Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 13:13 - Sindhi Bible

13 ۽ هن وڏا نشان ڪري ٿي ڏيکاريا، ايتري قدر جو هن ماڻهن جي اڳيان آسمان مان زمين تي باهہ ٿي ڪيرائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 هُن وڏا چمتڪار ٿي ڏيکاريا، ايتري تائين جو ماڻهن جي سامهون آڪاش مان ڌرتيءَ تي باهہ ٿي وسايائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 هُن وڏا معجزا ٿي ڏيکاريا، ايتري تائين جو ماڻهن جي سامهون آسمان مان زمين تي باهہ ٿي وسايائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 ھُن وڏا معجزا ٿي ڏيکاريا، ايتري تائين جو ماڻھن جي سامھون آسمان مان زمين تي باھہ ٿي وسايائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 13:13
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن خداوند جي باهہ لهي آئي ۽ سوختني قرباني، ۽ ڪاٺين، ۽ پٿرن، ۽ مٽيءَ کي ساڙي ويئي، ۽ جيڪو پاڻي کڏ ۾ هو تنهن کي بہ چٽي ويئي.


تڏهن مصر جي جادوگرن بہ پنهنجي جادوءَ سان ائين ئي ڪيو: ۽ فرعون جي دل سخت ٿي ويئي ۽ هنن جي ڳالهہ نہ مڃيائين، جيئن ڪ خداوند فرمايو هو.


۽ جادوگرن بہ پنهنجي جادوءَ سان ائين ئي ڪيو، ۽ مصر جي ملڪ تي ڏيڏر آندائون.


۽ جادوگر انهن ڦرڙين جي ڪري موسيٰ جي اڳيان بيهي نہ سگهيا؛ ڇالاءِ جو ڦرڙيون انهن جادوگرن تي ۽ سڀني مصرين تي نڪتيون هيون.


پوءِ خداوند وٽان باهہ آئي، ۽ جن اڍائي سؤ ماڻهن لوبان ساڙيو هو، تن کي ڀسم ڪري ڇڏيائين.


۽ فريسي ۽ صدوقي آيا، ۽ آزمودي وٺڻ لاءِ چيائونس تہ اسان کي ڪا آسمان مان نشاني ڏيکار.


ڇالاءِ جو ڪوڙا مسيح، ۽ ڪوڙا نبي اُٿندا، ۽ وڏيون نشانيون ۽ عجب ڪم ڏيکاريندا؛ انهي لاءِ تہ جي ٿي سگهي تہ اُنهن چونڊيلن کي گمراهہ ڪن.


ڇالاءِ جو ڪوڙا مسيح ۽ ڪوڙا نبي اُٿندا، ۽ نشانيون ۽ حيرت جهڙا ڪم ڏيکاريندا، انهي لاءِ تہ جي ٿي سگهي تہ اُنهن چونڊيلن کي بہ گمراهہ ڪن.


۽ جهڙيءَ طرح ينيس ۽ يمبريس موسيٰ جي سامهون ٿيا هئا، تهڙيءَ طرح هي ماڻهو بہ سچ جي مخالفت ٿا ڪن؛ اهي اهڙا ماڻهو آهن جن جو عقل بگڙيل آهي ۽ ڪوڙي ايمان جي ڪري رد ٿيل آهن،


۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو کين نقصان رسائڻ جي ٿو ڪري، تہ سندن وات مان باهہ ٿي نڪري، ۽ سندن دشمنن کي ساڙيو ڇڏي: ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهن کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪندو تہ هو ضرور انهيءَ طرح مارجي ويندو.


ڇالاءِ جو اهي ڀوتن جا روح آهن، جي نشان ٿا ڏيکارين؛ اهي ساريءَ زمين جي بادشاهن وٽ وڃن ٿا، تان تہ قادر مطلق خدا جي عظيم ڏينهن جي جنگ لاءِ کين گڏ ڪن.


۽ اهو حيوان پڪڙيو ويو ۽ ساڻس گڏ اهو ڪوڙو نبي، جنهن سندس اڳيان اهڙا تہ نشان ڏيکاريا هئا، جن سان هن انهن کي گمراهہ ڪيو هو جن تي انهي حيوان جي ڇاپ هئي، ۽ جن هن جي بُت جي پرستش ڪئي هئي، اهي ٻئي گندرف سان ٻرندڙ باهہ جي ڍنڍ ۾ جيئرا اُڇلايا ويا:


۽ هو زمين جي مٿان چوڌاري پکڙجي ويندا ۽ پاڪ ٿيلن جي لشڪرگاهہ ۽ پياري شهر کي وڪوڙي ويندا: ۽ آسمان مان باهہ ايندي ۽ انهن کي کائي ويندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ