Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 17:15 - Sindhi Bible

15 پوءِ هن مون کي چيو تہ جيڪي پاڻي تو ڏٺا، ۽ جن تي اُها ڪسبياڻي ويٺي هئي، سي اُمتون، ميڙاڪا، قومون ۽ ٻوليون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 پوءِ دوت مون کي چيو تہ ”جن دريائن جي ڀرسان تو وئشيا کي ويٺل ڏٺو، سي قومون، قبيلا، ٻولين وارا ۽ ذاتيون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 پوءِ ملائڪ مون کي چيو تہ ”جن دريائن جي ڀرسان تو ڪسبياڻيءَ کي ويٺل ڏٺو، سي قومون، قبيلا، ٻولين وارا ۽ ذاتيون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

15 پوءِ ملائڪ چيو تہ ”جيڪي درياءَ تو ڏٺا، جن جي ڀرسان اھا ڪسبياڻي ويٺي آھي، سي اُمتون، ميڙ، قومون ۽ ٻوليون آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 17:15
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

موت جون رسيون مون کي ويڙهي ويون، ۽ بي دينيءَ جي لهرن مونکي ڊيڄاري ڇڏيو.


تون سمنڊن جي گجگوڙ کي ۽ لهرن جي گوڙ کي، ۽ ماڻهن جي گڙٻڙ کي بس ٿو ڪرائين.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، اُتر مان پاڻي چڙهندو اچي، ۽ هڪڙي اُٿلندڙ نهر ٿيندو ۽ ملڪ کي ۽ جيڪي اُن ۾ آهي، شهر توڙي ماڻهو، جي انهن ۾ رهن ٿا، تن سڀني کي اُٿلي ٻوڙي ڇڏيندو؛ ۽ ماڻهو دانهون ڪندا، ۽ انهي ملڪ جا سڀ رهاڪو رڙيون ڪندا.


اڙي تون جو گهڻن پاڻين تي رهين ٿو ۽ بي انداز خزانا اٿيئي، سو تنهنجي پڇاڙي اچي پهتي آهي ۽ تنهنجي لالچ جو ماڻ اچي ڀريو آهي.


سمنڊ بابل تي چڙهي آيو آهي: اُهو ان جي بيشمار لهرن سان ڍڪجي ويو آهي.


ڇالاءِ جو خداوند بابل کي لٽي ٿو، ۽ منجهانئس وڏو گوڙ شور اصل ڪڍي ڇڏي ٿو: ۽ هنن جون لهرون گهڻي پاڻيءَ وانگي گجن ٿيون، هنن جي آواز جو گوڙ ٿو اچي.


پاڻيءَ جي ڪري اُهو وڌيو ۽ پاڙ هنيائين ۽ اُڀري وڏو ٿيو: ان جون نديون ان جي باغن جي چوڌاري ٿي وهيون؛ ۽ اُن پنهنجون نهرون ميدان جي سڀني وڻن ڏانهن ٿي موڪليون.


۽ مون کي چيو ويو تہ توکي ضرور گهڻين اُمتن، ۽ قومن، ۽ ٻولين، ۽ بادشاهن جي نسبت ۾ پيشنگوئي ڪرڻي پوندي.


۽ اُمتن ۽ قبيلن ۽ ٻولين ۽ قومن مان ماڻهو انهن جي لاشن کي ساڍن ٽن ڏينهن تائين ڏسندا رهندا، ۽ سندن لاشا قبر ۾ رکڻ نہ ڏيندا.


۽ جن ستن ملائڪن وٽ ست پيالا هئا، تن مان هڪڙي اچي مون سان ڳالهايو ۽ چوڻ لڳو تہ هيڏانهن اچ تہ جيڪا وڏي ڪسبياڻي گهڻن پاڻين تي ويٺي آهي، تنهن جي سزا توکي ڏيکاريان؛


۽ هڪڙو نئون راڳ ڳائڻ لڳا، تہ تون انهي ڪتاب وٺڻ ۽ اُنهي جي مهرن کولڻ جي لائق آهين: ڇالاءِ جو تون ڪُٺو ويو هئين، ۽ سڀ ڪنهن قبيلي، ۽ ٻوليءَ، ۽ اُمت، ۽ قوم جي ماڻهن کي پنهنجي رت سان تو ملهہ ورتو آهي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ