Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 16:11 - Sindhi Bible

11 ۽ پنهنجن سورن ۽ ڦٽن جي ڪري آسمان جي خدا جي نسبت ۾ ڪفر بڪڻ لڳا؛ ۽ پنهنجن ڪمن کان توبهہ نہ ڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 ۽ پنهنجي سورن ۽ ڦٽن جي ڪري آڪاش جي ايشور جي خلاف نندا ڪندا رهيا. پر پنهنجي ڪمن کان توبهہ نہ ڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 ۽ پنهنجي سورن ۽ ڦٽن جي ڪري عرش عظيم جي خدا جي خلاف ڪفر بڪندا رهيا. پر پنهنجي ڪمن کان توبهہ نہ ڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 اھي پنھنجي سورن ۽ ڦٽن جي ڪري عرش عظيم جي خدا جي خلاف ڪفر بڪڻ لڳا، پر پنھنجي ڪمن کان توبھہ نہ ڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 16:11
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ پنهنجي تنگيءَ جي وقت ۾ انهيءَ ساڳي بادشاهہ آخز اڃا بہ زيادہ خداوند جي برخلاف گناهہ ڪيا.


فارس جو بادشاهہ خورس هيئن ٿو فرمائي تہ خداوند، آسمان جي خدا دنيا جون سڀ بادشاهتون مون کي عطا ڪيون آهن؛ ۽ هن مون کي حڪم ڪيو آهي تہ يروشلم، جو يهوداہ ۾ آهي، تنهن ۾ سندس لاءِ هڪڙو گهر جوڙيان. تنهنڪري انهيءَ جي ساريءَ قوم مان جيڪو بہ ماڻهو اوهان ۾ هجي، تنهن سان خداوند سندس خدا شل همراهہ ٿئي، ۽ اهو ڀلي موٽي وڃي.


فارس جو بادشاهہ خورس هيئن ٿو فرمائي، تہ خداوند آسمان جي خدا، دنيا جون سڀ بادشاهتون مون کي عطا ڪيون آهن؛ ۽ هن مون کي حڪم ڪيو آهي تہ يروشلم، جو يهوداہ ۾ آهي، تنهن ۾ سندس لاءِ هڪڙو گهر جوڙيان.


انهيءَ لاءِ تہ هو آسمان جي خدا لاءِ چڱين خوشبوين جون قربانيون چاڙهين، ۽ بادشاهہ ۽ سندس پٽن جي حياتيءَ واسطي دعا گهرن.


ارتخششتا شهنشاهہ وٽان عزرا ڪاهن، آسمان جي خدا جي شريعت جي استاد ڏانهن جو ڪامل آهي، وغيرہ:


۽ آءٌ، يعني ارتخششتا بادشاهہ، جيڪي خزانچي نديءَ جي هن ڀر آهن، تن سڀني ڏانهن حڪم جاري ٿو ڪريان تہ جيڪي بہ عزرا ڪاهن، آسمان جي خدا جي شريعت جو استاد اوهان کي ڪرڻ لاءِ چوي، سو اوهين گهڻي سعيي سان ڪجو.


جيڪي بہ آسمان جو خدا حڪم ڪري، سو سندس گهر جي لاءِ بلڪل پوريءَ طرح ڪرڻ ۾ اچي؛ ڇالاءِ جو بادشاهہ جي بادشاهت، ۽ سندس پٽن تي ڇو غضب نازل ٿئي؟


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن مون اهي ڳالهيون ٻڌيون، تڏهن ويهي روئڻ لڳس، ۽ ڪي ڏينهن پئي ماتم ڪيم، ۽ آسمان جي خدا جي اڳيان دعا گهريم.


تڏهن بادشاهہ مون کي چيو تہ تنهنجو مطلب ڪهڙو آهي؟ تڏهن مون آسمان جي خدا کان دعا گهري.


آسمان جي خدا جو شڪر ڪريو: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي.


۽ انهن بادشاهن جي ڏينهن ۾ آسمان وارو خدا هڪڙي بادشاهت برپا ڪندو جا ڪڏهن بہ ناس نہ ٿيندي، ۽ نہ انهي جي بادشاهت ٻي ڪنهن قوم کي ملندي؛ پر اُها ٻيون سڀ بادشاهتون ڀڃي پرزا پرزا ڪري چٽ ڪندي، ۽ پاڻ هميشہ لاءِ قائم رهندي.


۽ هن انهن کي چيو تہ آءٌ عبراني آهيان، ۽ آءٌ خداوند آسمان جي خدا کان ڊڄان ٿو، جنهن سمنڊ ۽ سُڪي زمين پيدا ڪئي آهي.


پر جيڪي بدڪار ۽ ٺڳ آهن، سي ٻين کي ٺڳي، ۽ پاڻ بہ ٺڳجي زيادہ خراب ٿيندا ويندا.


۽ اُنهيءَ گهڙيءَ وڏو زلزلو ٿيو، ۽ شهر جو ڏهون حصو ڪِري پيو؛ ۽ انهي زلزلي ۾ ست هزار ماڻهو مري ويا؛ ۽ باقي ٻيا ڊڄي ويا ۽ آسمان جي خدا جو جلال ظاهر ڪرڻ لڳا.


۽ پهرئين وڃي پنهنجو پيالو زمين تي اوتيو؛ ۽ جن تي اُنهي حيوان جي ڇاپ هئي، ۽ جي سندس بُت جي پرستش ڪندا هئا، تن کي گندا ناسوري ڦٽ ٿي پيا.


۽ ماڻهن تي آسمان مان وڏا ڳڙا پوڻ لڳا، جن مان هڪ هڪ ڳڙو وزن ۾ هڪ مڻ هو؛ ۽ انهن ڳڙن جي آفت سبب ماڻهو خدا تي ڪفر بڪڻ لڳا، ڇالاءِ جو اها آفت ڏاڍي سخت هئي.


۽ هو ڏاڍا سڙي ويا؛ ۽ خدا، جنهن کي انهن آفتن تي اختيار آهي، تنهن جي نالي تي ڪفر بڪڻ لڳا، ۽ توبهہ ڪري سندس تمجيد ظاهر نہ ڪيائون.


۽ مون انهيءَ کي مهلت ڏني تہ توبهہ ڪري؛ پر اها پنهنجي زناڪاريءَ کان توبهہ ڪرڻ نٿي گهُري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ