مڪاشفو 13:12 - Sindhi Bible12 ۽ هن پهرئين حيوان جي روبرو سڀ اختيار ٿي هلايو، ۽ انهي زمين ۽ سندس رهاڪن کان انهي پهرئين حيوان جي پرستش ٿي ڪرائي، جنهن جو موتمار زخم ڇُٽي ويو هو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible12 انهيءَ حيوان پهرئين حيوان جي روبرو سندس سڄو اختيار ٿي هلايو. هن ڌرتيءَ ۽ ان جي رهاڪن کان انهيءَ پهرئين حيوان اڳيان سيس ٿي نورايو، جنهن جو موتمار زخم ڇٽي ويو هو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible12 انهيءَ حيوان پهرئين حيوان جي روبرو سندس سڄو اختيار ٿي هلايو. هن زمين ۽ ان جي رهاڪن کان انهيءَ پهرئين حيوان کي سجدو ٿي ڪرايو، جنهن جو موتمار زخم ڇٽي ويو هو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament12 انھيءَ حيوان پھرين حيوان جي روبرو ان جو سڄو اختيار ٿي ھلايو. ھن زمين ۽ ان جي رھاڪن کان انھيءَ پھرين حيوان جي پوڄا ٿي ڪرائي، جنھن جو موتمار زخم ڇٽي ويو ھو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
۽ مون تخت ڏٺا، ۽ جيڪي مٿن ويٺا هئا تن کي عدالت سونپي ويئي؛ ۽ جن جون يسوع جي شاهديءَ، ۽ خدا جي ڪلام جي ڪري سسيون لاٿيون ويون هيون، ۽ جن انهي حيوان جي پرستش نہ ڪئي، نڪي سندس بُت جي، ۽ جن پنهنجي پيشانيءَ ۽ پنهنجي هٿ تي ڇاپ نہ هڻائي هئي، تن جي روحن کي ڏٺم؛ ۽ اُهي جيئرا ٿيا، ۽ مسيح سان گڏ هزار ورهين تائين بادشاهي ڪندا رهيا.