Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 13:17 - Sindhi Bible

17 انهي لاءِ تہ جنهن تي اهو نشان هجي، يعني انهي حيوان جو نالو يا سندس نالي جو عدد هجي؛ تنهن کانسواءِ ڪوبہ ماڻهو خريد ۽ فروخت نہ ڪري سگهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 ڪوبہ شخص نہ ڪا شيءِ خريد ڪري ٿي سگھيو ۽ نہ وڪڻي ٿي سگھيو، جيستائين ان تي اهو نشان نہ هجي، يعني انهيءَ حيوان جو نالو يا سندس نالي جو عدد.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 ڪوبہ شخص نہ ڪا شيءِ خريد ڪري ٿي سگھيو ۽ نہ وڪڻي ٿي سگھيو، جيستائين ان تي اهو نشان نہ هجي، يعني انهيءَ حيوان جو نالو يا سندس نالي جو عدد.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 ڪوبہ شخص نہ ڪا شيءِ خريد ڪري ٿي سگھيو ۽ نہ وڪڻي ٿي سگھيو، جيستائين ان تي اھو نشان نہ ھجي، يعني انھيءَ حيوان جو نالو يا سندس نالي جو عدد.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 13:17
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اڄ کان وٺي اڳتي ڪوبہ ماڻهو مون کي تڪليف نہ ڏئي؛ ڇالاءِ جو منهنجي بدن تي يسوع جا داغ آهن.


۽ هن سڀني ننڍن ۽ وڏن، دولتمندن ۽ غريبن، آزادن ۽ غلامن کي سندس ساڄي هٿ يا پيشانيءَ تي هڪڙي ڇاپ هڻائي ڇڏي؛


ڪنجي هيءَ آهي؛ ۽ جنهن کي سمجهہ آهي سو انهي حيوان جو عدد ڳڻي؛ ڇالاءِ جو اهو ڪنهن ماڻهوءَ جو نالو آهي؛ ۽ اُنهيءَ عدد جي معنيٰ ڇهہ سؤ ڇاهٺ آهي.


۽ اُنهن جي عذاب جو دونهون سدائين پيو نڪرندو؛ ۽ جيڪي اُنهي حيوان ۽ سندس بُت جي پرستش ٿا ڪن، ۽ جيڪي سندس نالي جي ڇاپ ٿا هڻائين، تن کي رات ڏينهن آرام ڪونہ ملندو.


۽ انهي جي پٺيان هڪڙو ٽيون ملائڪ آيو، جنهن وڏي آواز سان چيو تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهي حيوان ۽ سندس بُت جي پرستش ڪندو ۽ پنهنجي پيشانيءَ تي يا پنهنجي هٿ تي ڇاپ هڻائيندو؛


۽ مون شيشي جهڙو هڪڙو سمنڊ ڏٺو، جنهن ۾ باهہ گڏيل هئي؛ ۽ جيڪي اُنهي حيوان، ۽ اُنهي جي بُت، ۽ سندس نالي جي عدد تي غالب پيا هئا، سي خدا جا ڏنل تنبورا کنيو انهي شيشي جي سمنڊ وٽ بيٺا هئا.


۽ سندس پيشانيءَ تي ڳجهو نالو لکيل هو ”وڏي بابل، ڪسبياڻين ۽ زمين جي براين جي ماءُ.“


۽ مون تخت ڏٺا، ۽ جيڪي مٿن ويٺا هئا تن کي عدالت سونپي ويئي؛ ۽ جن جون يسوع جي شاهديءَ، ۽ خدا جي ڪلام جي ڪري سسيون لاٿيون ويون هيون، ۽ جن انهي حيوان جي پرستش نہ ڪئي، نڪي سندس بُت جي، ۽ جن پنهنجي پيشانيءَ ۽ پنهنجي هٿ تي ڇاپ نہ هڻائي هئي، تن جي روحن کي ڏٺم؛ ۽ اُهي جيئرا ٿيا، ۽ مسيح سان گڏ هزار ورهين تائين بادشاهي ڪندا رهيا.


۽ اُهي سندس منهن ڏسندا؛ ۽ سندس نالو انهن جي پيشانين تي هوندو.


جيڪو غالب پوندو تنهن کي آئون پنهنجي خدا جي هيڪل ۾ ٿنڀ وانگر ڪندس، ۽ هو وري اُتان ڪڏهن بہ ٻاهر ڪين نڪرندو: آئون انهي تي پنهنجي خدا جو نالو ۽ پنهنجي خدا جي شهر جو نالو، يعني نئون يروشلم، جو منهنجي خدا وٽان آسمان مان لهي هيٺ ايندو، ۽ خود پنهنجو نئون نالو لکندس.


جيسين اسين پنهنجي خدا جي ٻانهن کي سندن پيشانين تي مهر نہ هڻون، تيسين اوهين نہ زمين کي، نہ سمنڊ کي، نڪي وڻن کي نقصان رسايو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ