Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 11:12 - Sindhi Bible

12 ۽ هنن آسمان مان هڪڙو وڏو آواز ٻُڌو، جنهن کين چيو تہ هيڏانهن اچو! ۽ هو ڪڪر تي چڙهي آسمان ۾ ويا؛ ۽ سندن دشمنن کين ڏٺو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 ان وقت ايشور جو سنديش ڏيندڙ انهن شاهدن آڪاش مان هڪڙو وڏو آواز ٻڌو جنهن کين چيو تہ ”هيڏانهن مٿي اچو.“ تنهن تي اهي ٻيئي شاهد ڪڪر ۾ آڪاش ڏانهن ويا ۽ دشمن کين ڏسندا رهيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 ان وقت خدا جو پيغام ڏيندڙ انهن شاهدن آسمان مان هڪڙو وڏو آواز ٻڌو جنهن کين چيو تہ ”هيڏانهن مٿي اچو.“ تنهن تي اهي ٻيئي شاهد ڪڪر ۾ آسمان ڏانهن ويا ۽ دشمن کين ڏسندا رهيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 انھن نبين آسمان مان ھڪڙو وڏو آواز ٻڌو جنھن کين چيو تہ ”ھيڏانھن اچو.“ ھو ڪڪر تي سوار ٿي آسمان ڏانھن ويا ۽ دشمن کين ڏسندا رھيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 11:12
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن خداوند ايلياہ کي هڪڙي واچوڙي ۾ مٿي آسمان ۾ کڻڻ وارو هو، تڏهن ايلياہ اليشع سان گڏجي جلجال ڏي ويو.


۽ هيئن ٿيو تہ جيئن هو ڳالهائيندا هليا ٿي ويا تيئن ڏس، هڪڙو باهہ جو رٿ، ۽ باهہ جا گهوڙا ڏسڻ ۾ آيا، جن هنن ٻنهي کي هڪٻئي کان ڌار ڪري ڇڏيو؛ ۽ ايلياہ هڪڙي واچوڙي ۾ آسمان ڏانهن چڙهي ويو.


۽ نبين جا پٽ، جي يريحو ۾ هئا، سي اليشع وٽ آيا، ۽ انهيءَ کي چيائون تہ اها ڪا توکي خبر آهي يا نہ تہ اڄ خداوند تنهنجي ڌڻيءَ کي تنهنجي مٿي تان کڻي ويندو؟ ۽ هن ورندي ڏني تہ هائو مون کي اها خبر آهي؛ اوهين ماٺ ڪري ويهو.


۽ نبين جي پٽن مان پنجاهہ ڄڻا وڃي پري کان هن جي سامهون بيهي رهيا: ۽ هو ٻئي يردن جي ڀرسان بيهي رهيا.


بدڪار اهو ڏسي سڙي ويندو؛ هو اهو ڏسي ڏند ڪرٽيندو، ۽ ڳري ويندو. بڇڙن جي مراد تباهہ ٿي ويندي.


اي خداوند، ڪير تنهنجي خيمي ۾ ٽڪندو؟ ڪير تنهنجي پاڪ جبل تي رهندو؟


ڪير خداوند جي جبل تي چڙهندو؟ ۽ ڪير سندس پاڪ مڪان ۾ بيهندو؟


اي خداوند مون کي ڀلائيءَ جو ڪو نشان ڏيکار؛ تہ جن کي مون سان نفرت ۽ عداوت آهي سي اهو ڏسي شرمندا ٿين، ڇو جو تو منهنجي مدد ڪئي آهي، ۽ مون کي دلاسو ڏنو اٿيئي.


هنن جي گاڏين جا ڦيٿا ڦاسائي ڇڏيائين، جنهن ڪري هو ڏاڍيءَ مشڪلات سان انهن کي هلائي سگهيا؛ ۽ مصري چوڻ لڳا تہ اچو تہ اسرائيل جي منهن تان ٽري ڀڄي وڃون؛ ڇالاءِ جو خداوند انهن جي پاران مصرين سان وڙهي ٿو.


۽ تو پنهنجي دل ۾ چيو تہ آءٌ چڙهي آسمان ۾ ويندس، آءٌ پنهنجو تخت خدا جي تارن کان بہ مٿي رکندس؛ ۽ آءٌ جماعت واري جبل تي، اُتر جي تمام پرانهن ڀاڱن ۾ وڃي ويهندس:


پر جيڪي خداوند جا منتظر ٿا رهن، سي نئون زور حاصل ڪندا؛ اهي عقابن وانگي کنڀن سان چڙهندا؛ اهي ڊوڙندا ۽ ٿڪبا ڪين، اهي هلندا ۽ ماندا ڪين ٿيندا.


هي ڪير آهن جي بادلن وانگر، ۽ جيئن ڪبوتر پنهنجين درين ڏانهن اُڏامن، تيئن اُڏامندا ٿا اچن؟


تڏهن اوهين موٽندا، ۽ شرير ۽ سچار جي وچ ۾، ۽ خداوند جي عبادت ڪندڙ ۽ بي دين جي وچ ۾ امتياز ڪندا.


۽ مئلن جي عالم ۾، جتي هو عذابن منجهہ هو، اُتي هن اکيون مٿي کڻي ڏٺو تہ پريان ابراهيم ۽ سندس هنج ۾ لعزر ڏسڻ ۾ آيس.


۽ اڃا ايترو چيائين، ۽ هنن بيٺي نهاريو، تہ هو مٿي کڄي ويو؛ ۽ هڪڙي ڪڪر جي ڪري سندن نظر کان غائب ٿي ويو.


انهن کانپوءِ اسين جي جيئرا آهيون ۽ ڇڏيا ويا آهيون، سي اُنهن سان گڏ مٿي ڪڪرن ۾ کڄي وينداسين، انهي لاءِ تہ هوا ۾ خداوند جو استقبال ڪريون: اهڙيءَ طرح اسين هميشہ خداوند سان گڏ رهنداسين.


۽ هن کي پٽ ڄائو، يعني اُهو ٻار جو لوهہ جي لٺ سان سڀني قومن تي حڪم هلائڻ وارو آهي. ۽ انهيءَ زال جو ٻار خدا ڏانهن ۽ سندس تخت ڏانهن هڪدم کڄي ويو.


جيڪو غالب پوندو تنهن کي آئون پنهنجي تخت تي پاڻ سان ويهاريندس، جهڙي طرح ڪ آئون پاڻ بہ غالب پيس، ۽ پنهنجي پيءُ سان گڏ سندس تخت تي ويٺس.


انهن ڳالهين کانپوءِ مون نهاريو ۽ ڏٺو تہ آسمان ۾ هڪڙو کليل دروازو آهي، ۽ پهريون آواز جو مون ٻُڌو، سو تريءَ جهڙو هو، جنهن مون سان ڳالهائي چيو تہ هيڏانهن اچ، تہ آئون توکي اهي ڳالهيون ڏيکاريندس جي هن کانپوءِ ٿيڻ واريون آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ