Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 16:12 - Sindhi Bible

12 ۽ ڇهين ملائڪ پنهنجو پيالو وڏيءَ نديءَ فرات تي اوتيو ۽ ان جو پاڻي سُڪي ويو، تان تہ جيڪي بادشاهہ اُڀرندي کان اچن، تن جي لاءِ رستو تيار ٿي وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 جڏهن ڇهين دوت پنهنجو پيالو وڏي درياءَ فرات تي هاريو تہ ان جو پاڻي سڪي ويو. انهيءَ لاءِ تہ اهڙو رستو تيار ٿي وڃي جو اوڀر کان راجا پنهنجن لشڪرن سان ڪاهي اچن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 جڏهن ڇهين ملائڪ پنهنجو پيالو وڏي درياءَ فرات تي هاريو تہ ان جو پاڻي سڪي ويو. انهيءَ لاءِ تہ اهڙو رستو تيار ٿي وڃي جو اوڀر کان بادشاهہ پنهنجن لشڪرن سان ڪاهي اچن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 جڏھن ڇھين ملائڪ پنھنجو پيالو وڏي درياءَ فرات جي مٿان ھاريو تہ ان جو پاڻي سڪي ويو، تہ جيئن اڀرندي کان اچڻ وارن بادشاھن لاءِ رستو تيار ٿي وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 16:12
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند مصر واري سمنڊ جي ڄڀ اصل ناس ڪري ڇڏيندو؛ ۽ پنهنجي ساڙيندڙ واءُ سان پنهنجو هٿ نديءَ جي مٿان اُلاريندو، ۽ انهي کي ستن نهرن ۾ ورهائيندو، ۽ اتان ماڻهو سڪي جُتيءَ سان پار لنگهائيندو.


مون هڪڙي کي اُتر کان اُٿاريو آهي ۽ اهو اچي پهتو آهي؛ اهو جو سج جي اُڀرڻ واري هنڌان ٿو اچي ۽ منهنجو نالو وٺي ٿو پڪاري: ۽ اُهو حاڪمن جي مٿان ائين ٿو اچي، جيئن ڪو گچ تي اچي، ۽ جيئن ڪو ڪنڀر مٽيءَ کي لتاڙي.


آءٌ جبلن ۽ ٽڪرين کي ويران ڪندس، ۽ انهن جو سڀ گاهہ ٻوٽو سڪائي ڇڏيندس؛ آءٌ ندين کي ٻيٽ ڪندس، ۽ ڍنڍن کي سڪائي ڇڏيندس.


جو اونهي سمنڊ کي چوي ٿو تہ سڪي وڃ، آءٌ تنهنجون نديون سڪائي ڇڏيندس:


آءٌ اُڀرندي يعني ڏورانهين ملڪ کان هڪڙو عقاب، يعني اهڙو شخص سڏيندس جو منهنجي مرضي پوري ڪندو؛ هائو، مون ڳالهايو آهي، ۽ آءٌ ائين ئي ڪندس؛ مون ارادو ڪيو آهي، ۽ آءٌ اهو پورو ڪندس.


تنهن ڪري هاڻي ڏس، خداوند انهن تي فرات نديءَ جو زور وارو پاڻي آڻي ٿو، يعني اسور جو بادشاهہ ۽ ان جو سارو جلال، ۽ اهو ان جي سڀني نهرن تي، ۽ ان جي سڀني ڪنڌين تي چڙهي ايندو:


تنهن ڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس آءٌ تنهنجي پاران حجت دليل ڪندس، ۽ تنهنجي بدران وير وٺندس؛ ۽ آءٌ هن جو سمنڊ سڪائي ڇڏيندس، ۽ هن جو چشمو خشڪ ڪندس.


ٻي مصيبت لنگهي ويئي: ڏسو، ٽين مصيبت جلد ٿي اچي.


پوءِ هن مون کي چيو تہ جيڪي پاڻي تو ڏٺا، ۽ جن تي اُها ڪسبياڻي ويٺي هئي، سي اُمتون، ميڙاڪا، قومون ۽ ٻوليون آهن.


۽ مون ٻئي ملائڪ کي ڏٺو تہ زندہ خدا جي مهر کڻي اُڀرندي کان مٿي چڙهي آيو: ۽ جن چئن ملائڪن کي اهو اختيار ڏنو ويو هو تہ زمين ۽ سمنڊ کي نقصان رسائين، تن کي وڏي آواز سان چوڻ لڳو تہ،


۽ جنهن ڇهين ملائڪ وٽ تري هئي، تنهن کي ڪنهن چيو تہ جيڪي چار ملائڪ وڏيءَ نديءَ فرات وٽ ٻَڌل آهن، تن کي ڇوڙي ڇڏ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ