Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 18:17 - Sindhi Bible

17 ڇالاءِ جو هڪڙي ڪلاڪ ۾ سندس ساري دولت چٽ ٿي ويئي، ۽ سڀ ميربحر، ۽ سڀيئي جهاز جا مسافر، ۽ خلاصي، ۽ ٻيا جيڪي سمنڊ تي گذران ٿا ڪن، سي پري بيهي رڙيون ڪندا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 تنهن جي هڪڙي ئي ڪلاڪ ۾ سڄي دولت برباد ٿي ويئي.“ سامونڊي جهازن جا ڪپتان، مسافر ۽ ملاح ۽ ٻيا جيڪي سمنڊ تي گذران ٿا ڪن، سي سڀيئي پري بيهي رهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 تنهن جي هڪڙي ئي ڪلاڪ ۾ سڄي دولت برباد ٿي ويئي.“ سامونڊي جهازن جا ڪپتان، مسافر ۽ ملاح ۽ ٻيا جيڪي سمنڊ تي گذران ٿا ڪن، سي سڀيئي پري بيهي رهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 تنھن جي ھڪڙي ئي ڪلاڪ ۾ سڄي دولت برباد ٿي ويئي.“ سڀيئي ميربحر ۽ جھاز جا سڀيئي مسافر ۽ ملاح ۽ ٻيا جيڪي سمنڊ تي گذران ٿا ڪن، سي پري بيھي رھندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 18:17
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي ترسيس جا جهازو، دانهون ڪريو؛ ڇالاءِ جو اوهان جو مضبوط قلعو ويران ڪيو ويو آهي.


پر اهي ٻئي ڳالهيون يعني ٻارن جو نقصان ۽ ڏهاڳ، تو تي هڪڙي ئي ڏينهن، بلڪ هڪڙي لحظي ۾ اچي ڪڙڪنديون: تنهنجي گهڻين جادوگرين ۽ بي انداز تعويذن هوندي بہ اهي پوري زور سان توتي اينديون.


بابل اوچتو ڪري پيو آهي، ۽ ناس ٿي ويو آهي: اُن جي لاءِ واويلا مچايو؛ اُن جي سور لاءِ ملم کڻي وڃو تہ من هو ڇٽي چڱو ڀلو ٿئي.


ڇالاءِ جو منهنجي قوم جي ڌيءَ جي ڏوهہ جي سزا سدوم جي گناهہ جي سزا کان وڏي آهي، جو ڄڻ تہ هڪ پل ۾ اونڌو ڪيو ويو هو، ۽ ڪي بہ هٿ انهيءَ تي نہ اچي پيا.


تڏهن جهاز جو معلم هن وٽ آيو ۽ چيائينس، تہ اي سمهندڙ، تنهنجو مطلب ڇا آهي؟ اُٿي پنهنجي خدا کي پڪار، تہ من انهيءَ خدا کي ڪو اسان جو خيال پوي ۽ اسين نہ ٻُڏون.


پر صوبيدار، ناکئي ۽ جهاز جي مالڪ جون ڳالهيون، پولس جي ڳالهين کان وڌيڪ مڃيون.


۽ جيڪي ڏهہ سڱ تو ڏٺا سي اُهي ڏهہ بادشاهہ آهن جن کي اڃا ڪا بادشاهت ڪانہ ملي آهي؛ پر انهي جانور سان گڏ هڪڙي ڪلاڪ تائين کين بادشاهن جهڙو اختيار ملندو.


۽ جي ڏهہ سڱ تو ڏٺا سي، ۽ اهو جانور، انهيءَ ڪسبياڻيءَ کي ڌڪاريندا ۽ کيس برباد ۽ اُگهاڙو ڪندا، ۽ سندس گوشت کائي ويندا، ۽ کيس پوريءَ طرح باهہ ۾ ساڙي ڇڏيندا.


۽ پنهنجن مٿن تي خاڪ وجهي رڙيون ڪري روئي پِٽي چوندا تہ هاءِ هاءِ، وڏو شهر، جنهن جي دولت جي ڪري سمنڊ جا سڀيئي جهازن وارا دولتمند ٿي پيا هئا! سو هڪڙي ڪلاڪ ۾ برباد ٿي ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ