Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 1:17 - Sindhi Bible

17 ۽ جڏهن مون هن کي ڏٺو، تڏهن مردي وانگر سندس پيرن وٽ ڪِري پيس، ۽ هن پنهنجو ساڄو هٿ مون تي رکي چيو تہ ڊڄ نہ؛ آئون اول ۽ آخر آهيان،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 جڏهن مون هن کي ڏٺو تہ سندس پيرن تي ڪري مُڙدي وانگر پئجي رهيس. هن پنهنجو ساڄو هٿ مون تي رکي چيو تہ ”ڊڄ نہ، آءٌ شروعات، پڇاڙي

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 جڏهن مون هن کي ڏٺو تہ سندس پيرن تي ڪري مُڙدي وانگر پئجي رهيس. هن پنهنجو ساڄو هٿ مون تي رکي چيو تہ ”ڊڄ نہ، آءٌ شروعات، پڇاڙي

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 جڏھن مون ھن کي ڏٺو تہ سندس پيرن تي ڪري مُڙدي وانگر پئجي رھيس. ھن پنھنجو ساڄو ھٿ مون تي رکي چيو تہ ”ڊڄ نہ، آءٌ اول ۽ آخر آھيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 1:17
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هنن ڳالهين کان پوءِ خداوند جو ڪلام رويا ۾ ابرام تي نازل ٿيو، ۽ چيائينس تہ اي ابرام ڊڄ نہ، آءٌ تنهنجي ڍال ۽ تنهنجو وڏو انعام آهيان.


تو مون کي اڳيان پٺيان گهيري ڇڏيو آهي، ۽ مون تي پنهنجو هٿ رکيو اٿيئي.


تڏهن موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ڊڄو نہ، صبر ڪريو خداوند جو ڇوٽڪارو ڏسو جو اڄ هو ظاهر ڪندو: ڇالاءِ تہ جن مصرين کي اوهين اڄ ڏسو ٿا، تن کي وري ڪڏهن بہ ڪين ڏسندا.


پر موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ڊڄو نہ، ڇالاءِ جو خدا اوهان جي آزمائش وٺڻ آيو آهي، تہ هن جو خوف اوهان جي سامهون رهي، ۽ اوهين گناهہ نہ ڪريو.


وري هيئن بہ چيائينس تہ آءٌ تنهنجي پيءُ جو خدا، ابرهام جو خدا، اسحاق جو خدا، ۽ يعقوب جو خدا آهيان. تڏهن موسيٰ پنهنجو منهن کڻي لڪايو، ڇو جو هو خدا ڏانهن نهارڻ کان ڊنو ٿي.


تون ڊڄ نہ، ڇالاءِ جو آءٌ تو سان آهيان؛ همت نہ هار ڇو تہ آءٌ تنهنجو خدا آهيان: آءٌ توکي طاقت بخشيندس؛ هائو آءٌ تنهنجي مدد ڪندس؛ هائو، آءٌ پنهنجي سچائيءَ جي ساڄي هٿ سان توکي سنڀالي وٺندس.


ڪنهن اُهو ڪم ڪيو آهي، ۽ پيڙهين کي شروعات کان سڏيو آهي؟ مون خداوند، جو اول ۽ آخر آهيان، اهو مون ڪيو آهي.


خداوند، اسرائيل جو بادشاهہ، ۽ انهي جو نجات ڏيندڙ، لشڪرن جو خداوند، هيئن ٿو فرمائي: تہ آءٌ اول ۽ آخر آهيان؛ ۽ مون کان سواءِ ٻيو خدا ڪونهي.


اي يعقوب، اي اسرائيل جنهن کي مون سڏيو آهي، منهنجي ڳالهہ ٻڌ: آءٌ اُهو آهيان؛ آءٌ اول آهيان ۽ آءٌ آخر بہ آهيان.


جنهن ڏينهن مون توکي سڏ ڪيو انهيءَ ڏينهن تون مون کي ويجهو آئين: تو چيو تہ ڊڄ نہ.


آس پاس واري روشنائي اهڙي ٿي ڏسڻ ۾ آئي جهڙي مينهن واري ڏينهن ڪڪر ۾ ڪمان جي شڪل ۾ ڏسڻ ۾ اچي. خداوند جي جلال جي شڪل اهڙي ڏسڻ ۾ ٿي آئي. ۽ جڏهن مون اهو ڏٺو، تڏهن آءٌ منهن ڀر ڪِري پيس، ۽ مون هڪڙي ڳالهائيندڙ جو آواز ٻڌو.


تڏهن هن مون کي چيو، تہ داني ايل، ڊڄ نہ؛ ڇالاءِ جو شروع کان، جنهن ڏينهن تو سمجهڻ جي لاءِ، ۽ پنهنجي خدا جي اڳيان نماڻي ٿيڻ جي لاءِ، دل ۾ ارادو ڪيو، تنهن ڏينهن کان وٺي تنهنجي دعا ٻڌي ويئي: ۽ آءٌ تنهنجي دعا جي سبب آيو آهيان.


۽ جڏهن هن مون سان انهي طرح ڳالهايو، تڏهن مون پنهنجو منهن زمين ڏانهن ڪيو، ۽ گونگو ٿي بيهي رهيس.


مون ٻڌو ۽ منهنجي دل ڏڪي ويئي، ۽ آواز ٻڌڻ تي منهنجا چپ ڏڪڻ لڳا؛ منهنجي هڏن ۾ ساڙ گهڙي ويو، ۽ آءٌ بيٺي بيٺي ڏڪڻ لڳس: پر آءٌ صبر ۾ انهي قوم جي مصيبت جي ڏينهن جو منتظر آهيان، جي گڏجي حملو ٿا ڪن.


پر يسوع انهي دم کين چيو، تہ دلجاءِ ڪريو، آئون آهيان؛ ڊڄو نہ.


۽ انهي جي ڊپ کان پهري وارا ڏڪي ويا، ۽ مڙدن وانگر ٿي پيا.


۽ انهي ملائڪ ورندي ڏيئي زالن کي چيو، تہ اوهين ڊڄو نہ، ڇالاءِ جو مون کي خبر آهي تہ اوهين يسوع کي ٿيون ڳوليو، جنهن کي صليب تي چاڙهيو هئائون.


۽ سندس شاگردن مان هڪڙو، جنهن تي يسوع جو پيار هو، تنهن يسوع جي ڇاتيءَ تي ليٽي ويٺي کاڌو.


پطرس پٺيان ڦري نهاريو ۽ ڏٺائين تہ اُهو شاگرد جنهن تي يسوع جو پيار هو، سو پٺيان پيو اچي؛ جنهن رات جي مانيءَ مهل بہ سندس سيني تي ٽيڪ ڏيئي چيو هوس تہ خداوند توکي ڪير جهلائيندو؟


جنهن چيو تہ جيڪي تون ڏسين ٿو سو ڪتاب ۾ لک، ۽ اُهو ستن ئي ڪليسيائن ڏانهن ڏياري موڪل؛ يعني افسس ڏانهن، ۽ سمرنہ ڏانهن، ۽ پرگمن ڏانهن، ۽ ٿواتيرہ ڏانهن، ۽ سرديس ڏانهن، ۽ فلدلفيہ ڏانهن، ۽ لوديڪيہ ڏانهن.


يوحنا جي طرفان اُنهن ستن ڪليسيائن ڏانهن يا جي آسيا ۾ آهن. جو آهي، ۽ جو هو، ۽ جو اچڻو آهي، انهي وٽان فضل ۽ اطمينان شل اوهان تي هجي؛ ۽ اُنهن ستن روحن وٽان جي سندس تخت جي اڳيان آهن؛


خداوند خدا، جو آهي، ۽ جو هو، ۽ جو اچڻو آهي، اُهو قادر مطلق فرمائي ٿو تہ آئون الفا ۽ اوميگا آهيان.


۽ سمرنہ واريءَ ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن لک، تہ جيڪو اول ۽ آخر آهي، ۽ جو مري ويو هو ۽ وري جيئرو ٿيو، سو چوي ٿو تہ


آئون الفا ۽ اوميگا، پهريون ۽ پويون، اول ۽ آخر آهيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ