Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 11:9 - Sindhi Bible

9 ۽ اُمتن ۽ قبيلن ۽ ٻولين ۽ قومن مان ماڻهو انهن جي لاشن کي ساڍن ٽن ڏينهن تائين ڏسندا رهندا، ۽ سندن لاشا قبر ۾ رکڻ نہ ڏيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 انهن جي لاشن کي سڀني قومن، قبيلن، ٻولين وارن ۽ ذاتين منجھان ڪجھہ ماڻهو ساڍن ٽن ڏينهن تائين ڏسندا رهيا ۽ کين دفن ٿيڻ نہ ڏنائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 انهن جي لاشن کي سڀني قومن، قبيلن، ٻولين وارن ۽ ذاتين منجھان ڪجھہ ماڻهو ساڍن ٽن ڏينهن تائين ڏسندا رهيا ۽ کين دفن ٿيڻ نہ ڏنائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 انھن جي لاشن کي سڀني اُمتن، قبيلن، ٻولين ۽ قومن جا ماڻھو ساڍن ٽن ڏينھن تائين ڏسندا رھندا ۽ قبر ۾ دفن ٿيڻ نہ ڏيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 11:9
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر موٽي آئين، ۽ جنهن هنڌ بابت هن توکي چيو تہ نہ ماني کائج ۽ نہ پاڻي پيئج، انهيءَ هنڌ تو ماني کاڌي آهي ۽ پاڻي پيتو آهي؛ تنهنڪري تنهنجو لاش تنهنجي ابن ڏاڏن جي قبر ۾ نہ ايندو.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو هڪ سؤ ٻار کڻي ڄڻي، ۽ گهڻا ورهيہ جيئي، جنهن ڪري هن جي حياتيءَ جا ڏينهن گهڻا ٿين، پر هن جو روح خوش نہ رهي، ۽ نہ هو دفن ڪيو وڃي؛ تہ آءٌ چوان ٿو تہ وقت کان اڳي جو ڪريل ٻار آهي سو انهي کان چڱو آهي:


افسوس آهي توتي جو لٽين ٿو، ۽ پاڻ لٽيو نہ وئين؛ ۽ ٺڳي ٿو ڪرين، پر هنن تو سان ٺڳي نہ ڪئي! جڏهن تون ڦرلٽ ڪري بس ڪندين تڏهن تون لٽبين؛ جڏهن تون ٺڳي ڪري بس ڪندين، تڏهن اهي تو سان ٺڳي ڪندا.


۽ انهي قوم جا مڙهہ، هوا جي پکين ۽ زمين جي جانورن جو قوت ٿيندا؛ ۽ ڪوبہ انهن کي هڪالي نہ ڪڍندو.


ڇالاءِ جو جهڙيءَ طرح اوهين عيب جوئي ڪندا، تهڙيءَ طرح اوهان جي بہ عيب جوئي ٿيندي. ۽ جنهن ماپ سان اوهين مئي ڏيندا، تنهن سان اوهان کي بہ مئي ملندو.


۽ مون کي چيو ويو تہ توکي ضرور گهڻين اُمتن، ۽ قومن، ۽ ٻولين، ۽ بادشاهن جي نسبت ۾ پيشنگوئي ڪرڻي پوندي.


۽ ساڍن ٽن ڏينهن کانپوءِ خداوند وٽان حياتيءَ جو روح انهن ۾ اچي پيو، ۽ هو اُٿي پيرن ڀر کڙا ٿيا، ۽ جن کين ڏٺو، تن کي ڏاڍو خوف ٿيو.


۽ کيس اهو اختيار ڏنو ويو تہ پاڪ ٿيلن سان جنگ ڪري ۽ کين شڪست ڏئي، ۽ هن کي سڀ ڪنهن قبيلي، ۽ اُمت، ۽ ٻوليءَ، ۽ قوم تي اختيار ڏنو ويو.


پوءِ هن مون کي چيو تہ جيڪي پاڻي تو ڏٺا، ۽ جن تي اُها ڪسبياڻي ويٺي هئي، سي اُمتون، ميڙاڪا، قومون ۽ ٻوليون آهن.


۽ جڏهن هن ڪتاب ورتو، تڏهن اهي چار جاندار ۽ چوويهہ بزرگ انهي گهيٽي کي پيرين پيا، ۽ هرهڪ وٽ هڪڙو تنبورو، ۽ لوبان سان ڀريل سونا پيالا هئا، جي پاڪ ٿيلن جون دعائون آهن.


۽ هڪڙو نئون راڳ ڳائڻ لڳا، تہ تون انهي ڪتاب وٺڻ ۽ اُنهي جي مهرن کولڻ جي لائق آهين: ڇالاءِ جو تون ڪُٺو ويو هئين، ۽ سڀ ڪنهن قبيلي، ۽ ٻوليءَ، ۽ اُمت، ۽ قوم جي ماڻهن کي پنهنجي رت سان تو ملهہ ورتو آهي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ