Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 13:14 - Sindhi Bible

14 ۽ انهي حيوان جي اڳيان جن نشانن ڪرڻ جو اختيار هن کي ڏنو ويو هو، تن جي ڪري هن زمين جي رهاڪن کي گمراهہ پئي ڪيو، ۽ انهن کي پئي چيائين تہ جنهن حيوان کي ترار جو زخم هو ۽ وري جيئرو ٿي پيو، تنهن جو بُت جوڙيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 اُن حيوان کي اهو اختيار ڏنو ويو تہ پهرئين حيوان جي روبرو ڌرتيءَ جي رهاڪن کي ڀَٽڪائڻ لاءِ چمتڪار ڏيکاري. انهن چمتڪارن جي ڪري هو ڀَٽڪي رهيا هئا. هُن کين چيو تہ انهيءَ حيوان جو بت بڻايو جنهن کي تلوار سان زخمي ڪري ماريو ويو، جيڪو پوءِ جيوت ٿي پيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 اُن حيوان کي اهو اختيار ڏنو ويو تہ پهرئين حيوان جي روبرو ڌرتيءَ جي رهاڪن کي گمراهہ ڪرڻ لاءِ معجزا ڏيکاري. انهن معجزن جي ڪري هو گمراهہ ٿي رهيا هئا. هُن کين چيو تہ انهيءَ حيوان جو بت بڻايو جنهن کي تلوار سان زخمي ڪري ماريو ويو، جيڪو پوءِ جيئرو ٿي پيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 اُن حيوان کي اھو اختيار ڏنو ويو تہ پھرين حيوان جي روبرو معجزا ڏيکاري. انھن معجزن جي ڪري زمين جا رھاڪو گمراھہ ٿي رھيا ھئا. ھُن انھن کي چيو تہ انھيءَ حيوان جو بت بڻايو جنھن کي تلوار سان سخت زخمي ڪيو ويو ھو، پر پوءِ اھو جيئرو ٿي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 13:14
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يسعياہ چيو تہ انجير جي هڪڙي ٽڪي کڻ. ۽ اُها کڻي انهيءَ ڦرڙيءَ تي رکيائون تہ هو چڱو ڀلو ٿي پيو.


تنهنڪري ڏس، آءٌ توکي تنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي گڏيندس، ۽ تون سلامتيءَ سان پنهنجي قبر ۾ وڃي دفن ٿيندين، ۽ جيڪا آفت آءٌ هن هنڌ تي آڻيندس سا تون نہ ڏسندين. ۽ هنن اِهو جواب بادشاهہ کي اچي ٻڌايو.


۽ هن چيو تہ آءٌ نڪري ويندس ۽ هن جي سڀني نبين جي وات ۾ ڪوڙ ڳالهائيندڙ روح ٿيندس. ۽ هن چيو تہ تون هن کي ڌتاريندين، ۽ هن تي غالب بہ پوندين: وڃ، وڃي ائين ڪر.


هن وٽ زور ۽ پوري ڪم ڪرڻ جي تجويز آهي؛ ٺڳيل ۽ ٺڳيندڙ هن جا آهن.


تڏهن فرعون بہ ڏاها ماڻهو ۽ جادوگر گهرايا، ۽ مصر جي جادوگرن بہ پنهنجي جادوءَ سان ائين ئي ڪيو؛


هو رک کائي ٿو: ٺڳيل دل هن کي اهڙو گمراهہ ڪيو آهي جو هو پنهنجو روح ڇڏائي نٿو سگهي، ۽ نڪي چوي ٿو تہ منهنجي ساڄي هٿ ۾ ڪوڙ ناهي ڇا؟


۽ جيڪڏهن نبي ٺڳجي ڪو ڪلام ڪندو، تہ مون خداوند انهي نبيءَ کي ڀنڀلايو آهي، ۽ آءٌ پنهنجو هٿ انهي تي ڊگهيريندس، ۽ انهي کي پنهنجي قوم اسرائيل مان وڍي ڇڏيندس.


تو منهنجي ڏنل سون ۽ روپي مان پنهنجا سهڻا زيور ڪڍي انهن مان پنهنجي لاءِ ماڻهن جا بُت جوڙيا ۽ انهن سان زنا ڪئي.


مون اندر گهڙي نهاريو تہ ڇا ٿو ڏسان تہ هر قسم جا سرندڙ ۽ ڪراهت جهڙا جانور ۽ اسرائيل جي گهراڻي جا سڀ بُت، چوڌاري ڀت تي تصويرن وانگي نڪتل آهن.


۽ بادشاهہ پنهنجي مرضيءَ موجب ڪم ڪندو؛ ۽ هو پاڻ پڏائيندو، ۽ سڀني معبودن کان پاڻ کي وڏو چوائيندو، ۽ خدائن جي خدا جي برخلاف حيرت جهڙيون ڳالهيون ڪندو: ۽ هو اقبال وارو ٿيندو، جيستائين ڪ ڪاوڙ پوري ٿيندي؛ ڇالاءِ جو جيڪي ٺهرايو ويو آهي سو ضرور ڪرڻ ۾ ايندو.


۽ جيڪو معبود ٿو سڏجي، يا جنهن جي پرستش ٿي ٿئي، تنهن کان هو پاڻ کي وڏو ٿو ڄاڻي، ۽ مخالفت ٿو ڪري؛ ايتري قدر جو هو خدا جي هيڪل ۾ ويهي پاڻ کي خدا ٿو سڏائي.


۽ اهو وڏو ازدها يعني اهو قديم نانگ، جو ابليس ۽ شيطان سڏبو آهي، ۽ ساري جهان کي گمراهہ ڪندو آهي، سو زمين تي اُڇلايو ويو، ۽ سندس ملائڪ بہ ساڻس گڏ هيٺ اُڇلايا ويا.


۽ اُهو ازدها سمنڊ جي واريءَ تي وڃي بيٺو. ۽ مون سمنڊ مان هڪڙو حيوان نڪرندو ڏٺو، جنهن کي ڏهہ سڱ ۽ ست مٿا هئا. ۽ سندس سڱن تي ڏهہ تاج هئا، ۽ سندس مٿن تي ڪفر جا نالا هئا.


۽ کيس اهو اختيار ڏنو ويو تہ انهي ۾، يعني انهي حيوان جي بُت ۾ ڦوڪي ساهہ وجهي، تان تہ اُهو حيوان جو بُت ڳالهائي، ۽ جيترا ماڻهو انهي حيوان جي بُت جي پرستش نہ ڪن، تن کي مارائي ڇڏي.


۽ سڀني زمين جي رهاڪن انهن جي بندگي ٿي ڪئي، سواءِ اُنهن جي، جن جا نالا دنيا جي پيدائش کان وٺي ذبح ڪيل گهيٽي جي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آهن.


۽ اُنهن جي عذاب جو دونهون سدائين پيو نڪرندو؛ ۽ جيڪي اُنهي حيوان ۽ سندس بُت جي پرستش ٿا ڪن، ۽ جيڪي سندس نالي جي ڇاپ ٿا هڻائين، تن کي رات ڏينهن آرام ڪونہ ملندو.


۽ انهي جي پٺيان هڪڙو ٽيون ملائڪ آيو، جنهن وڏي آواز سان چيو تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهي حيوان ۽ سندس بُت جي پرستش ڪندو ۽ پنهنجي پيشانيءَ تي يا پنهنجي هٿ تي ڇاپ هڻائيندو؛


۽ مون شيشي جهڙو هڪڙو سمنڊ ڏٺو، جنهن ۾ باهہ گڏيل هئي؛ ۽ جيڪي اُنهي حيوان، ۽ اُنهي جي بُت، ۽ سندس نالي جي عدد تي غالب پيا هئا، سي خدا جا ڏنل تنبورا کنيو انهي شيشي جي سمنڊ وٽ بيٺا هئا.


۽ مون انهي ازدها جي وات مان، ۽ حيوان جي وات مان، ۽ انهي ڪوڙي نبيءَ جي وات مان، ٽي ناپاڪ روح ڏيڏرن جي شڪل ۾ نڪرندا ڏٺا:


۽ پهرئين وڃي پنهنجو پيالو زمين تي اوتيو؛ ۽ جن تي اُنهي حيوان جي ڇاپ هئي، ۽ جي سندس بُت جي پرستش ڪندا هئا، تن کي گندا ناسوري ڦٽ ٿي پيا.


۽ تو ۾ وري ڏيئي جو سوجهرو ڪڏهن ڪونہ ٿيندو، ۽ تو ۾ وري گهوٽ ۽ ڪنوار جو آواز ڪڏهن بہ ٻُڌڻ ۾ ڪونہ ايندو! تنهنجا سوداگر زمين جا امير هئا ۽ سڀ قومون تنهنجي جادوگريءَ سان ٺڳجي ويون هيون.


۽ اهو حيوان پڪڙيو ويو ۽ ساڻس گڏ اهو ڪوڙو نبي، جنهن سندس اڳيان اهڙا تہ نشان ڏيکاريا هئا، جن سان هن انهن کي گمراهہ ڪيو هو جن تي انهي حيوان جي ڇاپ هئي، ۽ جن هن جي بُت جي پرستش ڪئي هئي، اهي ٻئي گندرف سان ٻرندڙ باهہ جي ڍنڍ ۾ جيئرا اُڇلايا ويا:


جيڪي ڏک توکي سَهڻا آهن تن کان نہ ڊڄ: ڏس، شيطان اوهان مان ڪن کي قيد ۾ وجهڻ وارو آهي تہ اوهان جي آزمائش ٿئي؛ ۽ ڏهن ڏينهن تائين اوهان تي مصيبت رهندي. تون مرڻ تائين ايماندار رهہ ۽ آئون توکي زندگيءَ جو تاج ڏيندس.


۽ شيطان جنهن کين گمراهہ ڪيو هو، سو باهہ ۽ گندرف جي ڍنڍ ۾ اُڇلايو ويندو، جتي اهو حيوان ۽ ڪوڙو نبي بہ آهي؛ ۽ اهي رات ڏينهن اتي هميشہ تائين عذاب پيا سهندا.


ڇالاءِ جو تو منهنجي صبر جي ڪلام تي عمل ڪيو، تنهنڪري آئون بہ توکي آزمائش جي گهڙيءَ کان بچائيندس، اُها گهڙي جا زمين تي رهڻ وارن جي آزمائش لاءِ ساري جهان تي اچڻي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ