Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 13:3 - Sindhi Bible

3 ۽ مون ڏٺو تہ هن جي مٿن مان هڪڙي کي موتمار ڌڪ لڳل هو؛ پر اُهو موتمار زخم ڇُٽي ويو هو. ۽ سارو جهان حيران ٿي انهي حيوان جي پٺيان اچڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 مون ڏٺو تہ هن جي هڪڙي مٿي تي ڄڻ تہ موتمار ڌڪ لڳل هو، پر اهو زخم ڇٽي ويو هو. ڌرتيءَ جا سڀيئي رهاڪو حيران ٿي ويا ۽ انهيءَ حيوان جا پوئلڳ بڻجي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 مون ڏٺو تہ هن جي هڪڙي مٿي تي ڄڻ تہ موتمار ڌڪ لڳل هو، پر اهو زخم ڇٽي ويو هو. ڌرتيءَ جا سڀيئي رهاڪو حيران ٿي ويا ۽ انهيءَ حيوان جا پوئلڳ بڻجي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 مون ڏٺو تہ ھن جي ھڪڙي مٿي تي موتمار ڌڪ لڳل ھو، پر اھو موتمار زخم ڇٽي ويو ھو. سڄي دنيا حيران ٿي انھيءَ حيوان جي پٺيان اچڻ لڳي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 13:3
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ بابل جي بادشاهہ جون ٻانهون مضبوط ڪندس، ۽ پنهنجي ترار سندس هٿ ۾ ڏيندس؛ پر آءٌ فرعون جون ٻانهون ڀڃندس، ۽ هو انهي جي اڳيان اهڙيون ڪنجهڪارون ڪندو، جهڙيون سخت ڦٽيل ماڻهو ڪندا آهن.


هاڻي انهن ڏينهن ۾ هيئن ٿيو تہ قيصر اگستس اهو حڪم جاري ڪيو تہ سڄيءَ دنيا جي ماڻهن جا نالا لکجن.


تنهن تي فريسي پاڻ ۾ چوڻ لڳا، تہ خيال تہ ڪريو، اوهان جي ڪابہ ڪانہ ٿي هلي، ڏسو تہ سڄو جهان وڃي هن جي پٺيان لڳو آهي.


۽ خود شمعون کي بہ ايمان آيو؛ ۽ بپتسما وٺي فلپس سان گڏ رهڻ لڳو؛ ۽ نشان ۽ وڏا وڏا معجزا ٿيندا ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو.


۽ هن پهرئين حيوان جي روبرو سڀ اختيار ٿي هلايو، ۽ انهي زمين ۽ سندس رهاڪن کان انهي پهرئين حيوان جي پرستش ٿي ڪرائي، جنهن جو موتمار زخم ڇُٽي ويو هو.


۽ انهي حيوان جي اڳيان جن نشانن ڪرڻ جو اختيار هن کي ڏنو ويو هو، تن جي ڪري هن زمين جي رهاڪن کي گمراهہ پئي ڪيو، ۽ انهن کي پئي چيائين تہ جنهن حيوان کي ترار جو زخم هو ۽ وري جيئرو ٿي پيو، تنهن جو بُت جوڙيو.


۽ اهي ست بادشاهہ آهن؛ انهن مان پنج ڪِري پيا، هڪڙو موجود آهي ۽ هڪڙو اڃا آيو ئي ڪينهي؛ ۽ جڏهن اهو ايندو تڏهن ضرور ٿوري وقت تائين رهندو.


۽ جيڪو جانور اڳي هو ۽ هاڻي ڪونهي، سو پاڻ اٺون آهي، ۽ انهن ستن مان آهي؛ ۽ اُهو برباد ٿي ويندو.


سندن راءِ هڪڙي ئي آهي، ۽ اُهي پنهنجي قدرت ۽ اختياري انهي جانور کي ڏيئي ڇڏيندا.


ڇالاءِ جو خدا هنن جي دل ۾ وجهندو تہ هو سندس مرضيءَ تي هلن، ۽ هڪڙيءَ راءِ تي اچي بيهن، ۽ پنهنجي پنهنجي بادشاهت انهي جانور کي ڏين، جيسين ڪ خدا جون ڳالهيون پوريون ٿين.


۽ مون انهي زال کي پاڪ ٿيلن جي رت، ۽ يسوع جي شهيدن جي رت سان مست ڏٺو. ۽ کيس ڏسي آئون ڏاڍو حيران ٿي ويس.


اهو جانور جو تو ڏٺو، سو اڳي هو پر هاڻي ڪونهي؛ ۽ اوڙاهہ مان نڪري اچڻ تي آهي، ۽ پوءِ برباد ٿي ويندو. ۽ زمين جا رهاڪو، ۽ جن جا نالا دنيا جي بنياد کان وٺي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهن، سي جڏهن ڏسندا تہ اهو جانور جو اڳي هو، ۽ هاڻي ڪونهي، ۽ هن کانپوءِ ايندو، تڏهن عجب ۾ پوندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ