Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 17:9 - Sindhi Bible

9 هن جو مطلب داناءُ دل پاڻ سمجهي. ست مٿا ست جبل آهن، جن تي هيءَ زال ويٺي آهي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 انهيءَ ڀيد کي سمجھڻ لاءِ ڏاهپ گھرجي. اهي ست مٿا ست جبل آهن، جن تي اها ناري ويٺي آهي. اهي ست راجا بہ آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 انهيءَ ڳجھہ کي سمجھڻ لاءِ ڏاهپ گھرجي. اهي ست مٿا ست جبل آهن، جن تي اها عورت ويٺي آهي. اهي ست بادشاهہ بہ آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 انھيءَ کي سمجھڻ لاءِ سياڻپ گھرجي. اھي ست مٿا ست جبل آھن، جن تي اھا عورت ويٺي آھي. اھي ست بادشاھہ بہ آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 17:9
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر اي داني ايل، تون پنهنجون ڳالهيون بند ڪر، ۽ پڇاڙيءَ جي وقت تائين پنهنجي ڪتاب تي مهر ڪر: گهڻا هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙندا، ۽ علم زيادہ ٿيندو.


ڪير ڏاهو آهي، جو هي ڳالهيون سمجهي؟ ڪير سياڻو آهي تہ اُهي معلوم ڪري؟ ڇالاءِ جو خداوند جا رستا سنوان آهن، ۽ نيڪ ماڻهو انهن تي هلندا؛ پر گنهگار انهن تي ڪِري پوندا.


۽ هن کين ورندي ڏيئي چيو تہ اوهان کي آسمان جي بادشاهت جي ڳجهن جي سمجهہ ڏني ويئي آهي، پر نہ هنن کي.


تنهنڪري جڏهن اوهين ڏسو، تہ اُها ويران ڪندڙ ۽ بڇان ڏيندڙ شيءِ پاڪ جاءِ ۾ بيٺي آهي جنهن بابت داني ايل نبي چئي ويو آهي، (جيڪو پڙهي سو ڀلي سمجهي)،


۽ اُهو ازدها سمنڊ جي واريءَ تي وڃي بيٺو. ۽ مون سمنڊ مان هڪڙو حيوان نڪرندو ڏٺو، جنهن کي ڏهہ سڱ ۽ ست مٿا هئا. ۽ سندس سڱن تي ڏهہ تاج هئا، ۽ سندس مٿن تي ڪفر جا نالا هئا.


ڪنجي هيءَ آهي؛ ۽ جنهن کي سمجهہ آهي سو انهي حيوان جو عدد ڳڻي؛ ڇالاءِ جو اهو ڪنهن ماڻهوءَ جو نالو آهي؛ ۽ اُنهيءَ عدد جي معنيٰ ڇهہ سؤ ڇاهٺ آهي.


۽ اها زال جا تو ڏٺي سا اُهو وڏو شهر آهي، جو زمين جي بادشاهن تي حڪومت ٿو ڪري.


۽ هو مون کي روح ۾ بيابان ڏانهن وٺي هليو، ۽ مون هڪڙي زال، قرمزي رنگ واري جانور تي ويٺل ڏٺي، جو ڪفر جي نالن سان ڀريو پيو هو، ۽ جنهن کي ست مٿا ۽ ڏهہ سڱ هئا.


۽ هن ملائڪ مون کي چيو تہ تون حيران ڇو ٿيو آهين؟ آئون توکي انهيءَ زال ۽ انهيءَ جانور جنهن تي هوءَ چڙهيل آهي ۽ جنهن کي ست مٿا ۽ ڏهہ سڱ آهن، تن جو راز بيان ڪري ٻُڌائيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ