مڪاشفو 12:14 - Sindhi Bible14 ۽ زال کي وڏي عقاب جا ٻہ پر ڏنا ويا، انهي لاءِ تہ نانگ جي منهن کان ٽري اُڏامي بيابان ۾ پنهنجيءَ جاءِ تي وڃي، جتي هڪڙي زماني ۽ زمانن، ۽ اڌ زماني تائين سندس پرورش ٿيڻي هئي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible14 پر ناريءَ کي وڏي عقاب جي پرن جهڙا ٻہ پر ڏنا ويا، تہ جيئن هوءَ اڏامي بيابان ۾ انهيءَ جاءِ تي پهچي وڃي، جيڪا هن لاءِ تيار ڪئي ويئي هئي. اتي انهن ساڍن ٽن سالن تائين انهيءَ ازدها کان محفوظ رکندي سندس سار سنڀال ٿيڻي هئي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible14 پر عورت کي وڏي عقاب جي پرن جهڙا ٻہ پر ڏنا ويا، تہ جيئن هوءَ اڏامي بيابان ۾ انهيءَ جاءِ تي پهچي وڃي، جيڪا هن لاءِ تيار ڪئي ويئي هئي. اتي انهن ساڍن ٽن سالن تائين انهيءَ ازدها کان محفوظ رکندي سندس سار سنڀال ٿيڻي هئي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament14 پر عورت کي وڏي عقاب جا ٻہ پر ڏنا ويا، تہ جيئن ھوءَ بيابان ۾ پنھنجيءَ جاءِ تي پھچي وڃي ۽ نانگ کان محفوظ رھي، جتي ساڍن ٽن سالن تائين سندس پرورش ٿيڻي ھئي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
۽ مون ٻڌو، ڇالاءِ جو انهي ڪتاني پوشاڪ واري ماڻهوءَ، جو نديءَ جي پاڻيءَ تي بيٺو هو، تنهن پنهنجو ساڄو هٿ ۽ ڏائو هٿ آسمان ڏي کڻي، ۽ جيڪو هميشہ جيئرو آهي تنهن جو قسم کڻي چيو، تہ اهو هڪڙو زمانو، ۽ زمانا، ۽ اڌ زماني تائين هلندو؛ ۽ جڏهن هو هن پاڪ قوم جو زور ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيندا، تڏهن هي سڀ ڳالهيون پوريون ٿي وينديون.