Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 11:5 - Sindhi Bible

5 ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو کين نقصان رسائڻ جي ٿو ڪري، تہ سندن وات مان باهہ ٿي نڪري، ۽ سندن دشمنن کي ساڙيو ڇڏي: ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهن کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪندو تہ هو ضرور انهيءَ طرح مارجي ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 جيڪڏهن ڪو انهن شاهدن کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو تہ انهن جي وات مان باهہ نڪري سندن دشمنن کي ساڙي ٿي ڇڏي. هائو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهن کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪندو تہ اهو ضرور اهڙيءَ طرح ئي ماريو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 جيڪڏهن ڪو انهن شاهدن کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو تہ انهن جي وات مان باهہ نڪري سندن دشمنن کي ساڙي ٿي ڇڏي. هائو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهن کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪندو تہ اهو ضرور اهڙيءَ طرح ئي ماريو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 جيڪڏھن ڪو انھن کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو تہ انھن جي وات مان باھہ ٿي نڪري، جيڪا سندن دشمنن کي ساڙي ٿي ڇڏي. سو جيڪڏھن ڪو ماڻھو انھن کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪندو تہ اھو بہ اھڙيءَ طرح مارجي ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 11:5
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن جي ناسن مان دونهون نڪتو، ۽ سندس وات مان باهہ نڪري ڀسم ڪرڻ لڳي: جنهن جي ڪري ڪوئلا ٻري پيا.


پر سچائيءَ سان هو غريبن جو انصاف ڪندو، ۽ زمين جي مسڪينن جي خاطر عدالت سان ملامت ڪندو، ۽ هو زمين کي پنهنجي وات جي لٺ سان ماريندو، ۽ پنهنجن چپن جي دم سان شريرن کي ڪهي ڇڏيندو.


ڏس، اڄوڪي ڏينهن مون توکي قومن تي ۽ حڪومتن تي مقرر ڪيو آهي، انهي لاءِ تہ تون پٽين ۽ ڀڃي ڊاهي وجهين، ۽ ناس ڪرين، ۽ اونڌو ڪري ڪيرائين؛ اڏائين ۽ پوکين.


تنهن ڪري خداوند، لشڪرن جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، ڇالاءِ جو اوهين اهڙي ڳالهہ ٿا ڪريو تنهن ڪري آءٌ پنهنجو ڪلام تنهنجي وات ۾ باهہ ڪندس، ۽ هن قوم کي ڪاٺ ڪندس، ۽ اهو هنن کي ساڙي ٻاري ڇڏيندو.


۽ اُهو مون انهي رويا موافق ٿي ڏٺو، هائو، انهي رويا وانگر ٿي ڏٺم جڏهن آءٌ اهو شهر ناس ڪرڻ آيو هوس؛ ۽ اُهي رويا بہ اُنهي رويا جهڙا هئا، جي مون ڪبار نديءَ جي ڪناري تي ڏٺا هئا: ۽ آءٌ منهن ڀر ڪِري پيس.


تنهنڪري مون هنن کي نبين جي وسيلي گهائل ڪيو آهي؛ مون هنن کي پنهنجي وات جي لفظن سان ڪُٺو آهي: ۽ منهنجون فتوائون انهي روشنيءَ وانگر آهن جا اڳيان هلي ٿي.


پر منهنجا حڪم ۽ منهنجا قاعدا، جي مون پنهنجن ٻانهن کي فرمايا، اُهي اوهانجن ابن ڏاڏن کي نہ پهتا ڇا؟ ۽ هنن ڦري چيو، تہ جيئن لشڪرن جي خداوند کي وڻيو، تيئن هن اوهان سان ڪيو، يعني اسان کي اسانجين راهن ۽ ڪمن جو بدلو ڏنو اٿس.


ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جلال جي لاءِ هن مون کي انهن قومن ۾ موڪليو، جن اوهان کي ڦُريو لُٽيو آهي: ڇالاءِ جو جيڪو اوهان کي ڇُهي ٿو، سو هن جي اک جي ماڻڪيءَ کي ٿو ڇُهي.


۽ هن وڏا نشان ڪري ٿي ڏيکاريا، ايتري قدر جو هن ماڻهن جي اڳيان آسمان مان زمين تي باهہ ٿي ڪيرائي.


۽ انهيءَ طرح رويا ۾ مون اهڙا گهوڙا ۽ انهن جا سوار ڏٺا، جن جي ڇاتيءَ جي زرهن جو رنگ ڄڻ تہ سرخ، نيلو ۽ پيلو هو. ۽ انهن گهوڙن جا منهن شينهن جي منهن جهڙا هئا؛ ۽ انهن جي واتن مان باهہ، ۽ دونهون، ۽ گندرف پئي نڪتو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ