Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 16:10 - Sindhi Bible

10 ۽ پنجين پنهنجو پيالو انهي حيوان جي تخت تي اوتيو؛ ۽ هن جي بادشاهت ۾ اوندهہ ٿي ويئي. ۽ سور سببان ماڻهو پنهنجون زبانون چٻاڙڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 پنجين دوت پنهنجو پيالو انهيءَ حيوان جي تخت تي هاريو تہ انهيءَ جي راڄ ۾ اوندهہ ٿي ويئي. ماڻهو سور سببان پنهنجيون زبانون چٻاڙيندا

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 پنجين ملائڪ پنهنجو پيالو انهيءَ حيوان جي تخت تي هاريو تہ انهيءَ جي بادشاهيءَ ۾ اوندهہ ٿي ويئي. ماڻهو سور سببان پنهنجيون زبانون چٻاڙيندا

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 ان کان پوءِ پنجين ملائڪ پنھنجو پيالو انھيءَ حيوان جي تخت جي مٿان ھاريو تہ انھيءَ جي بادشاھيءَ ۾ اوندھہ ٿي ويئي ۽ ماڻھو سور سببان پنھنجون زبانون چٻاڙڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 16:10
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن انهن تي مصيبت جا ملائڪ موڪليا، ۽ پنهنجي سخت غصي، ۽ ڏمر ۽ ڪاوڙ جي ڪري کين تڪليف ۾ وڌائين.


۽ اُنهن کي باهہ جي کوري ۾ اُڇلائي وجهندا: اتي روئڻ ۽ ڏند ڪرٽڻ ٿيندو.


۽ اُنهن کي باهہ جي کوري ۾ اُڇلائي وجهندا: اُتي روئڻ ۽ ڏند ڪرٽڻ ٿيندو.


تڏهن بادشاهہ نوڪرن کي چيو تہ هن جا هٿ پير ٻَڌي ٻاهر اونداهيءَ ۾ ڪڍي ڇڏيوس، اتي روئڻ ۽ ڏند ڪرٽڻ ٿيندو.


۽ انهي کي سخت عذاب ڏيئي، کيس رياڪارن سان شامل ڪندو: ۽ اتي روئڻ ۽ ڏند ڪرٽڻ ٿيندو.


پر جيڪي بادشاهت جا ٻار آهن، تن کي ٻاهرينءَ اونداهيءَ ۾ ڪڍي ڇڏبو. اُتي روئڻ ۽ ڏند ڪرٽڻ ٿيندو.


جڏهن اوهين ابراهيم، ۽ اسحاق، ۽ يعقوب، ۽ سڀني نبين کي خدا جي بادشاهت ۾ ڏسندا، ۽ پاڻ کي ٻاهر ڌڪيل، تڏهن اُتي روئڻ ۽ ڏند ڪرٽڻ ٿيندو.


سڀني ماڻهن جي عزت ڪريو. برادريءَ وارن کي پيار ڪريو. خدا کان ڊڄو. بادشاهہ جي تعظيم ڪريو.


۽ زمين جا رهاڪو انهن جي موت ڪري خوشيون ۽ تماشا ڪندا؛ ۽ هڪٻئي ڏانهن سوکڙيون موڪليندا؛ ڇالاءِ جو هنن ٻن نبين زمين جي رهاڪن کي پريشان ڪيو هو.


پر جيڪو اڱڻ پاڪ جاءِ جي ٻاهر آهي سو ڇڏي ڏي؛ اُن جي ماپ نہ ڪر، ڇالاءِ جو اهو غير قومن کي ڏنو ويو آهي، ۽ هو پاڪ شهر کي ٻائيتاليهن مهينن تائين پيا لتاڙيندا.


۽ سندن لاشا انهي وڏي شهر جي رستن ۾ پيا هوندا، جنهن کي روحاني طرح سدوم ۽ مصر ٿا سڏين؛ جتي سندن خداوند بہ صليب تي چاڙهيو ويو هو.


ڇالاءِ جو خدا هنن جي دل ۾ وجهندو تہ هو سندس مرضيءَ تي هلن، ۽ هڪڙيءَ راءِ تي اچي بيهن، ۽ پنهنجي پنهنجي بادشاهت انهي جانور کي ڏين، جيسين ڪ خدا جون ڳالهيون پوريون ٿين.


هن جو مطلب داناءُ دل پاڻ سمجهي. ست مٿا ست جبل آهن، جن تي هيءَ زال ويٺي آهي:


۽ هن وڏي آواز سان چيو تہ ڪِري پيو، وڏو شهر بابل ڪِري پيو، ۽ ڀوتن جي رهڻ جو مڪان ٿي پيو، ۽ سڀ ڪنهن ناپاڪ روح ۽ سڀ ڪنهن ناپاڪ ۽ ڪراهت جهڙي پکيءَ جي رهڻ جي جاءِ ٿي پيو.


۽ هڪڙي زور واري ملائڪ هڪڙو وڏو جنڊ جي پاٽ جيڏو پهڻ کڻي، سمنڊ ۾ اُڇلائي چيو تہ بابل جو وڏو شهر هن طرح ڏاڍي زور سان ڪيرايو ويندو، ۽ وري سندس پتو ئي ڪونہ پوندو.


۽ تو ۾ وري ڏيئي جو سوجهرو ڪڏهن ڪونہ ٿيندو، ۽ تو ۾ وري گهوٽ ۽ ڪنوار جو آواز ڪڏهن بہ ٻُڌڻ ۾ ڪونہ ايندو! تنهنجا سوداگر زمين جا امير هئا ۽ سڀ قومون تنهنجي جادوگريءَ سان ٺڳجي ويون هيون.


۽ چوٿين ملائڪ تري وڄائي تہ سج جي ٽئين حصي کي، ۽ چنڊ جي ٽئين حصي کي، ۽ تارن جي ٽئين حصي کي ضرر رسي ويئي، جنهنڪري انهن جو ٽيون حصو ڪارو ٿي پيو، ۽ ڏينهن جي ٽئين حصي جو سوجهرو ڪونہ رهيو، ۽ رات جو بہ ساڳيو حال ٿيو.


۽ هن اوڙاهہ واري کڏ کولي تہ کڏ مان دونهون نڪرڻ لڳو، جيئن ڪنهن وڏي کوري مان دونهون نڪرندو آهي؛ ۽ اُنهيءَ کڏ جي دونهين ڪري سج ۽ هوا اوندهہ ٿي پيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ