Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 12:9 - Sindhi Bible

9 ۽ اهو وڏو ازدها يعني اهو قديم نانگ، جو ابليس ۽ شيطان سڏبو آهي، ۽ ساري جهان کي گمراهہ ڪندو آهي، سو زمين تي اُڇلايو ويو، ۽ سندس ملائڪ بہ ساڻس گڏ هيٺ اُڇلايا ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 اهو وڏو ازدها يعني قديم نانگ، جيڪو تهمت هڻندڙ يا شيطان بہ سڏبو آهي ۽ جيڪو سڄي سنسار کي ڀَٽڪائي ٿو، تنهن کي آڪاش مان ڪڍي سندس دوتن سميت ڌرتيءَ تي اڇلايو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 اهو وڏو ازدها يعني قديم نانگ، جيڪو ابليس يا شيطان بہ سڏبو آهي ۽ جيڪو سڄي جهان کي گمراهہ ٿو ڪري، تنهن کي آسمان مان ڪڍي سندس ملائڪن سميت ڌرتيءَ تي اڇلايو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 اھو وڏو ازدھا يعني قديم نانگ، جيڪو ابليس ۽ شيطان بہ سڏبو آھي ۽ جيڪو ساري جھان کي گمراھہ ٿو ڪري، سو زمين تي اڇلايو ويو ۽ سندس ملائڪ بہ ساڻس گڏ ھيٺ اڇلايا ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 12:9
68 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي خداوند خدا جيڪي جهنگ جا جانور جوڙيا هئا، تن ۾ نانگ سڀني کان وڌيڪ چالاڪ هو. هن زال کي چيو تہ ڇا اهو سچ آهي، تہ خدا چيو آهي تہ اوهين باغ جي ڪنهن بہ وڻ جو ميوو نہ کائجو؟


تڏهن خداوند خدا زال کي چيو تہ تو هي ڇا ڪيو؟ زال چيو تہ، نانگ مون کي ڀنڀلايو ۽ مون کاڌو.


۽ شيطان اسرائيل جي برخلاف اُٿيو، ۽ دائود کي چوريائين تہ اسرائيل جو شمار ڪري.


۽ هن چيو تہ آءٌ نڪري ويندس ۽ هن جي سڀني نبين جي وات ۾ ڪوڙ ڳالهائيندڙ روح ٿيندس. ۽ هن چيو تہ تون هن کي ڌتاريندين، ۽ هن تي غالب بہ پوندين: وڃ، وڃي ائين ڪر.


تون ڪنهن بڇڙي ماڻهوءَ کي انهي جي مٿان مقرر ڪر: ۽ ڀلي تہ ڪو دشمن سندس ساڄي هٿ بيٺو رهي.


اي ڏينهن جا تارا، اي صبح جا فرزند، تون ڪيئن آسمان مان ڪري پيو آهين!


انهي ڏينهن خداوند پنهنجي سخت، ۽ وڏيءَ، ۽ مضبوط ترار سان ازدها، يعني تکي نانگ کي، ۽ انهي ازدها، يعني ڏنگي نانگ کي، سزا ڏيندو؛ ۽ هو انهيءَ ازدها کي قتل ڪندو جو سمنڊ ۾ آهي.


خداوند فرمائي ٿو، تہ بگهڙ ۽ گهيٽو گڏ چرندا، ۽ شينهن ڍڳي وانگي گاهہ کائيندو: ۽ مٽي نانگ جو کاڌو ٿيندي. منهنجي سڄي پاڪ جبل ۾ اهي نہ ڪنهن کي ايذاءُ رسائيندا نہ برباد ڪندا.


تنهنجي واپار جي گهڻائي کان هنن تنهنجو وچ ظلم زبردستيءَ سان ڀري ڇڏيو، ۽ تو گناهہ ڪيو آهي: تنهنڪري مون توکي پليت ڄاڻي خدا جي جبل تان اُڇلائي ڇڏيو آهي، ۽ اي ڇانوَ ڏيندڙ ڪروبي، مون توکي باهہ جي پٿرن جي وچ مان ناس ڪري ڇڏيو آهي.


۽ جنهن دشمن اُهي پوکيا، سو آهي شيطان: ۽ لاباري جو وقت آهي جهان جي پڄاڻي، ۽ لاهيارا آهن ملائڪ.


ڇالاءِ جو ڪوڙا مسيح، ۽ ڪوڙا نبي اُٿندا، ۽ وڏيون نشانيون ۽ عجب ڪم ڏيکاريندا؛ انهي لاءِ تہ جي ٿي سگهي تہ اُنهن چونڊيلن کي گمراهہ ڪن.


تڏهن وري هو کٻي پاسي وارن کي چوندو تہ اي ملعونو، مون وٽان ٽري وڃو، ۽ وڃي هميشہ جي باهہ ۾ پئو، جا شيطان ۽ سندس ملائڪن لاءِ تيار ڪئي ويئي آهي.


تنهن کانپوءِ روح يسوع کي رڻ پٽ ڏانهن وٺي ويو، انهي لاءِ تہ شيطان کيس آزمائي.


تڏهن يسوع چيس، تہ اي شيطان، هتان ٽري وڃ، ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ ”تون خداوند پنهنجي خدا کي سجدو ڪر، ۽ رڳو انهي جي ئي عبادت ڪر.“


تڏهن شيطان هن کي پاڪ شهر ۾ وٺي ويو، ۽ هيڪل جي ڪنگري تي بيهاري چيائينس تہ


وري شيطان هن کي هڪڙي تمام اُتانهين جبل تي وٺي ويو، ۽ دنيا جون سڀ بادشاهتون ۽ سندين وڏائي ڏيکاريائينس،


تڏهن پاڻ انهن کي چيائين، تہ مون شيطان کي وڄ وانگر آسمان مان ڪِرندو ڏٺو.


تڏهن هيءَ زال جا ابراهيم جي ڌيءَ آهي، جنهن کي شيطان ارڙهن سالن کان ٻَڌي قابو ڪيو هو، تنهن کي سبت جي ڏينهن اُنهي بند کان ڇڏائڻ روا نہ هو ڇا؟


۽ يهوداهہ جنهن کي اسڪريوتي ڪري سڏيندا هئا، ۽ جو ٻارهن مان هڪڙو هو، تنهن ۾ شيطان اچي گهڙيو.


اي شمعون، شمعون، ڏس شيطان اوهان کي گهُري ورتو تہ اوهان کي ڪڻڪ وانگر ڳاهي:


جيڪي گس تي ڪِريا، سي اُهي آهن جن ٻُڌو آهي، پوءِ شيطان اچي اُنهي ڪلام کي سندن دل مان ڪڍيو وڃي، تہ متان ايمان آڻين ۽ نجات ملين.


هاڻي هن دنيا جي عدالت ٿيندي: هاڻي هن دنيا جي سردار کي لوڌي ڪڍندا.


هن کانپوءِ آئون اوهان سان گهڻيون ڳالهيون ڪين ڪندس، ڇالاءِ جو هن دنيا جو سردار اچي ٿو: جنهن جو مون سان ڪو واسطو ڪونهي؛


عدالت نسبت جو هن دنيا جي سردار جي عدالت ٿي چڪي آهي.


اوهين پنهنجي پيءُ شيطان جا آهيو، ۽ مرضي اٿوَ تہ پنهنجي پيءُ جي خواهشن تي هلو. هُو تہ شروع کان ئي خوني هو، ۽ سچ تي نہ بيٺو، ڇالاءِ تہ سچ منجهس آهي ئي ڪونہ. جڏهن هو ڪوڙ ٿو ڳالهائي، تہ پاڻو ٿو ڳالهائي، ڇوتہ هو ڪوڙو آهي ۽ ڪوڙ جو باني آهي.


تہ تون سندن اکيون کولين، تہ هو اونداهيءَ کان سوجهري ڏانهن، ۽ شيطان جي اختياريءَ کان خدا ڏانهن ڦرن؛ ۽ انهيءَ لاءِ تہ مون تي ايمان آڻڻ ڪري گناهن جي معافي ملين، ۽ جيڪي پاڪ ٿيا آهن، تن سان گڏ ورثو ملين.


پر پطرس چيو تہ اي حننياہ، شيطان ڇو تنهنجي دل ۾ اهڙو خيال ڀريو آهي، جو تو پاڪ روح سان ڪوڙ ڳالهايو، ۽ زمين جي قيمت مان ڪجهہ رکي ڇڏيئي؟


ڇالاءِ جو جيڪي اهڙا آهن سي اسان جي خداوند مسيح جي خدمت نہ پر پنهنجي پيٽ جي ٿا ڪن؛ ۽ پنهنجي سڻڀيءَ ۽ مٺي ٻوليءَ سان ڀورڙن جون دليون ٿا ٺڳين.


پوءِ خدا، جو اطمينان جو چشمو آهي، سو شيطان کي سگهو ئي اوهان جي پيرن هيٺ لتاڙي ڇڏيندو. اسان جي خداوند يسوع مسيح جو فضل شل اوهان سڀني تي هجي.


۽ انهي ۾ ڪوبہ عجب ڪونهي؛ ڇالاءِ جو شيطان بہ هڪڙي نوراني ملائڪ جهڙي شڪل اختيار ٿو ڪري.


پر مون کي اهو ڊپ آهي تہ جيئن نانگ پنهنجي مڪاريءَ سان حوا کي ٺڳيو، تيئن متان ڪنهن نموني اوهان جون دليون بہ انهيءَ سادگيءَ ۽ پاڪيزگيءَ کان بگڙي وڃن، جا مسيح سان هئڻ گهرجي.


۽ ظهورن جي نهايت گهڻائيءَ ڪري متان آئون مغرور ٿي پوان، تنهنڪري منهنجي جسم ۾ هڪڙو ڪنڊو هنيو ويو، تہ شيطان جو قاصد ٿي اهو مون کي تنگ ڪري تہ آئون مغرور نہ ٿيان.


انهي لاءِ تہ شيطان اسان تي قبضو نہ ڪري، جو اسين هن جي منصوبن کان غير واقف نہ آهيون.


ڇالاءِ جو هن دنيا جي سردار بي ايمانن جي دلين کي انڌو ڪري ڇڏيو آهي؛ انهي لاءِ تہ مسيح، جو خدا جي صورت آهي، تنهن جي جلال جي خوشخبريءَ جي روشني انهن تي نہ پوي.


تہ اڳتي اسين ٻار نہ رهون، ۽ ماڻهن جي ٺڳيءَ ۽ مڪاريءَ جي ڪري سندن گمراهہ ڪندڙ منصوبن ۾ ڦاسي، هر ڪنهن قسم جي تعليم جي جهُوٽن ۾ هيڏانهن هوڏانهن نہ اُڇلجون، ۽ گهلجي نہ وڃون؛


ڪنهن بہ طرح ڪنهن ماڻهوءَ جي فريب ۾ نہ اچجو: ڇالاءِ جو اهو ڏينهن تيسين نہ ايندو، جيسين پهرين گمراهي نہ اچي، ۽ گناهہ جو شخص، يعني برباديءَ جو فرزند ظاهر نہ ٿئي.


۽ آدم ٺڳيو نہ ويو، پر سندس زال ٺڳجي گناهہ ۾ گرفتار ٿي.


پر جيڪي بدڪار ۽ ٺڳ آهن، سي ٻين کي ٺڳي، ۽ پاڻ بہ ٺڳجي زيادہ خراب ٿيندا ويندا.


تنهنڪري جڏهن ٻار گوشت ۽ رت ۾ شريڪ آهن، تڏهن هو پاڻ بہ ساڳيءَ طرح انهي ۾ ڀائيوار آهي، تہ جنهن کي موت تي اختيار هو تنهن کي، يعني شيطان کي، موت جي وسيلي نيست ڪري؛


هوشيار ٿيو، سجاڳ رهو؛ اوهان جو دشمن شيطان گجندڙ شينهن وانگر هيڏانهن هوڏانهن پيو گهُمي ۽ وجهہ پيو ڳولي تہ ڪنهن کي ڦاڙي کائي.


اسين ڄاڻون ٿا تہ اسين خدا جا آهيون، پر سارو جهان انهي بڇڙي جي قبضي ۾ آهي.


پر جڏهن وڏي ملائڪ ميڪائيل موسيٰ جي لاش بابت شيطان سان جهيڙو ۽ تڪرار ڪيو، تڏهن کيس ايتري همت نہ ٿي تہ هن جي برخلاف ڦٽڪار ڪري، پر فقط ايترو چيائين تہ خداوند توکي ملامت ڪري.


تنهنڪري، اي آسمان، ۽ آسمان جا رهاڪو، خوشي ڪريو. پر اي زمين ۽ سمنڊ، اوهان جي لاءِ افسوس آهي: ڇالاءِ جو ابليس ڏاڍيءَ ڪاوڙ مان اوهان ڏانهن لهي آيو آهي، ۽ خبر اٿس تہ باقي ٿورو وقت اٿم.


۽ ٻيو بہ هڪڙو نشان آسمان ۾ ڏٺو ويو؛ ۽ ڏسو، هڪڙو وڏو ڳاڙهو ازدها، جنهن کي ست مٿا ۽ ڏهہ سڱ هئا، ۽ سندس مٿن تي ست تاج هئا.


۽ آسمان ۾ جنگ لڳي: ميڪائيل ۽ سندس ملائڪ انهي ازدها سان وڙهڻ لاءِ نڪتا. ۽ ازدها ۽ سندس ملائڪ بہ وڙهڻ لڳا؛


پر اهي غالب نہ پيا، ۽ نڪي وري کين آسمان ۾ ڪا جاءِ ملي.


۽ انهي حيوان جي اڳيان جن نشانن ڪرڻ جو اختيار هن کي ڏنو ويو هو، تن جي ڪري هن زمين جي رهاڪن کي گمراهہ پئي ڪيو، ۽ انهن کي پئي چيائين تہ جنهن حيوان کي ترار جو زخم هو ۽ وري جيئرو ٿي پيو، تنهن جو بُت جوڙيو.


ڇالاءِ جو اهي ڀوتن جا روح آهن، جي نشان ٿا ڏيکارين؛ اهي ساريءَ زمين جي بادشاهن وٽ وڃن ٿا، تان تہ قادر مطلق خدا جي عظيم ڏينهن جي جنگ لاءِ کين گڏ ڪن.


۽ هن وڏي آواز سان چيو تہ ڪِري پيو، وڏو شهر بابل ڪِري پيو، ۽ ڀوتن جي رهڻ جو مڪان ٿي پيو، ۽ سڀ ڪنهن ناپاڪ روح ۽ سڀ ڪنهن ناپاڪ ۽ ڪراهت جهڙي پکيءَ جي رهڻ جي جاءِ ٿي پيو.


۽ تو ۾ وري ڏيئي جو سوجهرو ڪڏهن ڪونہ ٿيندو، ۽ تو ۾ وري گهوٽ ۽ ڪنوار جو آواز ڪڏهن بہ ٻُڌڻ ۾ ڪونہ ايندو! تنهنجا سوداگر زمين جا امير هئا ۽ سڀ قومون تنهنجي جادوگريءَ سان ٺڳجي ويون هيون.


۽ اهو حيوان پڪڙيو ويو ۽ ساڻس گڏ اهو ڪوڙو نبي، جنهن سندس اڳيان اهڙا تہ نشان ڏيکاريا هئا، جن سان هن انهن کي گمراهہ ڪيو هو جن تي انهي حيوان جي ڇاپ هئي، ۽ جن هن جي بُت جي پرستش ڪئي هئي، اهي ٻئي گندرف سان ٻرندڙ باهہ جي ڍنڍ ۾ جيئرا اُڇلايا ويا:


مون کي خبر آهي تہ تون ڪٿي ٿو رهين، يعني اُتي جتي شيطان جو تخت آهي: ۽ تون منهنجي نالي تي قائم آهين، ۽ جن ڏينهن ۾ منهنجو ايماندار شاهد انتيپاس اوهان منجهہ قتل ڪيو ويو، جتي شيطان ٿو رهي، تن ڏينهن ۾ بہ اوهان منهنجي ايمان جو انڪار نہ ڪيو.


پر اوهان ٿواتيرہ جي باقي ماڻهن کي، جيترا اها تعليم نٿا مڃين، ۽ جن کي اُنهن ڳالهين جي خبر ڪانهي جن کي شيطان جون اونهيون ڳالهيون چوندا آهن، تن کي آئون چوان ٿو تہ آئون اوهان تي ڪو ٻيو بار نٿو وجهان.


مون کي تنهنجي مصيبت ۽ تنهنجي مفلسيءَ جي خبر آهي، (پر تون تونگر آهين) ۽ جيڪي پاڻ کي يهودي ٿا سڏائين، ۽ آهن ڪين، پر شيطان جي جماعت آهن، تن جي خبر اٿم تہ ڪيئن نہ تنهنجي گلا پيا ڪن.


۽ شيطان جنهن کين گمراهہ ڪيو هو، سو باهہ ۽ گندرف جي ڍنڍ ۾ اُڇلايو ويندو، جتي اهو حيوان ۽ ڪوڙو نبي بہ آهي؛ ۽ اهي رات ڏينهن اتي هميشہ تائين عذاب پيا سهندا.


۽ ٻاهر وڃي جيڪي قومون زمين جي چئن ئي ڪنڊن ۾ آهن، تن کي يعني ياجوج ۽ ماجوج کي ٺڳيندو، ۽ جنگ جي لاءِ گڏ ڪندو: انهن جو تعداد سمنڊ جي واريءَ جيترو آهي.


ڏس، آئون شيطان جي جماعت مان انهن کي تنهنجي حوالي ڪندس، جي پاڻ کي يهودي ٿا چوائين ۽ آهن ڪين، پر ڪوڙ ٿا ڳالهائين. ڏس، آئون ائين ڪندس جو هو اچي تنهنجي پيرن وٽ سجدو ڪندا، ۽ ڄاڻندا تہ مون توکي پيار ڪيو آهي.


۽ پنجين ملائڪ تري وڄائي ۽ مون آسمان مان زمين تي هڪڙو تارو ڪِريل ڏٺو: ۽ انهي کي اوڙاهہ واري کڏ جي ڪنجي ڏني ويئي.


۽ باقي ماڻهو جي انهن آفتن جي ڪري نہ مُئا، تن پنهنجي هٿن جي ڪمن کان توبهہ نہ ڪئي، ۽ نہ انهيءَ کان، تہ بدروحن جي، ۽ سون، ۽ چاندي، ۽ پتل، ۽ پهڻ، ۽ ڪاٺ جي بُتن جي عبادت نہ ڪن؛ جي نہ ڏسن، نہ ٻُڌن ٿا، نڪي هلي ٿا سگهن:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ