Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 13:7 - Sindhi Bible

7 ۽ کيس اهو اختيار ڏنو ويو تہ پاڪ ٿيلن سان جنگ ڪري ۽ کين شڪست ڏئي، ۽ هن کي سڀ ڪنهن قبيلي، ۽ اُمت، ۽ ٻوليءَ، ۽ قوم تي اختيار ڏنو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 انهيءَ کي اهو اختيار ڏنو ويو تہ مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن سان جنگ ڪري کين شڪست ڏئي. هن کي سڀني قومن، قبيلن، ٻولين وارن ۽ ذاتين تي حڪمرانيءَ جو اختيار ڏنو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 انهيءَ کي اهو اختيار ڏنو ويو تہ مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن سان جنگ ڪري کين شڪست ڏئي. هن کي سڀني قومن، قبيلن، ٻولين وارن ۽ ذاتين تي حڪمرانيءَ جو اختيار ڏنو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 انھيءَ کي اھو اختيار ڏنو ويو تہ ھو خدا جي قوم سان جنگ ڪري کيس شڪست ڏئي. ھن کي سڀني قبيلن، اُمتن، ٻولين ۽ قومن تي بہ اختيار ڏنو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 13:7
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر حقيقت ڪري مون توکي انهيءَ لاءِ ڇڏيو آهي، تہ توکي پنهنجي قدرت ڏيکاريان، تہ منهنجو نالو سڄيءَ دنيا ۾ مشهور ٿئي.


ڪهاڙي، انهيءَ جي اڳيان جيڪو ڪهاڙيءَ سان وڍي ٿو، ٻٽاڪ هڻندي ڇا؟ جيڪو ڪارائي هلائي ٿو تنهن سان ڪارائي ڪا وڏائي بہ ڪندي ڇا؟ ڄڻ تہ ڪو لڪڻ انهيءَ کي لوڏي جو اهو کڻي ٿو، ڄڻ تہ ڪاٺ انهيءَ کي کڻي جو ڪاٺ نہ آهي.


تو ٻڌو نہ آهي ڇا تہ اڳوڻي وقت ۾ مون ڇا ڪيو، ۽ قديم زماني ۾ انهي جي رٿ ڪري ڇڏي اٿم؟ هاڻي مون اها پوري ڪئي آهي، تہ تون ڪوٽ وارن شهرن کي ڦٽائي ويرانيءَ جا ڍڳ ڪرين.


تنهن ڪري ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اُتر وارا سڀ قبيلا گهرائي وٺندس، ۽ آءٌ پنهنجي ٻانهي بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر کي گهرائي هن ملڪ تي ۽ ان جي رهاڪن تي، ۽ آس پاس وارن انهن سڀني قومن تي چاڙهي آڻيندس؛ ۽ آءٌ انهن کي اصل چٽ ڪري ڇڏيندس، ۽ انهن کي حيرت ۽ شوڪار جو باعث ڪندس، ۽ هميشہ ويران رکندس.


۽ انهي وقت اُهو وڏو سردار، جو تنهنجي قوم جي اولاد لاءِ قائم آهي، سو اُٿي بيهندو: ۽ اهڙو تڪليف جو وقت پيش ايندو جهڙو ڪنهن بہ قوم جي شروعات کان وٺي انهي وقت تائين اڳ ۾ ڪڏهن نہ آيو: ۽ انهي وقت تنهنجي قوم جو ڇوٽڪارو ٿيندو، يعني هرهڪ جو، جنهن جو نالو ڪتاب ۾ لکيل هوندو.


مون ڏٺو تہ ساڳي سڱ اوليائن سان جنگ ڪئي ۽ انهن تي غالب آيو؛


۽ اُهو خدا تعاليٰ جي برخلاف ڳالهيون ڪندو، ۽ خدا تعاليٰ جي اوليائن کي هلاڪ ڪندو: ۽ هو وقتن ۽ شريعت جي ڦيرائڻ جو خيال ڪندو؛ ۽ اُهي هن جي هٿ ۾ ڏنا ويندا، جيستائين هڪڙو زمانو، ۽ زمانا، ۽ اڌ زمانو گذرندو.


۽ شيطان چيس، تہ هيءَ سموري اختياري ۽ اُنهن جي وڏائي آئون توکي ڏيندس، ڇالاءِ جو اُها مون کي سونپيل آهي: ۽ جنهن کي وڻيم تنهن کي ٿو ڏيان.


يسوع جواب ڏنس تہ جيڪڏهن توکي اُها مٿان نہ ملي ها، تہ تنهنجي مون تي ڪابہ اختياري ڪانہ هلي ها، تنهنڪري جنهن مون کي تنهنجي حوالي ڪيو آهي، تنهن تي زيادہ گناهہ آهي.


۽ مون کي چيو ويو تہ توکي ضرور گهڻين اُمتن، ۽ قومن، ۽ ٻولين، ۽ بادشاهن جي نسبت ۾ پيشنگوئي ڪرڻي پوندي.


۽ قومن کي ڪاوڙ لڳي، ۽ تنهنجو غضب نازل ٿيو، ۽ اُهو وقت اچي پهتو آهي جڏهن مُئلن جي عدالت ٿيندي، ۽ تنهنجن بندن يعني نبين کي، ۽ پاڪ ٿيلن کي، ۽ جيڪي ننڍا توڙي وڏا تنهنجي نالي کان ڊڄن ٿا، تن کي سندن اجر ڏنو ويندو؛ ۽ جيڪي زمين کي برباد ٿا ڪن، سي برباد ڪيا ويندا.


۽ جڏهن هو پنهنجي شاهدي پوري ڪري ڇڏيندا، تڏهن جيڪو حيوان اوڙاهہ مان نڪرندو سو ساڻن وڙهندو، ۽ مٿن غالب پئي کين ماري وجهندو.


۽ ازدها کي انهيءَ زال تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، ۽ سندس باقي اولاد، جو خدا جي حڪمن تي ٿو هلي، ۽ يسوع جي شاهدي ٿو ڀري، تنهن سان جنگ ڪرڻ لاءِ ويو.


پوءِ هن مون کي چيو تہ جيڪي پاڻي تو ڏٺا، ۽ جن تي اُها ڪسبياڻي ويٺي هئي، سي اُمتون، ميڙاڪا، قومون ۽ ٻوليون آهن.


۽ هڪڙو نئون راڳ ڳائڻ لڳا، تہ تون انهي ڪتاب وٺڻ ۽ اُنهي جي مهرن کولڻ جي لائق آهين: ڇالاءِ جو تون ڪُٺو ويو هئين، ۽ سڀ ڪنهن قبيلي، ۽ ٻوليءَ، ۽ اُمت، ۽ قوم جي ماڻهن کي پنهنجي رت سان تو ملهہ ورتو آهي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ