Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 15:5 - Sindhi Bible

5 ۽ انهن ڳالهين کانپوءِ مون نهاريو ۽ ڏٺو تہ آسمان ۾ جا شاهديءَ جي خيمي جي پاڪ جاءِ آهي سا کولي ويئي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 انهن ڳالهين کان پوءِ مون آڪاش ۾ ڏٺو تہ هيڪل يعني ايشور سان ملاقات واري جاءِ کُليل نظر آئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 انهن ڳالهين کان پوءِ مون آسمان ۾ ڏٺو تہ هيڪل يعني خدا سان ملاقات واري جاءِ کُليل نظر آئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 انھن ڳالھين کان پوءِ مون آسمان ڏانھن ڏٺو، جنھن ۾ مقدس خيمي جي مقدس ترين جاءِ کليل نظر آئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 15:5
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ تون اُهو رحمت جو پوش صندوق جي مٿان رکج، ۽ جيڪو عهدنامو آءٌ توکي ڏيان، سو انهيءَ صندوق ۾ رکج.


عبادت جي خيمي، يعني شاهديءَ جي خيمي جو تفصيل اهو آهي: جيڪي شيون موسيٰ جي حڪم موجب لاوين جي خدمت لاءِ هارون ڪاهن جي پٽ اتمر جي هٿان شمار ڪيون ويون،


پر لاوين کي شاهديءَ جي خيمي جي مٿان، ۽ انهي جي سڀ سامان جي مٿان، ۽ ٻيو جيڪي انهي جي بِلي آهي، تنهن جي مٿان مقرر ڪج. هو اهو خيمو ۽ انهي جو سڀ سامان کڻن، ۽ انهي جي خدمت ڪن، ۽ خيمي جي چوڌاري منزل ڪري رهن.


پر لاوي پنهنجا تنبو شاهديءَ جي خيمي جي آس پاس هڻن؛ انهي لاءِ تہ بني اسرائيل جي جماعت تي غضب نازل نہ ٿئي، ۽ لاوي شاهديءَ جي خيمي جي نگهباني ڪن.


۽ ڏسو، هيڪل جو پردو چوٽيءَ کان وٺي تري تائين ڦاٽي ٻہ اڌ ٿي پيو، ۽ زلزلو ٿيو، ۽ ڏونگر ڏري پيا؛


جي آسماني شين جي نقل ۽ پاڇي جي خدمت ٿا ڪن. جهڙي طرح ڪ جڏهن موسيٰ تنبو ٿي جوڙيو، تڏهن خدا هدايت ڪيس: ڇالاءِ جو هو فرمائي ٿو تہ ”ڏس، جيڪو نمونو توکي جبل تي ڏيکاريو ويو هو، انهي موجب سڀ شيون جوڙج.“


۽ خدا جو هيڪل، جو آسمان ۾ آهي، سو کوليو ويو؛ ۽ سندس عهد جي صندوق هيڪل ۾ ڏسڻ ۾ آئي؛ پوءِ کنوڻيون، ۽ آواز، ۽ گجگوڙيون ٿيڻ لڳيون، ۽ زلزلو ٿيو، ۽ وڏا ڳڙا پيا.


۽ هن پنهنجو وات کوليو، انهي لاءِ تہ خدا جي نسبت ۾ ڪفر بڪي، يعني سندس نالي ۽ سندس خيمي جي نسبت ۾ ڪفر بڪي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ