Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 16:8 - Sindhi Bible

8 ۽ چوٿين پنهنجو پيالو سج تي اوتيو؛ ۽ انهي کي اختيار ڏنو ويو تہ ماڻهن کي باهہ سان ساڙي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 چوٿين دوت پنهنجو پيالو سج تي هاريو تہ سج کي اختيار ڏنو ويو تہ ماڻهن کي باهہ سان ساڙي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 چوٿين ملائڪ پنهنجو پيالو سج تي هاريو تہ سج کي اختيار ڏنو ويو تہ ماڻهن کي باهہ سان ساڙي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 چوٿين ملائڪ پنھنجو پيالو سج جي مٿان ھاريو تہ سج کي اختيار ڏنو ويو تہ ماڻھن کي باھہ سان ساڙي ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 16:8
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهي وقت چنڊ لڄي ٿيندو، ۽ سج شرمندو ٿيندو؛ ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند صيون جبل ۾، ۽ يروشلم ۾، ۽ پنهنجي بزرگن جي اڳيان تجمل سان بادشاهي ڪندو.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن سج اُڀريو، تڏهن خدا اُڀرندي جو گرم واءُ تيار ڪيو، ۽ يوناہ کي اهڙي اُس لڳي جو هو ماندو ٿي ويو، ۽ پنهنجي لاءِ عرض ڪيائين، تہ مري، ۽ چيائين تہ منهنجي لاءِ جيئڻ کان مرڻ بهتر آهي.


۽ جڏهن سج نڪتو تڏهن اُهي سڙي ويا ۽ پاڙ نہ هئڻ سبب سُڪي ويا.


۽ سج ۽ چنڊ ۽ تارن ۾ نشان ظاهر ٿيندا، ۽ زمين تي قومن مٿان مصيبت اچي ڪڙڪندي، ۽ اُهي سمنڊ ۽ لهرن جي گوڙ ڪري حيران ۽ پريشان ٿي وينديون.


۽ خداوند جو ڏينهن يعني اُهو عظيم ۽ مشهور ڏينهن اچي، تنهن کان اڳيئي سج اونداهو ٿيندو، ۽ چنڊ رت ٿي پوندو.


۽ قربانگاهہ مان هڪڙو ٻيو ملائڪ نڪتو، جنهن کي باهہ تي اختيار هو، ۽ هن تکي ڏاٽي واري کي وڏي آواز سان سڏي چيو، تہ پنهنجو تکو ڏاٽو هلاءِ ۽ زمين جي ڊاک جا ڇڳا گڏ ڪر؛ ڇالاءِ جو ڊاک بلڪل پچي راس ٿي ويئي آهي.


۽ جڏهن هن ڇهين مهر کولي، تڏهن مون ڏٺو تہ هڪڙو وڏو زلزلو آيو، ۽ سج ڏاس جي کٿي جهڙو ڪارو ٿي پيو، ۽ سڄو چنڊ رت جهڙو ٿي پيو؛


هنن کي وري نڪا بُک لڳندي، نڪا اُڃ؛ نڪا کين اُس لڳندي، نڪا گرمي:


۽ چوٿين ملائڪ تري وڄائي تہ سج جي ٽئين حصي کي، ۽ چنڊ جي ٽئين حصي کي، ۽ تارن جي ٽئين حصي کي ضرر رسي ويئي، جنهنڪري انهن جو ٽيون حصو ڪارو ٿي پيو، ۽ ڏينهن جي ٽئين حصي جو سوجهرو ڪونہ رهيو، ۽ رات جو بہ ساڳيو حال ٿيو.


۽ هن اوڙاهہ واري کڏ کولي تہ کڏ مان دونهون نڪرڻ لڳو، جيئن ڪنهن وڏي کوري مان دونهون نڪرندو آهي؛ ۽ اُنهيءَ کڏ جي دونهين ڪري سج ۽ هوا اوندهہ ٿي پيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ