Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 10:11 - Sindhi Bible

11 ۽ مون کي چيو ويو تہ توکي ضرور گهڻين اُمتن، ۽ قومن، ۽ ٻولين، ۽ بادشاهن جي نسبت ۾ پيشنگوئي ڪرڻي پوندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 پوءِ مون کي چيو ويو تہ ”تو لاءِ اهو لازم آهي تہ تون گھڻين قومن، قبيلن، ٻولين وارن ۽ راجائن جي باري ۾ ايشور جو وڌيڪ فرمان ٻڌاءِ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 پوءِ مون کي چيو ويو تہ ”تو لاءِ اهو لازم آهي تہ تون گھڻين قومن، قبيلن، ٻولين وارن ۽ بادشاهن جي باري ۾ خدا جو وڌيڪ فرمان ٻڌاءِ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 پوءِ مون کي چيو ويو تہ ”تو کي ھڪ دفعو وري اُمتن، قومن، ٻولين ۽ بادشاھن جي باري ۾ پيشنگوئي ڪرڻي پوندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 10:11
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ آءٌ انهي زمين تي اُهي سڀ ڳالهيون آڻيندس جي انهن جي برخلاف مون اڳيئي ظاهر ڪيون آهن، يعني اُهي سڀ جي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن، جي يرمياہ سڀني قومن جي برخلاف نبوت ڪري ٻڌايون آهن.


وري هن مون کي چيو تہ تون هنن هڏين تي نبوت ڪري چئُہ، تہ اي سُڪل هڏيون، اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو.


تڏهن هن مون کي فرمايو تہ هوا سان نبوت ڪر؛ اي آدمزاد، هوا سان نبوت ڪري ڳالهاءِ، ۽ چئينس تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اي روح، چئني پاسي جي هوائن کان اچ، ۽ هنن مُئلن تي ڦوڪ تہ هو زندہ ٿي پون.


۽ مون ملائڪ جي هٿان اهو ننڍڙو ڪتاب ورتو ۽ کاڌو، ۽ اهو منهنجي وات ۾ ماکيءَ جهڙو مٺو لڳو: ۽ جڏهن اُهو کائي بس ڪيم، تڏهن منهنجو پيٽ ڪَڙو ٿي پيو.


۽ مون کي ماپ ڪرڻ لاءِ هڪڙو ڪانو ڏنو ويو: ۽ هڪڙي چيو تہ اُٿ، ۽ وڃي خدا جي پاڪ جاءِ ۽ قربانگاهہ جي، ۽ جيڪي منجهس عبادت ٿا ڪن، تن جي ماپ ڪر.


۽ اُمتن ۽ قبيلن ۽ ٻولين ۽ قومن مان ماڻهو انهن جي لاشن کي ساڍن ٽن ڏينهن تائين ڏسندا رهندا، ۽ سندن لاشا قبر ۾ رکڻ نہ ڏيندا.


۽ مون هڪڙو ملائڪ آسمان ۾ اُڏامندو ڏٺو، جنهن وٽ زمين جي رهاڪن، ۽ سڀ ڪنهن قوم، ۽ قبيلي، ۽ ٻوليءَ ۽ اُمت کي ٻُڌائڻ لاءِ هميشہ جي خوشخبري هئي.


۽ اهي ست بادشاهہ آهن؛ انهن مان پنج ڪِري پيا، هڪڙو موجود آهي ۽ هڪڙو اڃا آيو ئي ڪينهي؛ ۽ جڏهن اهو ايندو تڏهن ضرور ٿوري وقت تائين رهندو.


۽ جيڪي ڏهہ سڱ تو ڏٺا سي اُهي ڏهہ بادشاهہ آهن جن کي اڃا ڪا بادشاهت ڪانہ ملي آهي؛ پر انهي جانور سان گڏ هڪڙي ڪلاڪ تائين کين بادشاهن جهڙو اختيار ملندو.


پوءِ هن مون کي چيو تہ جيڪي پاڻي تو ڏٺا، ۽ جن تي اُها ڪسبياڻي ويٺي هئي، سي اُمتون، ميڙاڪا، قومون ۽ ٻوليون آهن.


۽ هڪڙو نئون راڳ ڳائڻ لڳا، تہ تون انهي ڪتاب وٺڻ ۽ اُنهي جي مهرن کولڻ جي لائق آهين: ڇالاءِ جو تون ڪُٺو ويو هئين، ۽ سڀ ڪنهن قبيلي، ۽ ٻوليءَ، ۽ اُمت، ۽ قوم جي ماڻهن کي پنهنجي رت سان تو ملهہ ورتو آهي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ