Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 17:12 - Sindhi Bible

12 ۽ جيڪي ڏهہ سڱ تو ڏٺا سي اُهي ڏهہ بادشاهہ آهن جن کي اڃا ڪا بادشاهت ڪانہ ملي آهي؛ پر انهي جانور سان گڏ هڪڙي ڪلاڪ تائين کين بادشاهن جهڙو اختيار ملندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 جيڪي ڏهہ سڱ تو ڏٺا سي اهي ڏهہ راجا آهن، جن کي اڃا تائين راڄ‌ڀاڳ ڪونہ مليو آهي. پر انهيءَ حيوان سان گڏ کين هڪڙي ڪلاڪ لاءِ راجائن جهڙو اختيار ملندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 جيڪي ڏهہ سڱ تو ڏٺا سي اهي ڏهہ بادشاهہ آهن، جن کي اڃا تائين بادشاهي ڪانہ ملي آهي. پر انهيءَ حيوان سان گڏ کين هڪڙي ڪلاڪ لاءِ بادشاهن جهڙو اختيار ملندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 جيڪي ڏھہ سڱ تو ڏٺا سي اُھي ڏھہ بادشاھہ آھن، جن کي اڃا تائين بادشاھي ڪانہ ملي آھي. پر انھيءَ حيوان سان گڏ کين ھڪڙي ڪلاڪ تائين بادشاھن جھڙو اختيار ملندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 17:12
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهن ڏهن سڱن جي حقيقت جي هن جي مٿي تي هئا، ۽ ٻيو سڱ جو پوءِ نڪري آيو، ۽ جنهن جي اڳيان ٽي ڪِري پيا؛ يعني اُهو سڱ جنهن کي اکيون هيون ۽ وات هو، جنهن وڏيون وڏيون ڳالهيون ٿي ڪيون، ۽ جو ڏسڻ ۾ ٻين سڱن کان مضبوط ٿي آيو.


باقي هو ڏهہ سڱ، سي آهن ڏهہ بادشاهہ، جي انهي بادشاهت مان اُٿندا: ۽ انهن کان پوءِ ٻيو اُٿندو؛ ۽ اُهو هنن اڳين کان ٻي طرح جو هوندو، ۽ اُهو ٽن بادشاهن کي ڪيرائي ڇڏيندو.


۽ مون کي چيو ويو تہ توکي ضرور گهڻين اُمتن، ۽ قومن، ۽ ٻولين، ۽ بادشاهن جي نسبت ۾ پيشنگوئي ڪرڻي پوندي.


۽ ٻيو بہ هڪڙو نشان آسمان ۾ ڏٺو ويو؛ ۽ ڏسو، هڪڙو وڏو ڳاڙهو ازدها، جنهن کي ست مٿا ۽ ڏهہ سڱ هئا، ۽ سندس مٿن تي ست تاج هئا.


۽ اُهو ازدها سمنڊ جي واريءَ تي وڃي بيٺو. ۽ مون سمنڊ مان هڪڙو حيوان نڪرندو ڏٺو، جنهن کي ڏهہ سڱ ۽ ست مٿا هئا. ۽ سندس سڱن تي ڏهہ تاج هئا، ۽ سندس مٿن تي ڪفر جا نالا هئا.


۽ جي ڏهہ سڱ تو ڏٺا سي، ۽ اهو جانور، انهيءَ ڪسبياڻيءَ کي ڌڪاريندا ۽ کيس برباد ۽ اُگهاڙو ڪندا، ۽ سندس گوشت کائي ويندا، ۽ کيس پوريءَ طرح باهہ ۾ ساڙي ڇڏيندا.


۽ انهي جي عذاب جي ڊپ کان پري بيهي چوندا تہ هاءِ هاءِ، اي بابل وڏا شهر، مضبوط شهر! هڪڙي ڪلاڪ ۾ تنهنجي سزا اچي پهتي آهي.


ڇالاءِ جو هڪڙي ڪلاڪ ۾ سندس ساري دولت چٽ ٿي ويئي، ۽ سڀ ميربحر، ۽ سڀيئي جهاز جا مسافر، ۽ خلاصي، ۽ ٻيا جيڪي سمنڊ تي گذران ٿا ڪن، سي پري بيهي رڙيون ڪندا،


۽ پنهنجن مٿن تي خاڪ وجهي رڙيون ڪري روئي پِٽي چوندا تہ هاءِ هاءِ، وڏو شهر، جنهن جي دولت جي ڪري سمنڊ جا سڀيئي جهازن وارا دولتمند ٿي پيا هئا! سو هڪڙي ڪلاڪ ۾ برباد ٿي ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ