Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 15:2 - Sindhi Bible

2 ۽ مون شيشي جهڙو هڪڙو سمنڊ ڏٺو، جنهن ۾ باهہ گڏيل هئي؛ ۽ جيڪي اُنهي حيوان، ۽ اُنهي جي بُت، ۽ سندس نالي جي عدد تي غالب پيا هئا، سي خدا جا ڏنل تنبورا کنيو انهي شيشي جي سمنڊ وٽ بيٺا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 مون شيشي جهڙو هڪڙو سمنڊ ڏٺو، جنهن ۾ باهہ گڏيل هئي ۽ جيڪي انهيءَ حيوان توڙي سندس بت ۽ نالي جي عدد وارين آزمائشن تي حاوي پيا هئا، سي ايشور جا ڏنل ستارَ وارا ساز کنيو انهيءَ شيشي جي سمنڊ وٽ بيٺا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 مون شيشي جهڙو هڪڙو سمنڊ ڏٺو، جنهن ۾ باهہ گڏيل هئي ۽ جيڪي انهيءَ حيوان توڙي سندس بت ۽ نالي جي عدد وارين آزمائشن تي غالب پيا هئا، سي خدا جا ڏنل ستارَ وارا ساز کنيو انهيءَ شيشي جي سمنڊ وٽ بيٺا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 مون ھڪڙو شيشي جھڙو سمنڊ ڏٺو، جنھن ۾ باھہ گڏيل ھئي ۽ جيڪي انھيءَ حيوان، سندس بت ۽ سندس نالي جي عدد تي غالب پيا ھئا سي خدا جا ڏنل تنبورا کنيو انھيءَ شيشي جي سمنڊ وٽ بيٺا ھئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 15:2
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آئون تہ اوهان کي توبهہ جي لاءِ پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان، مگر اُهو جو منهنجي پٺيان ٿو اچي، سو مون کان وڌيڪ طاقت وارو آهي، جنهن جي جُتيءَ کڻڻ جو بہ آئون لائق نہ آهيان: اُهو اوهان کي پاڪ روح ۽ باهہ سان بپتسما ڏيندو.


انهي لاءِ تہ اوهان جو ايمان، جو باهہ سان پرکيل فاني سون کان زيادہ قيمتي آهي، سو مسيح جي ظاهر ٿيڻ وقت، تعريف ۽ جلال ۽ عزت جي لائق ٿئي.


اي پيارو، مصيبت جي باهہ جا اوهان جي آزمائش لاءِ اوهان تي آئي آهي، تنهن بابت تعجب نہ ڪريو، تہ ڄڻ جا عجيب ڳالهہ اوهان تي اچي پيئي آهي.


۽ هو گهيٽي جي رت جي وسيلي ۽ پنهنجي شاهديءَ جي ڪلام ڪري مٿس غالب پيا، ڇالاءِ جو هنن موت تائين پنهنجو ساهہ پيارو نہ سمجهيو.


۽ اُهو ازدها سمنڊ جي واريءَ تي وڃي بيٺو. ۽ مون سمنڊ مان هڪڙو حيوان نڪرندو ڏٺو، جنهن کي ڏهہ سڱ ۽ ست مٿا هئا. ۽ سندس سڱن تي ڏهہ تاج هئا، ۽ سندس مٿن تي ڪفر جا نالا هئا.


۽ انهي حيوان جي اڳيان جن نشانن ڪرڻ جو اختيار هن کي ڏنو ويو هو، تن جي ڪري هن زمين جي رهاڪن کي گمراهہ پئي ڪيو، ۽ انهن کي پئي چيائين تہ جنهن حيوان کي ترار جو زخم هو ۽ وري جيئرو ٿي پيو، تنهن جو بُت جوڙيو.


انهي لاءِ تہ جنهن تي اهو نشان هجي، يعني انهي حيوان جو نالو يا سندس نالي جو عدد هجي؛ تنهن کانسواءِ ڪوبہ ماڻهو خريد ۽ فروخت نہ ڪري سگهي.


هن جي ڀت زبرجد جي جڙيل هئي: ۽ شهر خالص سون جو هو ۽ صاف شيشي جهڙو هو.


۽ تخت جي اڳيان بلور جهڙو ڄڻ هڪڙو شيشي جو سمنڊ هو؛ ۽ تخت جي وچ ۾ ۽ تخت جي آس پاس، چار جاندار هئا، جن کي اڳيان توڙي پٺيان اکيون ئي اکيون هيون.


۽ جڏهن هن ڪتاب ورتو، تڏهن اهي چار جاندار ۽ چوويهہ بزرگ انهي گهيٽي کي پيرين پيا، ۽ هرهڪ وٽ هڪڙو تنبورو، ۽ لوبان سان ڀريل سونا پيالا هئا، جي پاڪ ٿيلن جون دعائون آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ