Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 18:19 - Sindhi Bible

19 ۽ پنهنجن مٿن تي خاڪ وجهي رڙيون ڪري روئي پِٽي چوندا تہ هاءِ هاءِ، وڏو شهر، جنهن جي دولت جي ڪري سمنڊ جا سڀيئي جهازن وارا دولتمند ٿي پيا هئا! سو هڪڙي ڪلاڪ ۾ برباد ٿي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

19 اهي پنهنجي مٿي ۾ خاڪ وجھي روئندي پٽيندي رڙيون ڪندي چوندا تہ ”افسوس، صد افسوس! اهو وڏو شهر جنهن جي دولت جي ڪري سمنڊ جا سڀيئي جهازن وارا دولتمند ٿي پيا، سو هڪڙي ئي ڪلاڪ ۾ برباد ٿي ويو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 اهي پنهنجي مٿي ۾ خاڪ وجھي روئندي پٽيندي رڙيون ڪندي چوندا تہ ”افسوس، صد افسوس! اهو وڏو شهر جنهن جي دولت جي ڪري سمنڊ جا سڀيئي جهازن وارا دولتمند ٿي پيا، سو هڪڙي ئي ڪلاڪ ۾ برباد ٿي ويو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

19 اھي پنھنجي مٿي ۾ خاڪ وجھي رڙيون ڪري روئي پٽي چوندا تہ ”افسوس، صد افسوس! اھو وڏو شھر، جنھن جي دولت جي ڪري سمنڊ جا سڀيئي جھازن وارا دولتمند ٿي پيا، سو ھڪڙي ئي ڪلاڪ ۾ برباد ٿي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 18:19
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ تمر پنهنجي مٿي تي خاڪ وڌي، ۽ جيڪي رنگين ڪپڙا پيل هئس سي ڦاڙي ڇڏيائين؛ پوءِ پنهنجو هٿ مٿي تي رکي رستو وٺي هلي وئي، ۽ وڏي سڏ دانهون ڪندي وئي.


هاڻي انهيءَ مهيني جي چوويهين تاريخ بني اسرائيل روزو رکي، ۽ کٿا ڍڪي، ۽ پاڻ تي مٽي وجهي اچي گڏ ٿيا.


۽ جڏهن هنن پنهنجون اکيون مٿي کنيون، ۽ هن کي نہ سڃاتائون، تڏهن رڙيون ڪري روئڻ لڳا: ۽ سڀني پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا، ۽ آسمان ڏانهن پنهنجن مٿن تي مٽي وڌائون.


۽ بابل، جو بادشاهن جو فخر، ۽ ڪلدين جي وڏائي جي رونق آهي، تنهن جو اهڙو حال ٿيندو، جهڙو سدوم ۽ عموراہ جو ٿيو هو، جڏهن خدا انهن کي اونڌو ڪري ڇڏيو.


صيون جي ڌيءَ جا بزرگ زمين تي ويهن ٿا، هو ماٺ ڪري ويٺا آهن؛ هنن پنهنجن مٿن تي مٽي وسائي آهي؛ هنن پنهنجي چيلهہ سان کٿا ٻڌا آهن: يروشلم جون ڪنواريون ڇوڪريون پنهنجا مٿا زمين تائين جهڪائين ٿيون.


۽ هو اهڙو پڪاريندا جو سندن آواز تنهنجي مٿان پيو ٻڌڻ ۾ ايندو: ۽ ڏاڍيون رڙيون ڪندا ۽ پنهنجن مٿن تي مٽي وجهندا ۽ خاڪ ۾ ليٽندا:


تڏهن يشوع، ۽ اسرائيل جا بزرگ، پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي خداوند جي صندوق جي اڳيان شام تائين زمين تي منهن ڀر ڪري پيا؛ ۽ هو پنهنجن مٿن تي مٽي وجهڻ لڳا.


۽ جي ڏهہ سڱ تو ڏٺا سي، ۽ اهو جانور، انهيءَ ڪسبياڻيءَ کي ڌڪاريندا ۽ کيس برباد ۽ اُگهاڙو ڪندا، ۽ سندس گوشت کائي ويندا، ۽ کيس پوريءَ طرح باهہ ۾ ساڙي ڇڏيندا.


۽ انهي جي عذاب جي ڊپ کان پري بيهي چوندا تہ هاءِ هاءِ، اي بابل وڏا شهر، مضبوط شهر! هڪڙي ڪلاڪ ۾ تنهنجي سزا اچي پهتي آهي.


ڇالاءِ جو هن جي ناپاڪائيءَ جي شراب جي ڪري سڀ قومون مست ٿي پيون آهن؛ ۽ زمين جي بادشاهن انهي سان زناڪاري ڪئي، ۽ دنيا جا سوداگر انهي جي عيش عشرت جي گهڻائيءَ ڪري دولتمند ٿي پيا.


تنهنڪري هن جون آفتون هڪڙي ئي ڏينهن ۾ اينديون، يعني موت ۽ ماتم، ۽ ڏڪار؛ ۽ هوءَ باهہ سان ساڙي چٽ ڪئي ويندي؛ ڇالاءِ تہ خداوند خدا، جنهن هن جي عدالت ڪئي سو قادر آهي.


۽ لشڪرن مان هڪڙو بنيمين جو ماڻهو اُنهي ڏينهن ڊوڙي سيلا ۾ آيو، جنهن جا ڪپڙا ڦاٽا پيا هئا، ۽ مٽي مٿي تي پيئي هيس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ