Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 16:21 - Sindhi Bible

21 ۽ ماڻهن تي آسمان مان وڏا ڳڙا پوڻ لڳا، جن مان هڪ هڪ ڳڙو وزن ۾ هڪ مڻ هو؛ ۽ انهن ڳڙن جي آفت سبب ماڻهو خدا تي ڪفر بڪڻ لڳا، ڇالاءِ جو اها آفت ڏاڍي سخت هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

21 ماڻهن تي آڪاش مان وڏا وڏا ڳڙا وسيا، جن مان هر هڪ جو وزن اٽڪل چاليهہ ڪلوگرام هو. انهن ڳڙن جي آفت جي ڪري ماڻهو ايشور جي خلاف نندا ڪرڻ لڳا، ڇاڪاڻ تہ اها آفت ڏاڍي سخت هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 ماڻهن تي آسمان مان وڏا وڏا ڳڙا وسيا، جن مان هر هڪ جو وزن اٽڪل چاليهہ ڪلوگرام هو. انهن ڳڙن جي آفت جي ڪري ماڻهو خدا جي خلاف ڪفر بڪڻ لڳا، ڇاڪاڻ تہ اها آفت ڏاڍي سخت هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

21 ماڻھن تي آسمان مان وڏا ڳڙا وسڻ لڳا، جن مان ھر ھڪ جو وزن اٽڪل چاليھہ ڪلوگرام ھو. انھن ڳڙن جي آفت جي ڪري ماڻھو خدا جي خلاف ڪفر بڪڻ لڳا، ڇالاءِ⁠جو اھا آفت ڏاڍي سخت ھئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 16:21
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون برف جي خزانن ۾ گهڙيو آهين ڇا؟ يا تو ڳڙن جا خزانا ڏٺا آهن ڇا،


جي مون تڪليف جي وقت لاءِ سانڍي رکي ڇڏيا آهن، ۽ لڙائي ۽ جنگ جي ڏينهن لاءِ؟


ڏس، سڀاڻي هن مهل ڌاري آءٌ تمام سخت ڳڙا وسائيندس جن جهڙا مصر ۾ سندس شروعات کان وٺي اڄ ڏينهن تائين نہ پيا هوندا.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ پنهنجو هٿ آسمان ڏانهن ڊگهير تہ مصر جي ساري ملڪ تي يعني ماڻهن تي، جانورن تي، ٻنيءَ جي سڀ ڪنهن آباديءَ تي، ۽ جيڪي بہ مصر جي ساري ملڪ ۾ آهي، تنهن تي ڳڙا پون.


۽ خداوند پنهنجو جلال وارو آواز ٻڌائيندو، ۽ پنهنجي غصي جي جوش سان، ۽ تباهہ ڪندڙ باهہ جي شعلي سان، ۽ واچ ۽ طوفان ۽ ڳڙن سان پنهنجي ٻانهن جو نازل ٿيڻ ڏيکاريندو.


تڏهن هو ملڪ ۾ بکايل ۽ بڇڙي حال گهمندا: ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن هنن کي بک لڳندي تڏهن ڪنجهندا ڪُرڪندا، ۽ پنهنجي بادشاهہ تي، ۽ پنهنجي خدا تي لعنت ڪندا، ۽ پنهنجا منهن مٿي ڪندا:


جيڪي اهو اڻ گڏيل ڪچو گارو ٿا لڳائين تن کي چئو، تہ اها ڀِت ڪِري پوندي؛ هڪڙي تمام سخت برسات پوندي ۽ وڏا وڏا ڳڙا وسندا، ۽ طوفان جهڙي واچ انهي کي ڀڃي ڇڏيندي.


تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ پنهنجي ڪاوڙ ۾ انهي کي طوفان جهڙي واچ سان ڀڃي ڇڏيندس؛ ۽ منهنجي غصي ۾ هڪڙي تمام زور واري برسات ايندي، ۽ وڏا غضب جا ڳڙا انهي کي چٽ ڪري ڇڏيندا.


۽ هيئن ٿيو جو جيئن هو اسرائيل جي اڳيان ڀڄندا ويا، ۽ بيت حورون ڏي لهندا ويا، تيئن عزيقاہ تائين خداوند هنن جي مٿان آسمان مان وڏا وڏا پٿر وسايا، جنهنڪري هو مري ويا: جن کي بني اسرائيل ترار سان قتل ڪيو، تن کان وڌيڪ ڳڙن جي سبب مئا.


۽ خدا جو هيڪل، جو آسمان ۾ آهي، سو کوليو ويو؛ ۽ سندس عهد جي صندوق هيڪل ۾ ڏسڻ ۾ آئي؛ پوءِ کنوڻيون، ۽ آواز، ۽ گجگوڙيون ٿيڻ لڳيون، ۽ زلزلو ٿيو، ۽ وڏا ڳڙا پيا.


۽ پنهنجن سورن ۽ ڦٽن جي ڪري آسمان جي خدا جي نسبت ۾ ڪفر بڪڻ لڳا؛ ۽ پنهنجن ڪمن کان توبهہ نہ ڪيائون.


۽ هو ڏاڍا سڙي ويا؛ ۽ خدا، جنهن کي انهن آفتن تي اختيار آهي، تنهن جي نالي تي ڪفر بڪڻ لڳا، ۽ توبهہ ڪري سندس تمجيد ظاهر نہ ڪيائون.


۽ پهرئين تري وڄائي تہ رت سان گڏيل ڳڙا ۽ باهہ پيدا ٿي، ۽ زمين تي اُڇلائي ويئي: ۽ زمين جون ٽيون حصو سڙي ويو، ۽ سڀ سائو گاهہ بہ سڙي ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ