڪريو ۽ سندس ڪمن جو ٻيڻو بدلو ڏيوس. جيڪو پيالو ھن ڀريو، تنھن کي اوھين ٻيڻو ڀريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 18:6
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي بابل جي ڌيءَ جا برباد ٿيڻ واري آهين؛ مبارڪ اُهو ٿيندو جو جهڙي هلت تو اسان سان ڪئي آهي تهڙي توسان ڪندو.


انهن کي سندن ڪمن ۽ افعالن جي برائيءَ موجب بدلو ڏي: اُنهن کي سندن هٿن جو ڪيتو لوڙاءِ؛ ۽ کين جوڳي سزا ڏي.


اوهين يروشلم سان تسلي سان ڳالهايو، ۽ انهي کي پڪاري چئو تہ سندس جنگ پوري ٿي، ۽ سندس بڇڙائيءَ جي معافي ملي آهي؛ انهي کي خداوند جي هٿان سندس سڀني گناهن جو ٻيڻو بدلو مليو آهي.


اوهان جي شرمندگيءَ جي عيوض اوهان کي ٻيڻو ملندو؛ ۽ مونجهاري جي واسطي اوهين پنهنجي ڀاڱي تي خوش ٿيندا: تنهن ڪري اهي پنهنجي ملڪ ۾ ٻيڻي جا مالڪ ٿيندا: انهن کي هميشہ جي خوشي حاصل ٿيندي.


۽ پهرين آءٌ هنن جي بدڪاري ۽ گناهہ جو ٻيڻو بدلو ڏيندس؛ ڇالاءِ جو هنن پنهنجي ڪراهت جهڙين شين جي مڙهن سان منهنجي زمين کي پليت ڪيو آهي، ۽ منهنجي ميراث کي پنهنجن نفرت جهڙين شين سان ڀري ڇڏيو اٿن.


جيڪي مون کي ستائين ٿا، سي ڀلي تہ شرمندا ٿين، پر مون کي شرمندو ٿيڻ نہ ڏي؛ ڀلي تہ هو حيران پريشان ٿين، پر مون کي حيران پريشان ٿيڻ نہ ڏي: هنن تي مصيبت جو ڏينهن آڻ ۽ ٻيڻي تباهيءَ سان هنن کي تباهہ ڪر.


انهي جي چوڌاري مٿس هڪلون ڪريو؛ هوءَ اچي پيش پئي آهي؛ انهي جا ڪوٽ ڪنگرا ڪري پيا آهن، انهي جون ڀتيون ڊاٺيون ويون آهن: ڇالاءِ جو خداوند انهي کان وير ورتو آهي؛ اوهين بہ انهي کان وير وٺو؛ جيئن هن پاڻ ڪيو آهي تيئن اوهين بہ ساڻس ڪريو.


ڪماندارن کي بابل سان وڙهڻ لاءِ سڏي گڏ ڪريو، انهن سڀني کي جي ڪمان ڪشيندا آهن؛ انهن جي چوڌاري منزل ڪري بيهي وڃو؛ انهن جو ڪوبہ ماڻهو ڀڄي نڪرڻ نہ ڏيو: سندن ڪمن موافق کين بدلو ڏيو؛ جيئن پاڻ ڪيو اٿس، تيئن ساڻس ڪريو: ڇالاءِ جو هن خداوند سان سينو ساهيو آهي، يعني اسرائيل جي پاڪ خدا سان.


خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ بابل کي ۽ ڪسديہ جي سڀني رهاڪن کي اُهي سڀ خرابيون پهچائيندس جي هنن اوهان جي ڏسندي صيون ۾ ڪيون آهن.


جيئن بابل اسرائيل جا ڪُٺل ڪيرايا آهن، تيئن بابل ۾ ساري زمين جا ڪُٺل ڪرندا.


اي خداوند، تو هنن جي هٿن جي ڪم موجب کين بدلو ڏي.


آءٌ اوهان کي اڄ ٻڌايان ٿو تہ اوهان کي ٻيڻو اُجورو ڏيندس، تنهنڪري جي اوهين اُميدوار قيدي آهيو تہ موٽي قلعي ۾ اچو.


سڪندر ٺاٺاري مون سان ڏاڍي بڇڙائي ڪئي: خدا هن کي بدلو ڏيندو؛


جيڪڏهن ڪو قيد لاءِ آهي تہ اُهو قيد ۾ ويندو. جيڪڏهن ڪو ترار سان قتل ڪندو، تہ اهو ترار سان قتل ڪيو ويندو. پاڪ ٿيلن جو صبر ۽ ايمان اهو آهي.


تہ اُهو خدا جي غضب جي انهي شراب مان پيئندو، جو سندس غضب جي پيالي ۾ خاص طرح تيار ڪري رکيو ويو آهي. اُنهي کي پاڪ ملائڪن جي اڳيان، ۽ گهيٽي جي اڳيان، باهہ ۽ گندرف جو عذاب ڏنو ويندو.


۽ انهي وڏي شهر جا ٽي ٽڪرا ٿي پيا، ۽ قومن جا شهر ڪِري پيا: ۽ خدا جي حضور ۾ وڏي شهر بابل جي يادگيري ٿي، تہ کيس پنهنجي سخت غضب جي شراب جو پيالو پياري.


جنهن سان زمين جي بادشاهن زناڪاري ڪئي آهي، ۽ زمين جا رهاڪو هن جي زناڪاريءَ جي شراب سان نشئي ٿي پيا آهن.


۽ انهيءَ زال کي واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ جا ڪپڙا پهريل هئا، ۽ سون ۽ جواهرن ۽ موتين سان سينگاريل هئي. ۽ هٿ ۾ هڪڙو براين سان ڀريل سونو پيالو هوس، يعني سندس زناڪاريءَ جي ناپاڪ شين سان،


اي آسمان، ۽ سڀيئي پاڪ ٿيل، ۽ رسول، ۽ نبي، اوهين انهي تي خوشي ڪريو؛ ڇالاءِ جو خدا انصاف ڪري هن کان اهو بدلو ورتو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ