Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 11:6 - Sindhi Bible

6 انهن کي اختياري آهي تہ آسمان بند ڪري ڇڏين، تان تہ سندن نبوت جي ڏينهن ۾ مينهن نہ پوي. ۽ پاڻيءَ تي بہ کين اختياري آهي، تہ انهي کي بدلائي رت ڪري وجهن، ۽ جيترا ڀيرا مرضي پوينِ، اوترا ڀيرا زمين تي هر طرح جي آفت آڻين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 انهن شاهدن کي اختيار آهي تہ آڪاش بند ڪري ڇڏين، تہ جيئن جيستائين هو سنديش ٻڌائيندا رهن، تيستائين مينهن نہ وسي. هنن کي اهو بہ اختيار آهي تہ پاڻيءَ کي بدلائي رت بڻائي ڇڏين ۽ زمين تي هر طرح جون آفتون آڻين. ائين هو جيترا دفعا چاهين ڪري سگھن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 انهن شاهدن کي اختيار آهي تہ آسمان بند ڪري ڇڏين، تہ جيئن جيستائين هو پيغام ٻڌائيندا رهن، تيستائين مينهن نہ وسي. هنن کي اهو بہ اختيار آهي تہ پاڻيءَ کي بدلائي رت بڻائي ڇڏين ۽ زمين تي هر طرح جون آفتون آڻين. ائين هو جيترا دفعا چاهين ڪري سگھن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 انھن شاھدن کي اختيار آھي تہ آسمان بند ڪري ڇڏين ۽ جيستائين ھو پيشنگوئي ڪندا رھن، تيستائين مينھن نہ وسي. انھن کي پاڻيءَ تي اختيار آھي تہ ان کي بدلائي رت بڻائي ڇڏين ۽ جيترا دفعا چاھين زمين تي ھر طرح جون آفتون آڻين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 11:6
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ايلياہ تشبي، جو جلعاد جي رهاڪن مان هو، تنهن اخي آب کي چيو تہ خداوند اسرائيل جي جيئري خدا جو قسم آهي، جنهن جي اڳيان آءٌ بيٺو آهيان، تہ منهنجي چئي بنا هنن ورهين ۾ ماڪ يا مينهن نہ پوندو.


پر آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ ايلياہ جي ڏينهن ۾ جڏهن ساڍا ٽي ورهيہ آسمان پوريو پيو هو، ۽ سڄي ملڪ ۾ ڏڪر هو، تڏهن اسرائيل ۾ گهڻيئي بيوهہ زالون هيون،


۽ آئون پنهنجن ٻن شاهدن کي اختياري ڏيندس، ۽ هو کٿو ڍڪي هڪ هزار ٻہ سؤ سٺ ڏينهن نبوت ڪندا.


۽ ٻئي پنهنجو پيالو سمنڊ تي اوتيو؛ ۽ اُهو مُئل ماڻهوءَ جي رت جهڙو ٿي پيو؛ ۽ سمنڊ ۾ جيڪي جاندار هئا، سي سڀ مري ويا.


۽ ٽئين پنهنجو پيالو ندين ۽ پاڻيءَ جي چشمن تي اوتيو؛ ۽ اُنهن جو پاڻي رت ٿي پيو.


۽ ٻئي ملائڪ تري وڄائي تہ ڄڻ باهہ سان ٻرندڙ هڪڙو وڏو جبل اُڇلجي وڃي سمنڊ ۾ پيو، ۽ سمنڊ جو ٽيون حصو رت ٿي پيو؛


اسان سان ويل ٿيو! هنن طاقت وارن معبودن جي هٿان اسان کي ڪير ڇڏائيندو؟ هي اُهي معبود آهن جن مصرين کي بيابان ۾ هر قسم جي آفتن سان شڪست ڏني.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ