Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 17:16 - Sindhi Bible

16 ۽ جي ڏهہ سڱ تو ڏٺا سي، ۽ اهو جانور، انهيءَ ڪسبياڻيءَ کي ڌڪاريندا ۽ کيس برباد ۽ اُگهاڙو ڪندا، ۽ سندس گوشت کائي ويندا، ۽ کيس پوريءَ طرح باهہ ۾ ساڙي ڇڏيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

16 جيڪو حيوان ۽ سندس ڏهہ سڱ تو ڏٺا، سي انهيءَ وئشيا کان نفرت ڪندا. اهي کيس لُٽي ڦري اگھاڙو ڪري ڇڏيندا، سندس گوشت کائي ويندا ۽ کيس باهہ ۾ ساڙي ڇڏيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 جيڪو حيوان ۽ سندس ڏهہ سڱ تو ڏٺا، سي انهيءَ ڪسبياڻيءَ کان نفرت ڪندا. اهي کيس لُٽي ڦري اگھاڙو ڪري ڇڏيندا، سندس گوشت کائي ويندا ۽ کيس باهہ ۾ ساڙي ڇڏيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

16 جيڪو حيوان ۽ سندس ڏھہ سڱ تو ڏٺا، سي انھيءَ ڪسبياڻيءَ کان نفرت ڪندا ۽ کيس برباد ۽ اگھاڙو ڪري ڇڏيندا، سندس گوشت کائي ويندا ۽ کيس باھہ ۾ ساڙي ڇڏيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 17:16
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن منهنجي تنبوءَ جي ماڻهن ائين نہ چيو هجي، تہ ڪير اهڙو ماڻهو آهي جنهن هن وٽان گوشت سان ڍءُ نہ ڪيو آهي؟


جڏهن بدڪار ماڻهو، جي منهنجا دشمن ۽ ويري آهن، منهنجو ماس کائڻ لاءِ مون تي ڪاهي آيا، تڏهن اهي ٿاٻا کائي ڪري پيا.


۽ ڏسو، ٻيو جانور، رڇ جهڙو هو، ۽ اهو هڪڙي پاسي سڌو ٿي بيٺو؛ ۽ پاسريءَ جون ٽي هڏيون هن جي وات ۾ ڏندن جي وچ ۾ هيون: ۽ هنن چيس تہ اُٿي گهڻو گوشت کاءُ.


۽ جيڪڏهن ڪنهن ڪاهن جي ڌيءَ ڪسبياڻي ٿي پاڻ کي پليت ڪري، تہ هوءَ پنهنجي پيءُ کي پليت ٿي ڪري، تنهنڪري انهيءَ کي باهہ سان ساڙيو وڃي.


۽ ٻيو بہ هڪڙو نشان آسمان ۾ ڏٺو ويو؛ ۽ ڏسو، هڪڙو وڏو ڳاڙهو ازدها، جنهن کي ست مٿا ۽ ڏهہ سڱ هئا، ۽ سندس مٿن تي ست تاج هئا.


۽ ڇهين ملائڪ پنهنجو پيالو وڏيءَ نديءَ فرات تي اوتيو ۽ ان جو پاڻي سُڪي ويو، تان تہ جيڪي بادشاهہ اُڀرندي کان اچن، تن جي لاءِ رستو تيار ٿي وڃي.


۽ اهي ست بادشاهہ آهن؛ انهن مان پنج ڪِري پيا، هڪڙو موجود آهي ۽ هڪڙو اڃا آيو ئي ڪينهي؛ ۽ جڏهن اهو ايندو تڏهن ضرور ٿوري وقت تائين رهندو.


۽ پنهنجن مٿن تي خاڪ وجهي رڙيون ڪري روئي پِٽي چوندا تہ هاءِ هاءِ، وڏو شهر، جنهن جي دولت جي ڪري سمنڊ جا سڀيئي جهازن وارا دولتمند ٿي پيا هئا! سو هڪڙي ڪلاڪ ۾ برباد ٿي ويو.


تنهنڪري هن جون آفتون هڪڙي ئي ڏينهن ۾ اينديون، يعني موت ۽ ماتم، ۽ ڏڪار؛ ۽ هوءَ باهہ سان ساڙي چٽ ڪئي ويندي؛ ڇالاءِ تہ خداوند خدا، جنهن هن جي عدالت ڪئي سو قادر آهي.


تہ اوهين بادشاهن، ۽ جنگي سردارن، ۽ جنگي ماڻهن جو، ۽ گهوڙن ۽ انهن جي سوارن جو، ۽ سڀني آزاد توڙي غلامن، ننڍن توڙي وڏن ماڻهن جو گوشت کائو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ