Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 18:4 - Sindhi Bible

4 ۽ مون آسمان مان هڪڙو ٻيو آواز ٻُڌو، جنهن چيو تہ اي منهنجي اُمت، اوهين انهي مان نڪري اچو، انهي لاءِ تہ سندس گناهن ۾ شريڪ نہ ٿيو، تہ متان هن جي آفتن مان ڪا اوهان تي اچي پوي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 پوءِ مون آڪاش ۾ هڪڙو ٻيو آواز ٻڌو جنهن چيو تہ ”اي منهنجي قوم وارؤ! بابل مان نڪري اچو، تہ جيئن انهيءَ جي پاپن ۾ شريڪ نہ ٿيو. متان هن جي آفتن مان ڪا اوهان تي اچي نہ پوي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 پوءِ مون آسمان ۾ هڪڙو ٻيو آواز ٻڌو جنهن چيو تہ ”اي منهنجي قوم وارؤ! بابل مان نڪري اچو، تہ جيئن انهيءَ جي گناهن ۾ شريڪ نہ ٿيو. متان هن جي آفتن مان ڪا اوهان تي اچي نہ پوي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 پوءِ مون آسمان مان ھڪڙو ٻيو آواز ٻڌو جنھن چيو تہ ”اي منھنجي قوم وارؤ! بابل مان نڪري اچو، تہ جيئن انھيءَ جي گناھن ۾ شريڪ نہ ٿيو. متان ھن جي آفتن مان ڪا اوھان تي اچي نہ پوي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 18:4
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ لوط ٻاهر وڃي پنهنجي ناٺين، جن سان سندس ڌيئرن جي شادي ٿيڻي هئي، تن سان ڳالهہ ٻولهہ ڪئي، ۽ چيائين تہ اُٿو هن هنڌان نڪري وڃو؛ ڇالاءِ جو خداوند هي شهر برباد ڪندو. پر سندس ناٺين سمجهيو تہ هو چرچا ٿو ڪري.


جڏهن تو چور کي ڏٺو، تڏهن تون انهيءَ سان ملي وئين، ۽ زناڪارن سان شريڪ ٿئين.


اوهين بابل مان نڪرو، ڪسدين مان ڀڄي نڪرو؛ ڳائڻ جي آواز سان اوهين ظاهر ڪري ٻڌايو، زمين جي ڇيڙي تائين بيان ڪري ٻڌايو: اوهين چئو تہ خداوند پنهنجي بندي يعقوب کي ڇڏايو آهي.


اوهين جي خداوند جا ٿانوَ ٿا کڻو، سي روانا ٿيو، روانا ٿيو، اوهين اُتان نڪري وڃو، ڪنهن بہ ناپاڪ شئي کي نہ ڇُهو: انهيءَ منجهان نڪري وڃو، ۽ پاڪ ٿيو.


بابل جي وچ مان ڀڄي ٻاهر ٿيو، ۽ ڪسدين جي زمين منجهان نڪري وڃو ۽ ٻڪرن وانگي ٿيو جي ڌڻ جي اڳيان هلندا آهن.


اي منهنجي قوم، اوهين اُن منجهان نڪري وڃو، ۽ اوهان مان هرڪو پاڻ کي خداوند جي خوفناڪ ڪاوڙ کان بچائي.


اوهين جي ترار کان بچي نڪتا آهيو سي هليا وڃو، ماٺ ڪري نہ بيهو؛ پري کان ئي خداوند کي ياد ڪريو، ۽ يروشلم کي دل تي آڻيو.


بابل منجهان ڀڄي وڃو، ۽ هرڪو ماڻهو پنهنجي جان بچائي؛ اُن جي ڏوهہ ۾ وڍجي نہ وڃو: ڇالاءِ جو اهو خداوند جي وير وٺڻ جو وقت آهي؛ هو انهي کي بدلو ڏيندو.


اسين جيڪر بابل کي ڇُٽايون ها، پر هو نہ ڇُٽو: اُن کي ڇڏي ڏيو، هلو تہ اسان مان هرڪو پنهنجي پنهنجي ملڪ ڏي هليو هلي: ڇالاءِ جو اُن جي سزا آسمان تائين پهتي آهي، بلڪ آسمانن تائين چڙهي ويئي آهي.


۽ چئو ٿا تہ جي اسين پنهنجن ابن ڏاڏن جي ڏينهن ۾ هجون ها تہ جيڪر نبين جي خون ۾ اُنهن سان شامل نہ ٿيون ها.


تنهنڪري اوهين انهن منجهان نڪري اچو ۽ ڌار ٿيو، ۽ ڪنهن بہ پليت شئي کي هٿ نہ لايو، ۽ آئون اوهان کي قبول ڪندس؛


ڪنهن بہ ماڻهوءَ تي تڪڙ ڪري هٿ نہ رک، نڪي ٻين جي گناهن ۾ شريڪ ٿيءُ؛ پاڻ کي پاڪ رک.


ڇالاءِ جو جيڪو انهي کي سلام ڪري ٿو، سو هن جي خراب ڪمن ۾ شريڪ ٿو ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ