Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 10:7 - Sindhi Bible

7 پر ستين ملائڪ جي آواز جي وقت جڏهن هو تري وڄائيندو تڏهن خدا جو راز پورو ٿيندو، جو هن پنهنجن ٻانهن يعني نبين تي ظاهر ڪيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 پر انهن ڏينهن ۾ جڏهن ستون دوت توتارو وڄائڻ وارو هوندو تڏهن ايشور پنهنجي ڀيد جون ڳالهيون پوريون ڪندو، جيڪي هن پنهنجي داسن يعني سنديش ڏيندڙ سنتن کي ٻڌايون هيون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 پر انهن ڏينهن ۾ جڏهن ستون ملائڪ توتارو وڄائڻ وارو هوندو تڏهن خدا پنهنجي راز جون ڳالهيون پوريون ڪندو، جيڪي هن پنهنجي ٻانهن يعني نبين کي ٻڌايون هيون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 پر انھيءَ وقت جڏھن ستون ملائڪ توتارو وڄائڻ وارو ھوندو تڏھن خدا جو راز پورو ٿيندو، جيڪو ھن پنھنجي ٻانھن يعني نبين تي ظاھر ڪيو ھو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 10:7
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يقين آهي تہ خداوند ڪي بہ ڪين ڪندو، پر هو پنهنجو ڳجهہ پنهنجن ٻانهن نبين کي ظاهر ڪري ٻڌائيندو:


هو تيستائين ضرور آسمان ۾ رهندو، جيستائين ڪ سڀني ڳالهين جي بحال ٿيڻ جا ڏينهن اچن، جن بابت خدا پنهنجي پاڪ نبين جي واتان دنيا جي شروع کان وٺي چيو هو.


ڇالاءِ جو اي ڀائرو، منهنجي اها مرضي نہ آهي تہ پنهنجي هٺ جي ڪري پاڻ کي ڏاهو سمجهي اوهين هن راز کان غير واقف رهو؛ تہ اسرائيل ۾ جا ڪجهہ قدر سنگدلي پيدا ٿي آهي، سا انهي لاءِ تہ غير قومون پوريءَ طرح داخل ڪيون وڃن.


هاڻي جو راز ازل کان وٺي پوشيدہ رکيو ويو هو، ۽ جو هاڻي ازلي خدا جي حڪم موجب نبين جي لکيتن جي وسيلي، سڀني قومن تي پڌرو ڪيو ويو آهي، انهي لاءِ تہ هو ايمان جا تابعدار ٿين،


۽ مون هڪڙو ملائڪ آسمان ۾ اُڏامندو ڏٺو، جنهن وٽ زمين جي رهاڪن، ۽ سڀ ڪنهن قوم، ۽ قبيلي، ۽ ٻوليءَ ۽ اُمت کي ٻُڌائڻ لاءِ هميشہ جي خوشخبري هئي.


ڇالاءِ جو خدا هنن جي دل ۾ وجهندو تہ هو سندس مرضيءَ تي هلن، ۽ هڪڙيءَ راءِ تي اچي بيهن، ۽ پنهنجي پنهنجي بادشاهت انهي جانور کي ڏين، جيسين ڪ خدا جون ڳالهيون پوريون ٿين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ