Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 10:4 - Sindhi Bible

4 ۽ جڏهن ستن گجگوڙين جا آواز ٿيا، تڏهن آئون لکڻ تي هوس: پر مون آسمان مان هڪڙو آواز ٻُڌو، جنهن چيو تہ جي ڳالهيون اُنهن ستن گجگوڙين ڪيون، تن تي مهر هڻي ڇڏ، ۽ اُهي نہ لک.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 جڏهن گجگوڙن جا اهي ست آواز ٻڌڻ ۾ آيا تہ مون انهن جون ڳالهيون لکڻ جو ارادو ڪيو. پر آڪاش مان هڪڙو آواز ٻڌم، جنهن چيو تہ ”جيڪي ڳالهيون انهن ستن گجندڙ آوازن ڪيون، تن کي ڳجھو رک ۽ لک نہ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 جڏهن گجگوڙن جا اهي ست آواز ٻڌڻ ۾ آيا تہ مون انهن جون ڳالهيون لکڻ جو ارادو ڪيو. پر آسمان مان هڪڙو آواز ٻڌم، جنهن چيو تہ ”جيڪي ڳالهيون انهن ستن گجندڙ آوازن ڪيون، تن کي ڳجھو رک ۽ لک نہ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 جڏھن گجگوڙن جا ست آواز ٻڌڻ ۾ آيا تہ مون لکڻ جو ارادو ڪيو. پر آسمان مان ھڪڙو آواز ٻڌم جنھن چيو تہ ”جيڪي ڳالھيون انھن ستن گجگوڙن ڪيون، تن کي راز ۾ رک ۽ لک نہ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 10:4
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ سڀني جي رويا اوهان لاءِ هڪڙي مهر لڳل بند ڪتاب جي لفظن وانگر ٿيندي، جو ماڻهو ڪنهن عالم شخص کي ڏين ۽ چون تہ مهرباني ڪري هي پڙهہ، ۽ هو چوي تہ آءٌ پڙهي نٿو سگهان؛ ڇو تہ هن تي مهر لڳل آهي:


۽ خداوند مون کي فرمايو تہ هڪڙي وڏي تختي کڻ ۽ انهي تي صاف اکرن ۾ لک تہ مهير شالال حاش باز لاءِ:


تون اها شاهدي بند ڪر، ۽ شريعت تي مهر هڻي منهنجي شاگردن کي ڏي.


پر اي داني ايل، تون پنهنجون ڳالهيون بند ڪر، ۽ پڇاڙيءَ جي وقت تائين پنهنجي ڪتاب تي مهر ڪر: گهڻا هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙندا، ۽ علم زيادہ ٿيندو.


۽ هن چيو تہ اي داني ايل، پنهنجي واٽ وٺي هليو وڃ: ڇالاءِ جو ڳالهيون بند ٿي ويون آهن، ۽ پڇاڙيءَ جي وقت تائين انهن تي مهر لڳي ويئي آهي.


۽ سانجهين ۽ صبحن وارو رويا، جو فرمايو ويو آهي سو سچو آهي: پر تون اُهو رويا بند ڪري ڇڏ؛ ڇالاءِ جو اُهو گهڻن ڏينهن کانپوءِ اچڻ واري وقت جي بابت آهي.


غيب جو مالڪ تہ خداوند اسان جو خدا آهي: پر جيڪي ڳالهيون ظاهر ڪيون ويون آهن، سي هميشہ لاءِ اسان جون ۽ اسان جي اولاد جون آهن، انهي لاءِ تہ اسين هن شريعت جي سڀني ڳالهين تي عمل ڪريون.


جنهن چيو تہ جيڪي تون ڏسين ٿو سو ڪتاب ۾ لک، ۽ اُهو ستن ئي ڪليسيائن ڏانهن ڏياري موڪل؛ يعني افسس ڏانهن، ۽ سمرنہ ڏانهن، ۽ پرگمن ڏانهن، ۽ ٿواتيرہ ڏانهن، ۽ سرديس ڏانهن، ۽ فلدلفيہ ڏانهن، ۽ لوديڪيہ ڏانهن.


تنهنڪري اهي ڳالهيون جي تو ڏٺيون، ۽ اهي ڳالهيون جي آهن، ۽ اهي ڳالهيون جي هن کانپوءِ جلد ٿيڻيون آهن، سي لک؛


۽ جيڪو آواز مون آسمان مان ٻُڌو هو، تنهن کي وري ڳالهائيندو ٻُڌم، تہ جيڪو ملائڪ سمنڊ تي ۽ زمين تي بيٺو آهي، تنهن جي هٿ مان اِهو کليل ڪتاب وڃي وٺ.


۽ هن مون کي چيو تہ هن ڪتاب جي نبوت جي ڳالهين تي مهر نہ هڻ؛ ڇالاءِ جو اهو وقت ويجهو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ