مڪاشفو 15:4 - Sindhi Bible4 اي خداوند، ڪير توکان نہ ڊڄندو ۽ تنهنجي نالي جي وڏائي نہ ڳائيندو؟ ڇالاءِ جو تون ئي اڪيلو پاڪ آهين؛ ۽ سڀيئي قومون تنهنجي اڳيان سجدو ڪنديون، جو تنهنجي انصاف جا ڪم پڌرا ٿيا آهن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible4 اي پرڀو! تو کان ڪير نہ ڊڄندو؟ تنهنجي نالي جي مهانتا ڪير نہ ڪندو؟ ڇاڪاڻ تہ رڳو تون ئي پوِتر آهين. سڀيئي قومون اچي تنهنجي اڳيان سيس نوائينديون، ڇاڪاڻ تہ تنهنجي انصاف جا ڪم ظاهر ٿيا آهن.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible4 اي خداوند! تو کان ڪير نہ ڊڄندو؟ تنهنجي نالي جي تعظيم ڪير نہ ڪندو؟ ڇاڪاڻ تہ رڳو تون ئي پاڪ آهين. سڀيئي قومون اچي تنهنجي اڳيان سجدو ڪنديون، ڇاڪاڻ تہ تنهنجي انصاف جا ڪم ظاهر ٿيا آهن.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament4 اي خداوند! تو کان ڪير نہ ڊڄندو؟ تنھنجي نالي جي واکاڻ ڪير نہ ڪندو؟ ڇالاءِجو رڳو تون ئي پاڪ آھين. سڀيئي قومون اچي تنھنجي اڳيان سجدو ڪنديون، ڇالاءِجو تنھنجي انصاف جا ڪم ظاھر ٿيا آھن.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون کان نٿا ڊڄو ڇا؟ اوهين منهنجي حضور ۾ ڪين ڏڪندا ڇا، مون کان، جنهن سمنڊ جي حد لاءِ واري اهڙي مدامي حڪم سان قائم ڪئي آهي جو اهو انهي کان لنگهي نٿو سگهي، ۽ جيتوڻيڪ ان جون لهرون زور سان اُڇلجن ٿيون، تہ بہ اهي غالب پئي نہ ٿيون سگهن، ۽ جيتوڻيڪ اُهي شور ٿيون ڪن، تہ بہ اُهي لنگهي نہ ٿيون سگهن.