Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 10:10 - Sindhi Bible

10 ۽ مون ملائڪ جي هٿان اهو ننڍڙو ڪتاب ورتو ۽ کاڌو، ۽ اهو منهنجي وات ۾ ماکيءَ جهڙو مٺو لڳو: ۽ جڏهن اُهو کائي بس ڪيم، تڏهن منهنجو پيٽ ڪَڙو ٿي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 مون اهو ننڍڙو ويڙهوٽو دوت کان وٺي کائي ڇڏيو. منهنجي وات ۾ تہ اهو ماکيءَ جهڙو مٺو لڳو، پر جڏهن کائي بس ڪيم تہ منهنجو پيٽ ڪؤڙو ٿي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 مون اهو ننڍڙو ويڙهوٽو ملائڪ کان وٺي کائي ڇڏيو. منهنجي وات ۾ تہ اهو ماکيءَ جهڙو مٺو لڳو، پر جڏهن کائي بس ڪيم تہ منهنجو پيٽ ڪؤڙو ٿي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 مون اھو ننڍڙو ڪتاب ملائڪ کان ورتو ۽ کاڌم. اھو منھنجي وات ۾ ماکيءَ جھڙو مٺو لڳو. پر جڏھن کائي بس ڪيم تہ منھنجو پيٽ ڪڙو ٿي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 10:10
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شل منهنجا خيال کيس پسند اچن: آءٌ خداوند ۾ خوش رهندس.


تنهنجو ڪلام منهنجي لاءِ ڪهڙو نہ مٺو آهي! هائو منهنجي وات کي ماکيءَ کان بہ مٺو ٿو لڳي.


اهي سون کان، بلڪ ڪُندن کان بہ وڌيڪ دلپسند آهن: اهي ماکيءَ کان ۽ ان جي ماناري کان بہ مٺا آهن.


وڻندڙ ڳالهيون ماکيءَ جي ماناري جهڙيون آهن، روح جي لاءِ مٺيون آهن ۽ هڏن جي لاءِ تندرستي آهن.


۽ هن اُها منهنجي اڳيان پکيڙي رکي؛ ۽ اُها اندران ٻاهران لکيل هئي: ۽ انهي ۾ زاريون ۽ ماتم ۽ ڏک جون ڳالهيون هيون.


انهيءَ طرح روح مون کي مٿي کڻي هليو ويو: ۽ آءٌ تلخيءَ ۾، ۽ پنهنجي اندر جي جوش ۾ هليو ويس، ۽ خداوند جو هٿ مون تي مضبوط هو.


۽ هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، هيءَ ويڙهي جا آءٌ توکي ڏيان ٿو، تنهن سان پنهنجو پيٽ ڀر. تڏهن مون اُها کاڌي؛ ۽ اُها منهنجي وات کي اهڙي مٺي لڳي جهڙي ماکي.


۽ مون کي چيو ويو تہ توکي ضرور گهڻين اُمتن، ۽ قومن، ۽ ٻولين، ۽ بادشاهن جي نسبت ۾ پيشنگوئي ڪرڻي پوندي.


۽ آئون اُنهي ملائڪ وٽ ويس ۽ چيومانس تہ مون کي اهو ننڍڙو ڪتاب ڏي. ۽ هن مون کي چيو تہ وٺ ۽ کاءُ؛ ۽ اهو تنهنجو پيٽ ڪَڙو ڪندو، پر تنهنجو وات اهڙو مٺو ٿيندو جهڙي ماکي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ