Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 14:13 - Sindhi Bible

13 ۽ مون آسمان مان هڪڙو آواز ٻُڌو، جنهن چيو تہ لک، تہ مبارڪ آهن اُهي مُردا جي اڄ کان وٺي مسيح ۾ ٿا مرن؛ روح چوي ٿو تہ هائو، هو پنهنجي پورهئي کان ڇُٽا آهن؛ ڇالاءِ جو اُهي پنهنجن ڪمن جي ياداشت پاڻ سان کڻي ٿا وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 پوءِ مون آڪاش ۾ هڪڙو آواز ٻڌو جنهن چيو تہ ”اهو لک تہ ’سڀاڳا آهن اهي، جيڪي اڄ کان وٺي پرڀو يسوع جا ٿي ٿا مرن.‘“ پوِتر آتما چوي ٿي تہ ”هائو، اهي پنهنجي پورهين کان واندا ٿي آرام ڪندا، ڇاڪاڻ تہ اهي پنهنجي ڪمن جو نتيجو پاڻ سان کڻي ٿا وڃن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 پوءِ مون آسمان ۾ هڪڙو آواز ٻڌو جنهن چيو تہ ”اهو لک تہ ’سڀاڳا آهن اهي، جيڪي اڄ کان وٺي خداوند عيسيٰ جا ٿي ٿا مرن.‘“ پاڪ روح چوي ٿو تہ ”هائو، اهي پنهنجي پورهين کان واندا ٿي آرام ڪندا، ڇاڪاڻ تہ اهي پنهنجي ڪمن جو نتيجو پاڻ سان کڻي ٿا وڃن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 پوءِ مون آسمان مان ھڪڙو آواز ٻڌو جنھن چيو تہ ”لک، سڀاڳا آھن اُھي، جيڪي اڄ کان وٺي مسيح جا ٿي ٿا مرن. پاڪ روح چوي ٿو تہ ھائو، اھو سچ آھي تہ اُھي پنھنجي پورھين کان واندا ٿي آرام ڪندا، ڇاڪاڻ⁠تہ اھي پنھنجي ڪمن جو نتيجو پاڻ سان کڻي ٿا وڃن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 14:13
41 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهيءَ ڪري تنهنجي ٻانهي کي اطلاع ٿو ملي: انهن جي مڃڻ ۾ وڏو اجر آهي.


راستبازي هن جي اڳيان اڳيان هلندي؛ ۽ سندس پير جي نشانن کي اسان لاءِ واٽ بنائيندي.


خداوند جا خريد ڪيل موٽندا، ۽ ڳائيندا صيون ۾ ايندا: ۽ انهن جي مٿن تي هميشہ جي خوشي هوندي: اهي خوشي ۽ سرهائي حاصل ڪندا، ۽ غم ۽ ماتم ڪونہ رهندو.


پر تون پنهنجي واٽ وٺيو هليو وڃ، جيستائين پڇاڙي ٿئي: ڇالاءِ جو تون آرام ڪندين، ۽ انهن ڏينهن جي پڇاڙيءَ ۾ پنهنجي ميراث ۾ بيهندين.


۽ ڏسو، آسمان مان هڪڙو آواز آيو تہ هيءُ منهنجو پيارو پٽ آهي، جنهن مان آئون ڏاڍو خوش آهيان.


پر ابراهيم چيو، تہ پٽ، ياد ڪر، تہ توکي پنهنجيءَ حياتيءَ ۾ سٺيون سٺيون شيون ٿي مليون، پر لعزر کي خراب شيون: مگر هاڻي هو آرام ۾ آهي، ۽ تون عذاب ۾ آهين.


۽ آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ ناراستيءَ جي دولت سان پنهنجي لاءِ دوست پيدا ڪري ڇڏيو، تہ جڏهن اُها کٽي وڃي، تڏهن اُهي اوهان کي مدامي مڪانن ۾ قبول ڪن.


هن ڪري جو جي اسين چئون ٿا تہ خداوند جي لاءِ ٿا جيئون؛ يا جي اسين مرون ٿا، تہ بہ خداوند جي لاءِ ٿا مرون: تنهنڪري جي اسين جيئون توڙي مرون، تہ بہ خداوند جا ئي آهيون.


تڏهن جيڪي مسيح ۾ سمهي پيا آهن، سي بہ برباد ٿي ويا.


پر هاڻي مسيح مُئلن مان برابر جي اُٿيو آهي، ۽ جيڪي سمهي پيا آهن، تن ۾ هو پهريون ڦل ٿيو.


تنهنڪري اي منهنجا پيارا ڀائرو، اوهين ثابت قدم ۽ قائم رهو، ۽ خداوند جي ڪم ۾ هميشہ وڌندا وڃو، ڇالاءِ جو اوهان کي خبر آهي تہ اوهان جي محنت خداوند ۾ اجائي نٿي ٿئي.


مطلب تہ اسان کي پوري همت آهي ۽ اسين بدن مان ڇُٽي خداوند وٽ رهڻ زيادہ پسند ٿا ڪريون.


پر جيڪڏهن اوهان جي ايمان جي خدمت ۽ قربانيءَ تي مون کي پنهنجو رت بہ وهائڻو پوي، تہ بہ آئون خوش ٿيندس، ۽ اوهان سڀني سان گڏجي خوشيون ڪندس؛


ڇالاءِ تہ جيڪڏهن اسان جو اعتقاد آهي تہ يسوع مري ويو ۽ وري جيئرو ٿي اُٿيو، تہ جيڪي يسوع جي ايمان ۾ گذري ويا آهن، تن کي بہ خدا وري ساڻس گڏ وٺي ايندو.


ڇالاءِ جو خداوند پاڻ آسمان مان وڏيءَ للڪار سان ۽ وڏي ملائڪ جي آواز سان لهندو ۽ خدا جي تري وڄندي؛ ۽ جيڪي مسيح جي ايمان ۾ گذر ڪري ويا آهن سي پهرين اُٿندا:


جنهن اسان لاءِ پنهنجي جان ڏني، انهي لاءِ تہ اسين جاڳون يا سمهون، تہ بہ ساڻس گڏ جيئون.


ڪن ماڻهن جا گناهہ ظاهر هئڻ جي ڪري، سندن چال چلت جي خبر پئجيو وڃي، پر ڪن جا گناهہ دير سان ٿا ظاهر ٿين.


انهيءَ طرح چڱا ڪم بہ ظاهر ٿا ٿين، ۽ جيڪي ظاهر نہ ٿيا آهن، سي بہ لڪل نہ رهندا.


جنهن چيو تہ جيڪي تون ڏسين ٿو سو ڪتاب ۾ لک، ۽ اُهو ستن ئي ڪليسيائن ڏانهن ڏياري موڪل؛ يعني افسس ڏانهن، ۽ سمرنہ ڏانهن، ۽ پرگمن ڏانهن، ۽ ٿواتيرہ ڏانهن، ۽ سرديس ڏانهن، ۽ فلدلفيہ ڏانهن، ۽ لوديڪيہ ڏانهن.


۽ جڏهن ستن گجگوڙين جا آواز ٿيا، تڏهن آئون لکڻ تي هوس: پر مون آسمان مان هڪڙو آواز ٻُڌو، جنهن چيو تہ جي ڳالهيون اُنهن ستن گجگوڙين ڪيون، تن تي مهر هڻي ڇڏ، ۽ اُهي نہ لک.


۽ ستين ملائڪ تري وڄائي، تہ آسمان ۾ وڏا آواز ٿيڻ لڳا، ۽ انهن چيو تہ دنيا جي بادشاهت اسان جي خداوند ۽ سندس مسيح جي ٿي ويئي آهي: ۽ اُهو هميشہ تائين بادشاهي ڪندو رهندو.


۽ خدا جو هيڪل، جو آسمان ۾ آهي، سو کوليو ويو؛ ۽ سندس عهد جي صندوق هيڪل ۾ ڏسڻ ۾ آئي؛ پوءِ کنوڻيون، ۽ آواز، ۽ گجگوڙيون ٿيڻ لڳيون، ۽ زلزلو ٿيو، ۽ وڏا ڳڙا پيا.


۽ ستين پنهنجو پيالو هوا ۾ اوتيو؛ ۽ هيڪل مان تخت جي پاسي کان هڪڙو وڏو آواز آيو، جنهن چيو تہ پورو ٿيو!


۽ هن چيو تہ لک، تہ اهي مبارڪ آهن جن کي گهيٽي جي شاديءَ جي دعوت ملي آهي. ۽ هن مون کي چيو تہ هي خدا جون سچيون ڳالهيون آهن.


افسس واريءَ ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن لک، تہ جنهن کي پنهنجي ساڄي هٿ ۾ ست تارا آهن ۽ جيڪو ستن شمعدانن جي وچ ۾ ٿو هلي، سو چوي ٿو تہ


جنهن کي ڪَن آهن سو ٻُڌي تہ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي. جيڪو غالب پوندو تنهن کي انهيءَ زندگيءَ جي وڻ جو ڦل کائڻ لاءِ ڏيندس جو خدا جي فردوس ۾ آهي.


مبارڪ ۽ پاڪ اُهو آهي، جو انهي پهرينءَ قيامت ۾ شريڪ ٿو ٿئي؛ اهڙن تي ٻئي موت جو ڪوبہ اختيار نٿو هلي؛ پر اهي خدا ۽ مسيح جا ڪاهن ٿيندا، ۽ ساڻس گڏ هزارن ورهين تائين بادشاهي ڪندا.


۽ جيڪو تخت تي ويٺو هو تنهن چيو تہ ڏس، آئون سڀني شين کي نئون ٿو ڪريان. ۽ هن چيو تہ لک: ڇالاءِ جو اهي ڳالهيون سچيون ۽ اعتبار جوڳيون آهن.


۽ روح ۽ ڪنوار ٻئي چون ٿا تہ اچ. ۽ ٻُڌڻ وارو بہ ڀلي چوي تہ اچ. ۽ جيڪو اُڃايل آهي سو ڀلي اچي؛ ۽ جنهن جي مرضي هجي سو زندگيءَ جو پاڻي مفت پيئي.


۽ انهن مان هرهڪ کي هڪڙو اڇو وڳو ڏنو ويو؛ ۽ کين چيو ويو تہ اوهين اڃا ٿوري وقت تائين آرام ڪريو، جيسين ڪ اوهان سان گڏ خدمت ڪندڙن ۽ اوهان جي ڀائرن جو شمار، جي اوهان وانگر قتل ڪيا ويندا، پورو ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ