Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 18:21 - Sindhi Bible

21 ۽ هڪڙي زور واري ملائڪ هڪڙو وڏو جنڊ جي پاٽ جيڏو پهڻ کڻي، سمنڊ ۾ اُڇلائي چيو تہ بابل جو وڏو شهر هن طرح ڏاڍي زور سان ڪيرايو ويندو، ۽ وري سندس پتو ئي ڪونہ پوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

21 پوءِ هڪڙي ٻلوان دوت جنڊ جيڏو هڪڙو وڏو پٿر کڻي سمنڊ ۾ اڇلائي چيو تہ ”وڏو شهر بابل بہ اهڙيءَ طرح زور سان ڪيرايو ويندو ۽ وري ان جو ڪو پتو ئي ڪونہ پوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 پوءِ هڪڙي طاقتور ملائڪ جنڊ جيڏو هڪڙو وڏو پٿر کڻي سمنڊ ۾ اڇلائي چيو تہ ”وڏو شهر بابل بہ اهڙيءَ طرح زور سان ڪيرايو ويندو ۽ وري ان جو ڪو پتو ئي ڪونہ پوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

21 پوءِ ھڪڙي زورآوار ملائڪ جنڊ جي چاپڙ جيڏو ھڪڙو وڏو پٿر کڻي سمنڊ ۾ اڇلائي چيو تہ ”وڏو شھر بابل بہ اھڙيءَ طرح زور سان ڪيرايو ويندو ۽ وري سندس پتو ئي ڪونہ پوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 18:21
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ تو اُنهن جي اڳيان سمنڊ چيريو، جنهنڪري هو سمنڊ جي وچان سڪي زمين تان لنگهيا؛ ۽ هنن جي پٺيان پوڻ وارن کي تو ائين اونهي سمنڊ ۾ اُڇلائي وڌو، جيئن ڪو پٿر کڻي پاڻيءَ ۾ اُڇلائبو آهي.


هو خواب وانگر اُڏامي ويندو، ۽ لڀندو ئي ڪين: هائو، هو رات جي رويائن وانگر ڀڄايو ويندو.


پر جڏهن ڪو ماڻهو اتان لنگهيو، تڏهن اُهو هو ئي ڪين؛ مون سندس ڳولا ڪئي، پر هو لڌو ئي ڪونہ.


اونهي پاڻيءَ هنن کي ڍڪي ڇڏيو، هو پهڻ وانگي سمنڊ جي تري ۾ هليا ويا آهن.


آءٌ توکي نيست نابود ڪندس ۽ تون ناس ٿي ويندين: خداوند خدا ٿو فرمائي تہ جيتوڻيڪ هو توکي ڳوليندا تہ بہ تون وري بہ لڀندين.


تنهن کان پوءِ هو پنهنجو منهن خود پنهنجي ملڪ جي قلعن ڏانهن ڪندو: پر هو آٿڙجي ڪِرندو، ۽ وري نہ لڀندو.


۽ مون ٻيو زور وارو ملائڪ، جو بادلن سان ڍڪيل هو، آسمان مان لهندو ڏٺو، ۽ انهي جي مٿي تي انڊلٺ هئي، ۽ سندس منهن سج جهڙو هو، ۽ سندس ٽنگون باهہ جي ٿنڀن جهڙيون هيون.


پر اهي غالب نہ پيا، ۽ نڪي وري کين آسمان ۾ ڪا جاءِ ملي.


۽ سڀ ٻيٽ گم ٿي ويا، ۽ جبلن جو پتو ئي ڪونہ رهيو.


۽ انهي جي عذاب جي ڊپ کان پري بيهي چوندا تہ هاءِ هاءِ، اي بابل وڏا شهر، مضبوط شهر! هڪڙي ڪلاڪ ۾ تنهنجي سزا اچي پهتي آهي.


۽ تنبوري وڄائيندڙن، ۽ ڳائيندڙن، ۽ بانسري وڄائيندڙن، ۽ تري وڄائيندڙن جو آواز وري تو وٽ ڪڏهن بہ ڪين ٻُڌبو، ۽ ڪوبہ ڪاريگر، ڪهڙي بہ ڌنڌي وارو تو ۾ ڪڏهن بہ ڪونہ لڀندو؛ ۽ نڪي ڪنهن ڪارخاني جو آواز تو ۾ وري ڪڏهن ٻُڌڻ ۾ ايندو.


۽ مون هڪڙو وڏو اڇو تخت ڏٺو، ۽ انهي کي بہ، جو مٿس ويٺو هو، جنهن جي منهن تان زمين ۽ آسمان ٽري ويا؛ ۽ کين ڪابہ جاءِ ڪانہ ملي.


۽ مون هڪڙي زور واري ملائڪ کي وڏي آواز سان هيءَ منادي ڪندو ڏٺو، تہ هن ڪتاب جي کولڻ ۽ انهي جي مهر ڀڃڻ جي لائق ڪير آهي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ