Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 1:2 - Sindhi Bible

2 جنهن خدا جي ڪلام جي گواهي ۽ يسوع مسيح جي شاهدي ڏني، يعني انهن شين جي، جي هن ڏٺيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 پوءِ يوحنا انهن سڀني ڳالهين جي شاهدي ڏني جيڪي هن ڏٺيون، يعني ايشور جو سنديش ۽ يسوع مسيح جي شاهدي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 پوءِ يوحنا انهن سڀني ڳالهين جي شاهدي ڏني جيڪي هن ڏٺيون، يعني خدا جو پيغام ۽ عيسيٰ مسيح جي شاهدي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 پوءِ يوحنا انھن ڳالھين جي گواھي ڏني جيڪي ھن ڏٺيون، يعني خدا جو ڪلام ۽ عيسيٰ مسيح جي شاھدي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 1:2
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يوحنا شاهدي ڀري چيو، تہ مون روح کي ڪبوتر وانگر آسمان مان لهندو ۽ مٿس ويهندو ڏٺو آهي.


تڏهن جنهن مهل هن لعزر کي قبر مان سڏيو ۽ مُئلن مان جيئاريو هو، تنهن مهل جيڪي ماڻهو ساڻس هئا، تن پئي شاهدي ڀري.


۽ جنهن ڏٺو آهي، تنهن شاهدي ڀري آهي، ۽ سندس شاهدي سچي آهي: ۽ هن کي خبر آهي تہ هو سچ ٿو چوي، انهي لاءِ تہ اوهين پاڻ ايمان آڻيو.


هيءُ اُهو شاگرد آهي جو اُنهن ڳالهين جي شاهدي ٿو ڀري، ۽ اهي ڳالهيون لکيون اٿس: ۽ اسان کي خبر آهي تہ سندس شاهدي سچي آهي.


آئون توکي سچ سچ ٿو چوان تہ اسين جيڪي ڄاڻون ٿا، تنهن جي ڳالهہ ٿا ڪريون، ۽ جيڪي ڏٺو اٿئون، تنهن جي شاهدي ٿا ڀريون؛ ۽ اوهين اسان جي شاهدي قبول نٿا ڪريو.


ڇالاءِ جو جيڪي تو ڏٺو ۽ ٻُڌو آهي، تنهن جو سڀني ماڻهن جي اڳيان سندس شاهد ٿيندين.


پر اُٿي بيهہ: ڇالاءِ جو مون انهي مطلب لاءِ توکي ڏيکاري ڏني آهي تہ توکي انهن سڀني ڳالهين جو خدمتگار ۽ شاهد مقرر ڪريان، جن لاءِ تو مون کي ڏٺو آهي، ۽ جن لاءِ آئون توکي ڏيکاري ڏيندس؛


ڇالاءِ جو ٿيڻي نہ آهي تہ جيڪي ڳالهيون اسان ڏٺيون ۽ ٻُڌيون آهن، سي نہ ڪريون.


جيئن مسيح جي شاهدي اوهان ۾ قائم آهي،


اي ڀائرو، جڏهن آئون اوهان وٽ آيس، تڏهن اعليٰ درجي جي تقرير ۽ ڏاهپ سان خدا جي راز جي منادي ڪين ڪيم.


زندگيءَ جو ڪلام، جو شروعات کان وٺي هو، جو اسان ٻُڌو، ۽ پنهنجين اکين سان ڏٺو، ۽ جو اسان غور سان ڏٺو ۽ هٿن سان ڇهيو، تنهن بابت


۽ اسان ڏٺو آهي ۽ شاهدي ٿا ڀريون، تہ پيءُ پٽ کي موڪليو آهي تہ جهان جو نجات ڏيندڙ ٿئي.


دميتريس بابت سڀيئي ماڻهو ۽ خود حق بہ شاهدي ٿو ڏئي، بلڪ آئون بہ شاهدي ٿو ڏيان، ۽ تون ڄاڻين ٿو تہ منهنجي شاهدي سچي آهي.


جنهن چيو تہ جيڪي تون ڏسين ٿو سو ڪتاب ۾ لک، ۽ اُهو ستن ئي ڪليسيائن ڏانهن ڏياري موڪل؛ يعني افسس ڏانهن، ۽ سمرنہ ڏانهن، ۽ پرگمن ڏانهن، ۽ ٿواتيرہ ڏانهن، ۽ سرديس ڏانهن، ۽ فلدلفيہ ڏانهن، ۽ لوديڪيہ ڏانهن.


تنهنڪري اهي ڳالهيون جي تو ڏٺيون، ۽ اهي ڳالهيون جي آهن، ۽ اهي ڳالهيون جي هن کانپوءِ جلد ٿيڻيون آهن، سي لک؛


آئون يوحنا، جو اوهان جو ڀاءُ ۽ يسوع مسيح جي مصيبت، ۽ بادشاهت، ۽ صبر ۾ اوهان جو شريڪ آهيان، آئون خدا جي ڪلام ۽ يسوع جي شاهديءَ لاءِ اُنهي ٻيٽ ۾ هئس، جو پتمس ٿو سڏجي.


۽ هو گهيٽي جي رت جي وسيلي ۽ پنهنجي شاهديءَ جي ڪلام ڪري مٿس غالب پيا، ڇالاءِ جو هنن موت تائين پنهنجو ساهہ پيارو نہ سمجهيو.


۽ ازدها کي انهيءَ زال تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، ۽ سندس باقي اولاد، جو خدا جي حڪمن تي ٿو هلي، ۽ يسوع جي شاهدي ٿو ڀري، تنهن سان جنگ ڪرڻ لاءِ ويو.


۽ مون تخت ڏٺا، ۽ جيڪي مٿن ويٺا هئا تن کي عدالت سونپي ويئي؛ ۽ جن جون يسوع جي شاهديءَ، ۽ خدا جي ڪلام جي ڪري سسيون لاٿيون ويون هيون، ۽ جن انهي حيوان جي پرستش نہ ڪئي، نڪي سندس بُت جي، ۽ جن پنهنجي پيشانيءَ ۽ پنهنجي هٿ تي ڇاپ نہ هڻائي هئي، تن جي روحن کي ڏٺم؛ ۽ اُهي جيئرا ٿيا، ۽ مسيح سان گڏ هزار ورهين تائين بادشاهي ڪندا رهيا.


شل خداوند يسوع جو فضل اوهان تي ٿيندو رهي. آمين.


۽ جڏهن هن پنجين مهر کولي، تڏهن مون قربانگاهہ جي هيٺان اُنهن جا روح ڏٺا جي خدا جي ڪلام ۽ پنهنجي شاهديءَ جي صدقي قتل ڪيا ويا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ