Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 10:9 - Sindhi Bible

9 ۽ آئون اُنهي ملائڪ وٽ ويس ۽ چيومانس تہ مون کي اهو ننڍڙو ڪتاب ڏي. ۽ هن مون کي چيو تہ وٺ ۽ کاءُ؛ ۽ اهو تنهنجو پيٽ ڪَڙو ڪندو، پر تنهنجو وات اهڙو مٺو ٿيندو جهڙي ماکي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 آءٌ انهيءَ دوت وٽ ويس ۽ کيس وينتي ڪيم تہ ”اهو ننڍڙو ويڙهوٽو مون کي ڏيو.“ هن مون کي چيو تہ ”هي وٺ ۽ کاءُ. هي تنهنجو پيٽ ڪؤڙو ڪندو. پر شروعات ۾ تنهنجي وات کي اهڙو مٺو لڳندو جهڙي ماکي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 آءٌ انهيءَ ملائڪ وٽ ويس ۽ کيس عرض ڪيم تہ ”اهو ننڍڙو ويڙهوٽو مون کي ڏيو.“ هن مون کي چيو تہ ”هي وٺ ۽ کاءُ. هي تنهنجو پيٽ ڪؤڙو ڪندو. پر شروعات ۾ تنهنجي وات کي اهڙو مٺو لڳندو جهڙي ماکي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 آءٌ انھيءَ ملائڪ وٽ ويس ۽ کيس چيم تہ ”اھو ننڍڙو ڪتاب مون کي ڏي.“ ھن مون کي چيو تہ ”وٺ ۽ کاءُ، اھو تنھنجو پيٽ ڪڙو ڪندو، پر تنھنجو وات اھڙو مٺو ٿيندو جھڙي ماکي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 10:9
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ هن جي چپن جي حڪمن کان ڦري نہ ويو آهيان: مون هن جي ڪلام کي پنهنجي ضروري کاڌي کان بہ وڌيڪ سانڍي رکيو آهي.


تنهنجو ڪلام مون لڌو، ۽ اُهو مون کاڌو؛ ۽ تنهنجون ڳالهيون منهنجي لاءِ خوشي ۽ منهنجي دل جي سرهائي هيون: ڇالاءِ جو اي لشڪرن جا خداوند خدا، آءٌ تنهنجي نالي سان ٿو سڏجان.


پر اي آدمزاد، جيڪي آءٌ توکي چوان ٿو سو تون ٻڌ؛ هن باغي گهراڻي جهڙو تون باغي نہ ٿيءُ: پنهنجو وات پَٽ ۽ جيڪي توکي ڏيان ٿو سو کاءُ.


انهيءَ طرح روح مون کي مٿي کڻي هليو ويو: ۽ آءٌ تلخيءَ ۾، ۽ پنهنجي اندر جي جوش ۾ هليو ويس، ۽ خداوند جو هٿ مون تي مضبوط هو.


انهن ڳالهين جي ڪري خدا جو غضب نافرمانيءَ جي فرزندن تي نازل ٿو ٿئي؛


۽ مون ملائڪ جي هٿان اهو ننڍڙو ڪتاب ورتو ۽ کاڌو، ۽ اهو منهنجي وات ۾ ماکيءَ جهڙو مٺو لڳو: ۽ جڏهن اُهو کائي بس ڪيم، تڏهن منهنجو پيٽ ڪَڙو ٿي پيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ